ايم ڪيو ايم ڪراچي جي نالي تي بليڪ ميلنگ ڪري رهي آهي، شارٽ ڪٽ سياست نه هلندي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم اڄ به عوامي مينڊيٽ بدران شارٽ ڪٽ سياست تي يقين رکي ٿي، جڏهن ته وفاقي مداخلت کي سياسي دٻاءُ لاءِ استعمال ڪرڻ سياسي بليڪ ميلنگ جو ثبوت آهي.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم عوام جو اعتماد وڃائي چڪي آهي ۽ ان کي اقتدار جي ياد ستائي رهي آهي، تنهن ڪري هاڻي اها شارٽ ڪٽ ڳولي رهي آهي. هن زور ڏنو ته ڪراچي جي عوام جي وسيلن کي سياسي سوديبازي جو ذريعو نه بڻايو وڃي.
شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ جي معاملن کي وفاق حوالي ڪرڻ جي ڳالهه وفاقي ڍانچي خلاف سازش آهي. سنڌ ڪا تجربگاهه ناهي، جتي ڪنهن پارٽي جي سياست ڪمزور ٿيڻ تي حملو ڪيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته فاروق ستار کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي کي واضح مينڊيٽ ڏنو آهي، ۽ اهو مينڊيٽ ڪنهن پريس ڪانفرنس، ڌمڪي يا سياسي بليڪ ميلنگ سان تبديل نٿو ٿي سگهي.
سينيئر صوبائي وزير جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي اقتدار ۾ وڌيڪ حصو گهرجي ته ان جو رستو عوام جي ووٽن مان گذري ٿو، وفاقي مداخلت يا آئيني ادارن کي سياسي تڪرارن ۾ گهلي اقتدار حاصل نٿو ڪري سگهجي.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم وفاق ۾ حڪومت جو حصو هجڻ باوجود ڪراچي بابت ڪيل واعدن تي عمل ڇو نه ڪرائي سگهي؟ پنهنجي ناڪامين جو ملبو سنڌ حڪومت تي وجهڻ بدران وفاقي اتحادين کان سوال ڪرڻ گهرجن.
شرجيل ميمڻ واضح ڪيو ته آئيني اختيارن، صوبائي خودمختياري ۽ ڪراچي جي عوام جي مينڊيٽ تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو.
هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي ترقي سياسي بليڪ ميلنگ يا عهدن جي ورهاست سان ممڪن ناهي، سنڌ حڪومت صوبي جي ترقي، عوامي خدمت ۽ آئيني بالادستي جو سفر جاري رکندي.

You might also like