پريا ڪماري جي گمشدگي، قانون ۽ نظام جي ناڪامي

عبدالمجيد نائچ

ڪنهن به معاشري جي سڃاڻپ ان ڳالهه مان ٿيندي آهي ته اهو پنهنجي ٻارن، عورتن ۽ ڪمزور طبقن کي ڪيترو محفوظ بڻائي سگهي ٿو. جڏهن ڪنهن ملڪ يا صوبي ۾ هڪ معصوم ٻارڙي اوچتو گم ٿي وڃي ۽ سالن تائين سندس ڪو پتو نه پوي ته اهو سڄي سماج جي ضمير، قانون، انصاف ۽ حڪومتي ڪارڪردگيءَ تي وڏو سوال بڻجي ويندو آهي. سنڌ جي معصوم نينگري پريا ڪماري جي گمشدگي به اهڙو ئي هڪ دردناڪ واقعو آهي، جنهن ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي ماڻهن کي بيچين ڪري رکيو آهي. وقت گذرندو ويو، پوليس آفيسر ايندا ويندا رهيا، جاچ ڪميٽيون ٺهنديون رهيون، پر پريا اڄ به پنهنجي والدين جي اکين کان اوجهل آهي. سندن والدين هر صبح هڪ نئين اميد سان اٿن ٿا ته شايد اڄ سندن ڌيءَ واپس موٽي اچي، پر هر شام مايوسي سندن در تي دستڪ ڏئي ٿي.

سال 2021ع ۾ ڏهين محرم جي ڏينهن سکر ڀرسان سنگرار واري علائقي ۾ پريا ڪماري پنهنجي والد سان گڏ عزادارن کي سبيل پياري رهي هئي ته ماڻهن جي اچ وڃ دوران پريا اوچتو نظرن کان اوجهل ٿي وئي. شروعات ۾ سڀني سمجهيو ته شايد هوءَ ويجهو ئي هوندي، پر جڏهن گهڻي ڳولا باوجود سندس ڪو پتو نه پيو ته والدين جي خوشين ڀري دنيا هڪ پل ۾ اجڙي وئي. پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، ايف آءِ آر داخل ٿي، مختلف هنڌن تي ڳولا شروع ٿي، پر  پريا  بازياب نه ٿي سگهي.

پريا جي گمشدگي کان پوءِ سندس خاندان ڪيترائي ڀيرا حڪومت، پوليس ۽ ٻين ادارن وٽ فريادون ڪيون. سندس والد راج ڪمار ڪيترن ئي پريس ڪانفرنسن ۾ روئيندي صرف هڪ ئي اپيل ڪئي ته جيڪڏهن سندس ڌيءَ زنده آهي ته کيس واپس آندو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪو سانحو پيش آيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ حقيقت سامهون آندي وڃي ته جيئن سندن انتظار ختم ٿي سگهي. هڪ پيءُ لاءِ پنهنجي ٻار جي گمشدگي شايد دنيا جو سڀ کان وڏو عذاب هوندو آهي پريا جي ماءُ جو درد به ڪنهن کان لڪل ناهي. ڪيترن ئي احتجاجن دوران سندس اکين مان وهندڙ ڳوڙها اهو ٻڌائيندا رهيا ته ماءُ جي ممتا وقت سان ختم نه ٿيندي آهي. هر گذرندڙ ڏينهن سان سندس اميد ڪمزور ضرور ٿيندي آهي، پر ختم نٿي ٿئي. هوءَ اڄ به اهو يقين رکي ٿي ته سندس ڌيءَ ڪنهن نه ڪنهن هنڌ زنده هوندي ۽ هڪ ڏينهن ضرور واپس ايندي.

پوليس مختلف وقتن تي جاچ جون دعوائون ڪيون. گڏيل جاچ ٽيمون ٺاهيون ويون، ڪيترن ئي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، مختلف ضلعن ۾ ڇاپا هنيا ويا، ڪچي جي علائقن تائين ڳولا ڪئي وئي، جديد ٽيڪنالاجي ۽ فرانزڪ جا به دعويٰ ڪيا ويا، پر عملي طور نتيجو اڃا تائين ٻڙي آهي. ڪيترائي ڀيرا اعليٰ اختيارين چيو ته اهم اڳڀرائي ٿي رهي آهي، ڪجهه ڀيرا اهو به چيو ويو ته پريا جيئري هجڻ جا امڪان موجود آهن، پر انهن بيانن کان پوءِ به سندس بازيابي ممڪن نه بڻجي سگهي.

پريا جي ڪيس مان اهو به ظاهر ٿيو آهي ته پاڪستان ۾ گم ٿيل ٻارن بابت جاچ وارو نظام اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿيڻ جي ضرورت رکي ٿو. جديد دنيا ۾ سي سي ٽي وي نيٽ ورڪ، ڊي اين اي ٽيسٽ، فرانزڪ سائنس ۽ مصنوعي ذهانت ذريعي ڪيترائي ڏکيا ڪيس به حل ٿي وڃن ٿا، پر پاڪستان ۾ اڃا تائين ڪيترن ئي معاملن ۾ روايتي جاچ تي ڀاڙڻو پوي ٿو. جيڪڏهن جديد ٽيڪنالاجي ۽ ادارن وچ ۾ بهتر رابطي کي يقيني بڻايو وڃي ته مستقبل ۾ اهڙن ڪيترن ئي واقعن کي روڪي به سگهجي ٿو ۽ جلد حل به ڪري سگهجي ٿو.

پريا ڪماري جي گمشدگي کي ڪيترائي سال گذري چڪا آهن ته سندس تصوير اڃا تائين سنڌ جي هزارين ماڻهن جي ذهنن ۾ موجود آهي. ڪيترائي والدين پنهنجي ٻارن کي ڏسندي پريا کي ياد ڪن ٿا، ڪيترائي ماڻهو دعا ڪن ٿا ته هوءَ جتي به هجي، خيريت سان هجي ۽ هڪ ڏينهن پنهنجي گهر واپس اچي. هي دعا صرف هڪ خاندان لاءِ نه، پر سڄي سماج جي انسانيت لاءِ آهي.

جيستائين هن ڪيس جو انجام سامهون نٿو اچي، تيستائين هي سوال زنده رهندو ته آخر هڪ معصوم نينگري جي ڳولا ۾ اسان جو نظام ڇو ناڪام رهيو؟ ۽ شايد ان سوال جو جواب ملڻ ئي مستقبل ۾ اهڙن ڪيترن ئي ٻارن جي حفاظت جو سبب بڻجي سگهي ٿو. پريا جي واپسي صرف هڪ ماءُ جي اکين ۾ خوشي نه آڻيندي، پر اها انصاف تي عوام جي اعتماد جي بحالي جو به هڪ اهم نشان هوندي.

 

You might also like