اسلام آباد (بيورو) ڳڻپ واري اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي وارا ملڪ ۾ سڀ کان مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪراچي جا شهري ملڪ ۾ سڀ کان مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، رپورٽ موجب ملڪ ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي وڌ ۾ وڌ قيمت 2 هزار 900 رپين تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ به ساڳي قيمت تي اٽو وڪرو ٿي رهيو آهي، رپورٽ موجب اسلام آباد، ڪوئيٽا ۽ خضدار ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 2 هزار 800 رپيا آهي، جڏهن ته پشاور، راولپنڊي ۽ حيدرآباد ۾ اها 2 هزار 750 رپين تائين پهچي وئي آهي، اداره شماريات موجب بنون ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 2 هزار 700 رپيا، سکر ۾ 2 هزار 560، لاڙڪاڻي ۾ 2 هزار 500، ملتان ۾ 2 هزار 420، جڏهن ته گوجرانوالا ۽ بهاولپور ۾ 2 هزار 400 رپيا آهي، رپورٽ موجب سيالڪوٽ ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي 2 هزار 333 رپين، فيصل آباد ۾ 2 هزار 300، لاهور ۾ 2 هزار 250 ۽ سرڳودها ۾ 2 هزار 240 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.