هاڻوڪي ايران-آمريڪا تڪرار گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن جي سڀ کان اهم بحث کي جنم ڏنو آهي. بنيادي سوال اهو آهي ته ڇا اولهه ايشيا پنهنجي سلامتي لاءِ اڃا به ٻاهرين طاقتن تي ڀاڙيندو رهندو، يا هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي جو ملڪ پاڻ پنهنجي قيادت هيٺ هڪ علائقائي سيڪيورٽي ڍانچو جوڙين؟ هن جنگ موجوده سيڪيورٽي نظام جون ڪمزوريون وائکيون ڪري ڇڏيون آهن ۽ هڪ بنيادي تضاد کي به سامهون آندو آهي، اولهه ايشيا دنيا جو توانائي سان سڀ کان وڌيڪ مالا مال خطو هجڻ باوجود اڄ به دنيا جي گهٽ محفوظ علائقن مان هڪ شمار ٿئي ٿو.تقريبن اٺ ڏهاڪن کان آمريڪا وچ اوڀر ۾ سلامتي فراهم ڪندڙ بنيادي طاقت رهيو آهي. هڪ طرف هن عرب بادشاهتن کي تحفظ فراهم ڪيو، ته ٻي طرف انقلابي ايران کي محدود رکڻ جي پاليسي اختيار ڪئي. آمريڪي فوجي اڏا، بحري ٻيڙا، انٽيليجنس نيٽ ورڪ ۽ هٿيارن جي وڪري گڏجي هڪ اهڙو سيڪيورٽي نظام قائم ڪيو، جنهن علائقي جي دفاعي حڪمت عملي سان لاڳاپيل صورتحال کي شڪل ڏني. تنهن هوندي به ايران آمريڪا جنگ هن نظام ۾ موجود ڏارن کي چٽي طرح ظاهر ڪري ڇڏيو. آمريڪا جي وڏي فوجي برتري باوجود هو ايران کي پنهنجي مرضي موجب هلائڻ يا علائقي ۾ پائيدار استحڪام قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.
جيتوڻيڪ هن جنگ ايران تي وڏا معاشي ۽ فوجي خرچ مڙهيا. آخرڪار جنگبندي ۽ سفارتي رابطن هڪ اهم سبق ڏنو ته اولهه ايشيا ۾ مستقل امن رڳو فوجي طاقت يا روڪٿام واري حڪمت عملي سان قائم نٿو ٿي سگهي، پر ان لاءِ سڀني ڌرين کي شامل ڪندڙ جامع علائقائي سفارتڪاري ضروري آهي. ڪنهن به مستقبل جي سيڪيورٽي ڍانچي جي مرڪز ۾ ايران ۽ خليجي تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جا ملڪ هوندا. جاگرافيائي حقيقت اها آهي ته سياسي اختلافن باوجود اهي هميشه پاڙيسري رهندا. گڏيل سامونڊي رستا، توانائي جو بنيادي ڍانچو ۽ واپاري گذرگاهون سندن سلامتي کي هڪ ٻئي سان ڳنڍين ٿيون. ٻنهي ڌرين مان ڪا به ٻي ڌر کي صرف مخالف سمجهي مستقل استحڪام حاصل نٿي ڪري سگهي.
اطلاعن موجب سعودي عرب ۽ قطر، ايران ۽ جي سي سي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جي حمايت ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ اهي ڪوششون اڃا شروعاتي مرحلي ۾ آهن، پر اهي ان وڌندڙ احساس جي عڪاسي ڪن ٿيون ته علائقائي مسئلن جو حل به علائقائي طريقن سان ئي ممڪن آهي. بهرحال، هن رستي ۾ اڃا به ڪيتريون وڏيون رڪاوٽون موجود آهن. پهريون مسئلو اعتماد جو آهي. ڪيترن ئي ڏهاڪن کان خليجي بادشاهتون غير رياستي گروهن جي ايران طرفان حمايت ۽ سندس نظرياتي اثر رسوخ کي ڳڻتيءَ جي نگاهه سان ڏسنديون رهيون آهن. ٻئي طرف تهران خليج ۾ آمريڪا جي وڏي فوجي موجودگي کي پنهنجي قومي سلامتي لاءِ سڌو سنئون خطرو سمجهي ٿو.
ٻيو اهم نڪتو اهو آهي ته ڪنهن به علائقائي سيڪيورٽي نظام جي ڪاميابي لاءِ ايران کي پنهنجي پاڙيسري ملڪن جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت جون قابل اعتماد ضمانتون ڏيڻيون پونديون. اهڙيون ضمانتون خاص طور تي جي سي سي ملڪن لاءِ اهم آهن، ڇاڪاڻ ته سندن پهرين ترجيح هميشه پنهنجي حڪومتن جو تحفظ رهي آهي. جيئن ايران چاهي ٿو ته آمريڪا ۽ سندس اتحادي تهران ۾ حڪومت جي تبديلي واري پاليسي تان هٿ کڻن، تيئن خليجي ملڪ به چاهيندا ته ايراني اثر رسوخ سندن سياسي نظامن کي چئلينج نه ڪري.
ٽيون مسئلو وسيع اوڀر عرب دنيا، يعني عراق، شام ۽ لبنان سان لاڳاپيل آهي. اهي ملڪ اڃا تائين علائقائي ڇڪتاڻ سان گهري ريت جڙيل آهن. عراق اڃا به ايراني ۽ آمريڪي اثرن وچ ۾ توازن برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي شيعه سڃاڻپ بدران عرب سڃاڻپ کي وڌيڪ نمايان ڪرڻ ڏانهن وڌي رهيو آهي. لبنان سياسي طور نازڪ ۽ معاشي طور ڪمزور آهي، جڏهن ته حزب الله مسلسل اسرائيل جي نشاني تي آهي. شام شايد سڀ کان وڌيڪ غير يقيني صورتحال جو شڪار آهي. سالن جي گهرو ويڙهه کان پوءِ سياسي تبديلي، علائقائي تڪرار ۽ گولان جي ٽڪرين ڀرسان اسرائيلي فوجي ڪارروايون سندس مستقبل بابت ڪيترائي سوال پيدا ڪن ٿيون.
چوٿون ۽ شايد سڀ کان اهم ٻاهرين عنصر اسرائيل آهي. ابراهيم معاهدن علائقي جي سفارتڪاري کي مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيو ۽ اسرائيل جا ڪيترن ئي عرب ملڪن، خاص طور تي گڏيل عرب امارات ۽ بحرين سان لاڳاپا معمول تي اچي ويا. هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا اهي ملڪ هڪ طرف اسرائيل سان تزويراتي ڀائيواري برقرار رکي سگهن ٿا ۽ ٻئي طرف ايران کي شامل ڪندڙ ڪنهن علائقائي سيڪيورٽي ڳالهين جو حصو به بڻجي سگهن ٿا؟
پنجون مسئلو اهو آهي ته اسرائيل آمريڪي اثر رسوخ کي گهٽائيندڙ ڪنهن به علائقائي سيڪيورٽي نظام کي ڳڻتيءَ جي نظر سان ڏسي سگهي ٿو. کيس اهي نيون صف بنديون پنهنجي سلامتي لاءِ خطرو محسوس ٿي سگهن ٿيون. نتيجي طور هو لبنان يا والاريل فلسطيني علائقن ۾ وڌيڪ فوجي ڪارروايون ڪري سگهي ٿو يا سفارتي اڳڀرائي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ علائقائي ڇڪتاڻ ٻيهر وڌائي سگهي ٿو. ڇهون سوال اهو آهي ته ڇا خليجي ملڪ مستقبل ۾ آمريڪا کان پنهنجي فوجي موجودگي گهٽائڻ يا مڪمل ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندا؟ في الحال اهڙو امڪان نظر نٿو اچي. البت جيڪڏهن وقت سان گڏ باهمي اعتماد وڌي ٿو ته خليجي ملڪ آهستي آهستي هڪ متوازن سيڪيورٽي ماڊل ڏانهن وڌي سگهن ٿا، جنهن ۾ واشنگٽن سان تعميري لاڳاپا برقرار رهن، پر گڏيل سلامتي جي وڌيڪ ذميواري پاڻ سنڀالين.
انهن سڀني عنصرن کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ مناسب ڳالهه اها ٿيندي ته آمريڪا کي هڪدم علائقي مان ڪڍڻ بدران اولهه ايشيا آهستي آهستي تزويراتي خودمختياري ڏانهن وڌندو. هن بدلجندڙ منظرنامي ۾ پاڪستان وٽ اهڙيون منفرد خوبيون موجود آهن، جيڪي کيس هڪ اهم ڌر بڻائي سگهن ٿيون. پهريون، پاڪستان جا ايران، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر، ڪويت، بحرين، عمان ۽ ترڪي سان خوشگوار لاڳاپا آهن. ڪيترين ئي ٻاهرين طاقتن جي ابتڙ اسلام آباد هميشه علائقي جي مختلف ۽ ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي جا مخالف، ڌرين سان متوازن لاڳاپا برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هاڻوڪي ايران-آمريڪا بحران دوران پاڪستان جي سفارتي سرگرمين هڪ غير جانبدار ٽياڪڙ طور سندس ساک وڌيڪ مضبوط ڪئي آهي.
ٻيو، پاڪستان جي اهميت رڳو سفارتڪاري تائين محدود ناهي. اهو اسلامي دنيا جي واحد ايٽمي طاقت آهي ۽ علائقي جي سڀ کان وڌيڪ تجربيڪار روايتي فوجن مان هڪ جو مالڪ به آهي. سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر ۽ ٻين خليجي ملڪن سان سندس دفاعي سهڪار ڪيترن ئي ڏهاڪن تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ فوجي تربيت، مشاورتي مشن، گڏيل مشقون ۽ ادارتي ڀائيواريون شامل آهن. تازو چار ڏينهن واري ڀارت-پاڪستان جنگ کان پوءِ پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي پيشيوراڻي صلاحيتن علائقائي ڀائيوارن جو اعتماد وڌيڪ وڌايو آهي. ٽيون، پاڪستان جو جاگرافيائي مقام به انتهائي اهميت وارو آهي. ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا، اولهه ايشيا ۽ عربي سمنڊ کي ڳنڍيندڙ پاڪستان مختلف علائقن جي وچ ۾ هڪ قدرتي پل جي حيثيت رکي ٿو. جيئن جيئن رابطي وارا منصوبا ۽ علائقائي واپاري راهداريون وڌنديون، پاڪستان نه رڳو سيڪيورٽي سهڪار پر معاشي هم آهنگي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اولهه ايشيا ۾ امن، توانائي رابطن، سامونڊي سهڪار، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ واپار جي واڌ کي آسان بڻائيندو، جنهن سان سڄي علائقي کي فائدو پهچندو. علائقي جي ملڪن کي گهرجي ته هو پنهنجي معاملن جي واڳ پاڻ سنڀالين، جڏهن ته پاڪستان، جيڪو علائقي جي طاقتور ملڪن مان هڪ آهي، هڪ مرڪزي ڳنڍيندڙ ڪڙي جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو؛ اهڙو ڪردار، جيڪو مثبت ۽ مفاهمتي هجي، پر علائقي جي دفاع جي معاملي ۾ مضبوط ۽ پُرعزم هجي.
سعودي عرب، مصر، ترڪي ۽ خليجي ملڪ هن نظام جو بنيادي حصو بڻجي سگهن ٿا، جڏهن ته ايران کي تڏهن شامل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن هو عدم مداخلت جون قابل اعتماد ضمانتون ڏئي. اها ڪا حتمي يا مڪمل تجويز ناهي، پر مستقبل جي هڪ جامع سيڪيورٽي ڍانچي جو بنياد ضرور بڻجي سگهي ٿي. تاريخ ثابت ڪري ٿي ته پائيدار امن ڳالهين ذريعي قائم ٿيندو آهي، طاقت جي زور تي مڙهي نٿو سگهجي. ايران-آمريڪا جنگ واضح ڪري ڇڏيو ته جاگرافي قومي سرحدن جي دفاع ۾ فيصلائتو عنصر آهي؛ آمريڪا ۽ اسرائيل واضح سببن جي ڪري ايران تي قبضو ڪرڻ لاءِ پنهنجون فوجون نه موڪلي سگهيا. اهو ئي اصول علائقائي دفاع تي به لاڳو ٿئي ٿو، جڏهن ان جي ذميواري خود علائقي جا ملڪ سنڀالين. ايران-آمريڪا جنگ کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال سفارتڪاري لاءِ هڪ غير معمولي موقعي جي دري کولي ڇڏي آهي.