سنڌ ۾ منشيات جو وڌندڙ واهپو هن وقت هڪ انتهائي ڳڻتي جوڳي سماجي بيماريءَ جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. افسوسناڪ صورتحال اها آهي ته نئين نسل لاءِ نشي جو استعمال هاڻي خوراڪ جيان اهم بڻجندو پيو وڃي، جتي ڪيترائي نوجوان کائڻ پيئڻ جي شين کان وڌيڪ نشي آور شين کي ترجيح ڏين ٿا. ان تباهيءَ سبب سوين انساني زندگيون داءُ تي لڳل آهن ۽ انتها اها آهي ته نشي جي طلب پوري ڪرڻ لاءِ ماڻهو پنهنجون ملڪيتون ۽ گھرن جا ننگ نياڻيون وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. سڄي سنڌ جي هر ننڍي توڙي وڏي شهر ۾ نشي آور شيون عام وڪري جي سامان وانگر دستياب آهن، جتي زيڊ-21 سوپاري، آئس، چرس، آفيم، هيرون، شراب ۽ ڀنگ جهڙيون نشي آور شيون سرعام وڪامي رهيون آهن. هن وقت منشيات کي سنڌ جو سڀ کان وڏو ۽ منافعي بخش ڪاروبار بڻايو ويو آهي، جنهن مان ڏوهاري مافيا روزانو لکين ۽ ڪروڙين رپيا ڪمائي رهي آهي. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته هن ڪاروبار کي هلائيندڙ سان پوليس جا ڪي آفيسر به مليل آهن.
جڏهن به عوامي دٻاءُ وڌي ٿو ته حڪومت پاران پوليس ۽ انتظاميا کي منشيات خلاف ڪارروائي لاءِ ”فري هينڊ“ ڏيڻ جا وڏا وڏا دعويٰ ڪيا ويندا آهن، پر انهن هٿراڌو ڪارروائين جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته منشيات بند ٿيڻ بدران ويتر مهانگي ٿي ويندي آهي. مثال طور، ويهه رپين واري ممنوع سوپاري ڪارروائيءَ کانپوءِ ٽيهه رپين ۾ ملڻ شروع ٿي ويندي آهي، پر ان جو وڪرو بند ناهي ٿيندو. اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته هتي جنهن به شي خلاف سرڪاري ڪارروائي ٿئي ٿي، اها بند ڪرڻ لاءِ نه پر ان جا بليڪ مارڪيٽ ۾ اگھه وڌائڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي. سنڌ ۾ منشيات جي هن تيزي سان پکڙجڻ جا ڪيترائي سبب آهن، جن ۾ وڌندڙ بيروزگاري، معاشي بدحالي، غربت، ذهني دٻاءُ، والدين جي لاپرواهي، گهريلو ماحول جو اڻ سازگار هجڻ، خراب دوستن جي خراب صحبت، قانون جي ڪمزوري ۽ منشيات جي آسان دستيابي شامل آهن. شروعات ۾ ڪجهه نوجوان صرف تجربي يا دوستن جي اثر هيٺ اچي نشو واپرائين ٿا، جيڪا پوءِ آهستي آهستي سندن هڪ مستقل عادت ٿي وڃي ٿي.
نشي جي لعنت نوجوانن جي جسماني ۽ ذهني صحت کي مڪمل طور تي اپاهج بڻائي ڇڏي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ شاگرد تعليمي سرگرمين کان پري ٿي وڃن ٿا، سندن سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت ختم ٿي وڃي ٿي، ۽ نيٺ اهي پنهنجي نشي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ چوري، ڌاڙن، تشدد ۽ ٻين غيرقانوني سرگرمين جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پون ٿا. منشيات رڳو هڪ فرد کي تباهه نٿي ڪري، پر پوري خاندان جي امن ۽ خوشحالي کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏي ٿي. جڏهن ڪنهن به سماج جو نوجوان طبقو منشيات جو شڪار ٿيندو آهي، ته اتي ڏوهن جي شرح وڌي وڃي ٿي، امن امان جي صورتحال خراب ٿئي ٿي ۽ ملڪ جي ترقيءَ لاءِ گهربل اصل انساني وسيلو ضايع ٿي ويندو آهي. حڪومت کي صحت جي شعبن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ بحالي مرڪزن تي اضافي خرچ ڪرڻو پوي ٿو، جيڪو اڳي ئي بحرانن جو شڪار قومي معيشت تي هڪ وڏو بار بڻجي ٿو.
هن ناسور مان جان ڇڏائڻ لاءِ رڳو بيان بازي ڪافي ناهي، پر حڪومت، والدين، استادن، مذهبي اڳواڻن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کي گڏجي هڪ گڏيل ۽ عملي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. منشيات جي وڏن ڊيلرن ۽ سهولتڪارن خلاف بنا ڪنهن رعايت جي سخت ترين قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ پوليس جي صفن ۾ موجود ڪاري رڍن جو خاتمو ڪيو وڃي. ان سان گڏوگڏ سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ منشيات جي نقصانن بابت خاص آگاهي سيمينار ڪرايا وڃن، نوجوانن کي صحتمند تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ راندين جا ميدان آباد ڪيا وڃن ۽ لائبريرين جو ڄار وڇايو وڃي. سرڪاري سطح تي جديد سهولتن سان ليس نشي مان ڇوٽڪاري جا مرڪز قائم ڪيا وڃن، جتي متاثر نوجوانن جو مفت علاج ڪيو وڃي ۽ والدين کي به گهرجي ته اهي پنهنجي ٻارن جي سرگرمين ۽ صحبت تي ڪڙي نظر رکن.
منشيات هڪ خطرناڪ ۽ خاموش زهر آهي، جيڪو اسان جي نئين نسل جي مستقبل کي تيزيءَ سان کائي رهيو آهي. نوجوان ئي ڪنهن به قوم جو سڀ کان وڏو سرمايو هوندا آهن، تنهن ڪري انهن جي حفاظت ۽ صحيح تربيت اسان سڀني جي گڏيل قومي ذميواري آهي. جيڪڏهن حڪومت هاڻي به هوش مان ڪم وٺندي اثرائتا قدم نه کنيا ويا ته هي زهر نه ڄاڻ ٻيون ڪيتريون ئي انساني حياتيون ڳڙڪائي ويندو.