ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڄ ملڪ ۾ في تولي سون جي اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 1100 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 39 هزار 836 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 943 رپيا لاٿ کانپوءِ 3 لک 77 هزار 88 رپين جو ٿي ويو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 11 ڊالر گهٽتائي کانپوءِ 4174 ڊالر جو ٿي ويو آهي.
You might also like