سنڌ جا ماڻهو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڊوماسائل تي نوڪريون وٺي رهيا آهن، ڪراچي کي وفاق حوالي ڪيو وڃي: فاروق ستار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) متحدا قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ فاروق ستار ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ لاءِ انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 2022ع ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڪراچي جي تعمير ۽ ترقي بابت معاهدو ٿيو هو، جنهن تي بلاول ڀٽو صحيحون ڪيون، پر ايم ڪيو ايم جي بار بار ياد ڏيارڻ باوجود ان تي عمل نه ڪيو ويو.
فاروق ستار چيو ته پيپلز پارٽي سان هي آخري معاهدو آهي. اسان ڪو اختيار نه گهريو آهي، وزيراعظم کي گهرجي ته معاهدي تي عملدرآمد لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ٻي صورت ۾ ايم ڪيو ايم احتجاج ڪندي.
هن سوال اٿاريو ته اسان جي گورنر کي ڇو هٽايو ويو؟ اسان کي ان جو جواب ڏنو وڃي.
هن چيو ته ملڪ ۾ ڦرلٽ جو بازار گرم آهي، هر ماڻهو تڪليف ۾ آهي ۽ شهرين کي بنيادي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن بلدياتي قانون تي صحيح نموني عمل ڪيو وڃي ها ته هي مسئلو حل ٿي وڃي ها.
هن چيو ته ڪوٽا سسٽم خلاف اسان جي جدوجهد جاري رهي آهي، پر اڄ به ان جو 40 سيڪڙو حصو نٿو ملي، جڏهن ته سنڌ جي ماڻهن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڊوميسائل تي اسان جي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏنيون ويون.
فاروق ستار چيو ته وفاق کي پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڇو ته آئين ۽ قانون کان هٽي ڪري حڪومت هلائي پئي وڃي.
هن چيو ته مان گورنر راڄ لڳائڻ جي ڳالهه نٿو ڪريان، پر ريفرنڊم ڪرايو وڃي ۽ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ لاءِ انتظامي يونٽ قائم ڪيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته هاڻي اسان جي رستن تي اچڻ جو وقت اچي ويو آهي، تياريون جاري آهن، ڪراچي جي عوام کي پوءِ نه روڪيو، جيڪڏهن روڪڻو آهي ته هاڻي روڪيو.

You might also like