تازي ڄاول ٻار کي جيئري دفنائڻ جي ڪوشش ناڪام، ٻن عورتن سوڌو 3 ڄڻا گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور پوليس تازي ڄاول ٻار کي جيئري دفنائڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي هڪ مرد ۽ ٻن عورتن سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب، افسوسناڪ واقعو لاهور جي علائقي نواب ٽائون ۾ پيش آيو، جتي هڪ تازي ڄاول ٻار کي دفنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي.
ڊي آءِ جي آپريشنز جي ترجمان موجب، وقتائتي ڪارروائي ڪندي پوليس جوابدارن کي ان وقت گرفتار ڪيو، جڏهن هو زمين ۾ کڏ کوٽي تازي ڄاول ٻار کي دفن ڪري رهيا هئا.
ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيلن ۾ هڪ مرد ۽ ٻه عورتون شامل آهن.
هن چيو ته شروعاتي جاچ دوران جوابدارن مبينا طور ٻار ڪرائڻ بابت اهم انڪشاف ڪيا آهن، جڏهن ته واقعي جي سڀني رخن کان شفاف ۽ ميرٽ تي جاچ جاري آهي.

You might also like