پنجاب ۾ عام طور جنسي زيادتي جي جوابدارن کي سي ٽي ڊي پوليس گرفتار ڪري انهن کي "فل فرائي” ڪرڻ جون خبرون ۽ دعوائون سامهون اينديون رهيون آهن، پر لاهور واقعي جي جوابدارن جو سياسي پسمنظر هجڻ سبب ان ڪيس کي عام پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي. اهو ئي نقطو هن وقت عوامي ۽ سياسي حلقن ۾ سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ آهي. جيڪڏهن هڪ عام شهري تي اهڙو الزام هجي ته جاچ جو معيار هڪ هجي ۽ جيڪڏهن جوابدار طاقتور خاندان سان واسطو رکي ته ساڳيو معيار تبديل ٿي وڃي، ته پوءِ قانون جي برابري بابت سوال پيدا ٿيڻ لازمي آهن. اهو سوال به اٿاريو پيو وڃي ته ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ڏوهارين کي مقابلي ۾ مارڻ، سخت ڪارروائين يا سي ٽي ڊي حوالي ڪرڻ جا مثال ڏنا ويندا آهن، جڏهن ته هن حساس ۽ بين الاقوامي نوعيت جي ڪيس ۾ عام پوليس کي ذميواري ڏني وئي آهي. اهڙي فرق بابت شفاف وضاحت ڏيڻ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي
پاڪستان جي سياسي منظرنامي تي هن وقت اڳ ئي غير يقيني جي فضا قائم آهي. اقتدار جي ايوانن ۾ گردش ڪندڙ سرگوشيون ڪنهن وڏي تبديليءَ جو پتو ڏئي رهيون آهن. موجوده سياسي نظام، جنهن کي مخالف ڌريون "فارم 47” جي بنيادن تي قائم ٿيل نظام قرار ڏين ٿيون، اڳ ئي سخت تنقيد جي ور چڙهيل آهي. اهڙي حساس وقت ۾ جيڪڏهن حڪمران اتحاد جي هڪ اهم شخصيت جي خاندان بابت اهڙو سنگين الزام سامهون اچي، ته ان جا سياسي اثر محدود نٿا رهي سگهن. هن وقت سياسي حلقن ۾ "اسڪينڊلز جو موسم” جهڙو اصطلاح به استعمال ٿي رهيو آهي. پراڻا معاملا ٻيهر کلي رهيا آهن، بند ٿيل فائلون نئين سر ڏٺيون پيون وڃن ۽ طاقت جي مرڪزن ۾ نيون صف بنديون تيزي سان ٺهي رهيون آهن. بجيٽ جي منظوري کان پوءِ اهو به تاثر ملي رهيو آهي ته احتساب جو رخ آهستي آهستي حڪومتي اتحاد جي ڪجهه اهم شخصيتن ڏانهن به ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن اهو تاثر حقيقت ۾ تبديل ٿيو ته پاڪستان جي سياسي تاريخ هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي سگهي ٿي.
انهيءَ پسمنظر ۾ لاهور وارو واقعو رڳو هڪ ڪيس نه رهيو آهي، پر اهو اسحاق ڊار جي سياسي مستقبل سان پڻ ڳنڍجي ويو آهي. جيڪڏهن جاچ غير شفاف رهي يا حڪومت تي اثرانداز ٿيڻ جا الزام وڌيا ته اهو معاملو اسحاق ڊار لاءِ سياسي طور وڏو امتحان ثابت ٿي سگهي ٿو. هن واقعي سبب هو موجوده سياسي دٻاءَ جو پهريون وڏو نشانو بڻجي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته مخالف ڌريون اڳ ئي حڪومت جي ڪارڪردگي، قانون جي حڪمراني ۽ احتساب جي معيار تي سوال اٿاري رهيون آهن. ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ احتساب جي روايت اڳ ئي تڪراري رهي آهي. هر حڪومت پنهنجي مخالفن خلاف ڪارروائي کي احتساب سڏي ٿي، جڏهن ته پنهنجن ماڻهن بابت خاموشي اختيار ڪرڻ تي مجبور نظر اچي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن لاهور واقعي ۾ به قانون جي برابري نظر نه آئي ته عوام جو اعتماد وڌيڪ متاثر ٿيندو.
هن وقت طاقت جي مرڪزن ۾ نيون سياسي صف بنديون به جاري آهن. اهو تاثر ڏيندڙ ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن ته مستقبل ۾ ڪنهن "ٽين سياسي قوت” کي اڳيان آڻڻ لاءِ ماحول تيار ڪيو پيو وڃي، جيئن روايتي وڏين جماعتن کي دٻاءَ ۾ رکيو وڃي ۽ ضرورت پوڻ تي سياسي توازن پنهنجي مرضي مطابق قائم رکيو وڃي. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اهڙا تجربا اڳ به ٿيندا رهيا آهن، پر انهن مان ڪنهن به ملڪ کي ڊگهي مدي وارو سياسي استحڪام نه ڏنو آهي. ٻئي طرف ڪجهه سياسي جماعتن جا پنهنجا فيصلا به سندن ڪمزوري جو سبب بڻيا آهن. چونڊن جو بائيڪاٽ، پارلياماني سياست کان پري رهڻ ۽ احتجاجي حڪمت عملين تي وڌيڪ ڀاڙڻ سبب ڪيترين ئي جماعتن جي سياسي قوت متاثر ٿي آهي. نتيجي ۾ اقتدار جو ميدان محدود ماڻهن جي هٿن ۾ وڌيڪ مرڪوز ٿيندو ويو آهي.
سياسي بحران سان گڏ معاشي بحران به شدت اختيار ڪري رهيو آهي. فلاحي منصوبن جو خاتمو، مهانگائي، بيروزگاري ۽ بجلي جي شعبي ۾ موجود تضاد عوام لاءِ زندگي وڌيڪ ڏکي بڻائي ڇڏيو آهي. پاڪستان وٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود هجڻ باوجود عوام ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ مهانگي بجلي برداشت ڪرڻ تي مجبور آهي. اهڙين حالتن ۾ جيڪڏهن حڪومت جي اهم شخصيتن سان لاڳاپيل اسڪينڊلز به سامهون اچن ته پوءِ حڪومت جي سياسي ۽ اخلاقي حيثيت وڌيڪ ڪمزور ٿيندي آهي. عالمي سطح تي به اهڙا واقعا پاڪستان جي ساک تي خراب اثر وجهن ٿا، خاص طور جڏهن الزام پرڏيهي شهرين سان لاڳاپيل هجن. البته اهو به قانون جو بنيادي اصول آهي ته ڪنهن به شخص کي عدالت جي فيصلي کان اڳ ڏوهاري قرار نٿو ڏئي سگهجي. رضا ڊار ۽ ٻين جوابدارن کي به قانون موجب پنهنجو دفاع ڪرڻ ۽ منصفاڻي جاچ جو مڪمل حق حاصل آهي. ساڳئي وقت متاثر ڌرين کي به مڪمل انصاف ملڻ گهرجي. تنهن ڪري جاچ اهڙي هئڻ گهرجي جيڪا نه سياسي اثر هيٺ هجي، نه ميڊيا جي دٻاءَ هيٺ ۽ نه ئي ڪنهن طاقتور شخصيت جي مفادن جي تابع هجي. هن ڪيس جي شفاف جاچ صرف هڪ خاندان يا هڪ سياسي شخصيت جو مسئلو ناهي، پر اها پاڪستان جي عدالتي ۽ انتظامي نظام جي اعتبار جو سوال آهي. جيڪڏهن عوام کي اهو محسوس ٿيو ته طاقتور لاءِ الڳ قانون آهي ته پوءِ ادارن تي اعتماد وڌيڪ گهٽجندو، جيڪو ڪنهن به جمهوري نظام لاءِ خطرناڪ هوندو.
اڄ پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت اهڙي احتساب جي آهي، جيڪو چونڊيل نه پر سڀني لاءِ برابر هجي. جيڪڏهن سي ٽي ڊي جا اختيار ڪنهن خاص قسم جي ڪيسن ۾ استعمال ٿين ٿا ته پوءِ انهن جي استعمال بابت واضح ۽ هڪجهڙا اصول هجڻ گهرجن. جيڪڏهن عام پوليس جاچ ڪري ٿي ته پوءِ به اها مڪمل طور آزاد، غيرجانبدار ۽ شفاف هجڻ لازمي آهي. قانون جو اصل امتحان تڏهن هوندو آهي جڏهن جوابدار طاقتور هجي، ڇو ته ڪمزور خلاف ڪارروائي ڪرڻ سان قانون جي عظمت ثابت نٿي ٿئي.
لاهور واقعو رڳو ڪيس نه پر پاڪستان جي قانوني ۽ سياسي نظام لاءِ هڪ امتحان بڻجي چڪو آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته رياست هن آئيني ۾ پنهنجو اصل چهرو ڏيکارڻ چاهي ٿي يا وري اهڙو تاثر وڌيڪ مضبوط ٿيڻ ڏيندي ته هن ملڪ ۾ انصاف جو معيار ماڻهن جي حيثيت، طاقت ۽ سياسي اثر رسوخ موجب بدلجي ويندو آهي. جيڪڏهن پاڪستان کي حقيقي جمهوري، آئيني ۽ قانون تي ٻڌل رياست بڻائڻو آهي ته پوءِ هن ڪيس سميت هر معاملي ۾ هڪ ئي اصول لاڳو ڪرڻو پوندو: قانون سڀني لاءِ برابر، بنا ڪنهن سياسي استنثيٰ جي.