ڪراچي(پ ر) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ذوالفقار آباد، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، 28ھين ترميم، ڪرپشن، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش، اجالا پروين ۽ پريا ڪماري جي اغوا، ڪاروڪاري سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي متحد ۽ مضبوط سنڌ جي عنوان سان ڪالهه 26 ھين ڏينھن به ڪراچي جي ضلعي ڪورنگي ۾ متحد ۽ مضبوط سنڌ پيادل مارچ قومي عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جي صدر منان شيخ، اشفاق چنڙ، ضلعي ڪورنگي جي صدر حسين سنڌي، پيربخش ڄامڙو، اياز گل، اي ڊي ذوالفقار، جاويد جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بلاول چورنگي کان مرتضا چوڪ ڪورنگي تائين پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي منان شيخ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ خطري ۾ آھي قومي عوامي تحريڪ سنڌو درياھ، زمينن، وسيلن ۽ سنڌ کي بچائڻ لاءِ جدوجھد جي ميدان ۾ آھي.پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌ حڪومت سنڌ لاءِ خطرو بڻجي ويا آھن. پيپلزپارٽي اڳ ۾ وسيلن جو سودو ۽ ھاڻ وحدت جو سودو ڪري رھيا آھن. 28ھين آئيني ترميم جي نالي ۾ سنڌ جي وحدت تي حملو ٿيو ته حڪمران ھلي نہ سگھندا. ايم ڪيو ايم عالمي سامراجي طاقتن جي اشاري تي سنڌ ٽوڙڻ جون سازشون ڪري رھي آھي. ايم ڪيو ايم اردو ڳالھائيندڙ ڀائرن سميت سنڌين جا قاتل آھن. سنڌ جي نياڻين لاءِ مقتل گاھ بنايو ويو آھي. روزانون نياڻيون قتل ڪيون وڃن ٿيون. پريا ڪماري سالن کان اغوا آھي. دادو مان معصوم اجالا کي اغوا ڪيو ويو آھي. قومي عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جي جنرل اشفاق چنڙ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ پوليس حڪمران وڏيرن ۽ سردارن جي ڪمدار بڻيل آھي. جمھوريت جي نالي ۾ سنڌ ۾ آمريت آھي. صحت، تعليم سميت ترقياتي منصوبن جا اربين روپيا هڙپ ڪيا وڃن ٿا. غربت ۽ بدحالي کي عوام جو مقدر بڻايو ويو آھي. ھاري، مزدور ۽ پورھيت طبقي جا ماڻھو بنيادي حقن کان محروم آھن. غريب کي وڌيڪ غريب ۽ امير کي وڌيڪ امير بنايو پيو وڃي. ڪرپشن جي ڪينسر عوامي ڀلائي وارن سمورن ادارن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي سنڌ ۾ . ھٿرادو پاڻي کوٽ جي ڪري سنڌ ڀڙڀانگ ۽ بنجر ٿي وئي آھي. پاڻي تي پھريون حق پڇڙي وارن جو آھي پر ڪوٽڙي بئراج جي ھيٺ واري پئي اڏامي ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ اڳتي وڌي آيو آھي. زراعت کي تباھ ڪري سنڌ تي غربت، بک ۽ بدحالي مسلط ڪئي وئي آھي. حسين سنڌي چيو ته درياھ، ڪراچي سميت سامونڊي پٽي ۽ ٿر ۾ موجود معدنيات تي وفاق مڪمل قبضو ڪرڻ چاهي ٿو۔ سنڌ جو پاڻي، زمينون، وسيلا ۽ هاڻي سنڌ جو تحت گاھ ڪراچي، سامونڊي پٽي ۽ ٿر جي معدنيات وفاق کڻڻ جا سانڀاها ڪري رهيو آهي۔ سنڌي ماڻھو جيڪڏهن هن وقت سجاڳ نه ٿيا ته سنڌ مڪمل ڌارين جي حوالي ٿي ويندي. پير بخش ڄامڙو خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آھي. خوشحال سنڌ جا ماڻهو عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن پيپلزپارٽي سنڌي ماڻهن کي پنھنجو غلام سمجھي ٿي ھي صرف اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ عوام دوستي جو ڪوڙو نعرو ھڻي ماڻهن کي بيوقوف بڻائي ٿي.