شهيد علي خامنه اي جون آخري رسمون جاري، ايرانين جو ٽرمپ ۽ نيتن جي ياهو جي کان پلاند جو مطالبو

تهرا(ويب ڊيسڪ) ايران جي اڳوڻي رهبرِ اعليٰ، شهيد آيت الله علي خامنه اي جي آخري رسمن جو سلسلو اڄ تهران ۾ جاري آهي.
انتظامي اداري موجب، اڄ صبح اسلامي جمهوريه ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر ۽ سندس ڪجهه گهرڀاتين جا تابوت مصليٰ کان ٽرالر ذريعي روانا ڪيا ويا، جتان جنازي جو جلوس آزادي اسڪوائر تائين لڳ ڀڳ 10 ڪلوميٽر جو سفر ڪندو.
تقريب ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، جنهن سبب امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي ته جلوس 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهندو.
مهر نيوز ايجنسي موجب، علي خامنه اي جو تابوت سڀاڻي قم کان نجف منتقل ڪيو ويندو، جتي جنازي نماز ادا ڪئي ويندي.
ان موقعي تي ايراني صدر مسعود پزشڪيان، پارليامينٽ جو اسپيڪر محمد باقر قاليباف ۽ علي خامنه اي جو وڏو پٽ مصطفيٰ خامنه اي پڻ نجف پهچندا.
اربع ڏينهن نجف ۽ ڪربلا ۾ جنازي جون تقريبون ٿينديون، جڏهن ته خميس ڏينهن مشهد ۾ حرم امام رضا ۾ تدفين ڪئي ويندي.
ٻئي پاسي ايران ۾ جنازي جي جلوس جي رستي تي هزارين سوڳوار موجود آهن، جيڪي نعرا هڻي سوڳ جو اظهار ڪري رهيا آهن.
جلوس انقلاب اسڪوائر تان پڻ گذرندو، جتي ”مزاحمت جي مٺ“ نالي مشهور يادگار موجود آهي.
تقريب دوران آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف نعرا پڻ هنيا پيا وڃن، جڏهن ته ڪيترن ئي سوڳوارن جي هٿن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف بينر ۽ پوسٽر ڏٺا ويا.
واضح رهي ته جنازي جون تقريبون اهڙي وقت ٿي رهيون آهن، جڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ نازڪ جنگ بندي برقرار آهي ۽ مستقل امن معاهدي لاءِ ڳالهيون جاري آهن.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته جنازي جي تقريبن سبب ڳالهين ۾ هڪ هفتي جو وقفو آندو ويو آهي، جڏهن ته ايران ان حوالي سان باضابطا طور تي نه ڪا تصديق ڪئي آهي ۽ نه ئي ترديد.
جنازي جي تصويرن ۽ وڊيوز ۾ ڪجهه سوڳوارن کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، اسرائيلي وزيراعظم ۽ ٻين آمريڪي اڳواڻن خلاف پوسٽر ۽ پلي ڪارڊ کڻندي پڻ ڏٺو ويو، جڏهن ته هڪ وڊيو ۾ ڪجهه ماڻهن کي ٽرمپ جي پوسٽر تي پٿراءُ ڪندي به ڏسي سگهجي ٿو.

 

You might also like