اسلام آباد ۾ عورت کي بچائيندي هوائي فوج جو ڪيپٽن شهيد

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ پاڪ فضائيه جو بهادر گروپ ڪيپٽن عاصم هڪ عورت کي بچائيندي شهيد ٿي ويو، شروعاتي ڄاڻ موجب گروپ ڪيپٽن عاصم نائينٿ ايونيو تان گذري رهيو هو ته هن هڪ موٽرسائيڪل ويجهو هڪ عورت کي ڏٺو، جنهن جو هٿ موٽرسائيڪل سوار زور سان ڇڪي رهيو هو، رپورٽ موجب ذميوار شهري هجڻ جي ناتي گروپ ڪيپٽن عاصم واپس موٽي آيو ۽ موٽرسائيڪل ويجهو گاڏي  بيهاري، جنهن تي عورت ڊوڙي سندس گاڏي جي ٻئي پاسي اچي بيٺي، ان دوران مبينا جوابدار سعد گروپ ڪيپٽن عاصم سان بدتميزي ڪئي ۽ ٿوري ئي دير ۾ مٿس فائرنگ ڪري ڏني، گروپ ڪيپٽن عاصم زخمن جا سور نه سهندي شهادت ماڻي، جڏهن ته جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو، پوليس موجب عورت بيان ڏنو آهي ته جوابدار سندس آفيس ۾ ساٿي هو، جنهن کيس گڏ ڪم تي وٺي وڃڻ جي آڇ ڪئي هئي پر رستي ۾ رخ تبديل ڪري کيس ٻي هنڌ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي هوءَ مزاحمت ڪري رهي هئي، عورت چيو ته گروپ ڪيپٽن عاصم بروقت مداخلت ڪري سندس جان بچائي، ٻئي پاسي واقعي تي اعليٰ اختيارين ۾ ٿرٿلو مچي ويو، وفاقي گهرو وزير پڻ نوٽيس ورتو، جڏهن ته ادارن جي مدد سان پوليس جوابدار سعد کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.

 

You might also like