ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگُ جُوان

اعجاز ممنائي

ڪربلا دنيا جي اها درسگاهه آهي جيڪا بنا مذهب و ملت جي فرق جي هر صنف ۽ هر عمر جي ماڻهن کي اسلام ۽ انسانيت جو سبق ڏئي ٿي ۽ ان جو عملي نمونو پيش ڪري ٿي. هتي نه مذهب جي قيد آهي، نه رنگ و نسل جو تعصب آهي، نه عورت ۽ مرد جو فرق آهي ۽ نه ئي عمر جي ڪا شرط آهي. جيڪو به درِ حسين تي اچي وڃي ٿو اهو نجات حاصل ڪري ٻنهي جهانن جي سعادت و ڪاميابي حاصل ڪري ٿو۔ نه رڳو اسلام بلڪه دنيا جو قانون آهي ته جنگ ۾ عورتون، پوڙها ۽ ٻار شريڪ نه ٿيندا آهن پر جيڪڏهن ملڪ و ملت، دين و مذهب ۽ جان، مال و عزت جي حفاظت جو مرحلو هجي ته هر هڪ کي دفاع جي اجازت ۽ حڪم آهي.

امام حسين عليه السلام 9 محرم الحرام تي هڪ رات جي مهلت ۽ صبحِ عاشور اتمام حجت خاطر خطبو ڏئي دنيا جي سامهون واضح ڪري ڏيکاريو ته مان ۽ منهنجا اصحابِ جنگ لاءِ ڪربلا ۾ نه آيا آهن بلڪه اسلامي ۽ انساني قدرن جي حفاظت ۽ دنيا کي آزاديءَ جو سبق ڏيڻ لاءِ آيا آهيون۔ ان ڪري ان رستي ۾ جتي جوانن ۽ عمر رسيده ماڻهن بهادريء جا جوهر ڏيکاريا، اتي ڪمسن ٻارڙن پنهنجي رت سان بهادري، وفا ۽ فداڪاري جي تاريخ رقم ڪئي. هتي انهن چند جُنگ جوانن جو ذڪر ڪريون ٿا جن اسلام جي بقا لاءِ پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪئي۔

1: حضرت علي اصغر عليه السلام: حضرت امام حسين عه جي نبڍڙي فرزند حضرت اصغر جي والدہ ماجدہ جناب رباب سلام الله عليها ڪربلا جي شير دل خاتون هيون. سڀني مؤرخن جو اتفاق آهي ته ڪربلا ۾ جناب علي اصغر ڪمسن شيرخوار هو ۽ ڇهن مهينن کان وڌيڪ سندس عمر نه هئي پر ان جي باوجود ظالم و ستمگر حرمله ملعون تيرِ سه شعبا سان سندس ننڍڙي گلي کي ذبح ڪيو. کيس باب الحوائج به چيو وڃي ٿو. حضرت علي اصغر جي شهادت رهندڙ دنيا تائين حسينيت جي حقانيت ۽ يزيد جي ذلت و رسوائي جي دليل بڻجي وئي.

2: حضرت قاسم بن حسن عليه السلام: حضرت قاسم امام حسن مجتبيٰ عه جا فرزند هئا. پنهنجي والدِ ماجد جي شهادت کان پوءِ پنهنجي مهربان والدہ ۽ شفيق چاچا حضرت امام حسين عه جي ڇانوَ ۾ پرورش پاتائين. جڏهن امام حسين عه مدينه کان ڪربلا لاءِ نڪتا ته هو ۽ سندس والدہ به امام حسين عه سان گڏ مدينه کان ڪربلا پهتا. شبِ عاشور جڏهن امام حسين پنهنجي باوفا اصحابن کي سندن شهادت جي بشارت ڏئي رهيا هئا ته جناب قاسم سوال ڪيو: ڇا منهنجو نالو شهداءَ جي فهرست ۾ نه آهي؟ امام حسين عه سوال ڪيو ٻچڙا تون کي موت ڪيئن ٿو سمجهين؟ جناب قاسم جواب ڏنو چاچا! مون لاءِ موت ماکيءَ کان به مٺو آهي. روزِ عاشورا جناب قاسم امام حسين عه جي خدمت ۾ آيا ۽ جنگ جي اجازت گهري. امام عه کيس پنهنجي آغوش ۾ کڻي ڪجهه دير رنو.پر جناب قاسم اصرار ڪندو رهيو ۽ امام جي هٿن کي چمندو رهيوجيڪڏهن توهان مون کي نه سڃاڻو ته مان حسن مجتبيٰ عه جو فرزند آهيان، جيڪو رسولِ مصطفيٰ و امين جو ڏوهٽو آهي. هيءَ حسين عه اغوا ٿيل قيدي وانگر آهي، اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ جن کي خدا باران جي پاڻي سان سيراب نه ڪري.جيڪڏهن اسين تيرهن سالن جي مجاهد جناب قاسم جي رجز تي غور ڪريون ته انسانيت کي هي پيغام ملن ٿا:

1: "انا فرع الحسن”- مان امام حسن عه جي شاخ آهيان. جيئن  امام زين العابدين عه فرمايو: "ڄاڻي وٺو ته پيءُ توهان جي اصل (جڙ) آهي ۽ توهان سندس شاخ آهيو”. جناب قاسم انسانيت کي پيغام ڏنو ته ڪڏهن به پنهنجي اصل يعني پيءُ کي نه وسارجو.

2: "سبط النبي المصطفي والموتمن”: يعني امام حسن عه الله جا چونڊيل ۽ امين رسول جا نواسا آهن. سندس هيءَ ڳالهه يزيدِ پليد جي انهن شعرن جي هميشه لاءِ ترديد ڪري رهي آهي جن ۾ وحي ۽ رسالت جو انڪار ڪيو ويو آهي ۽ اهو به واضح ٿي ويو ته اسين رسولِ مآب صه جا پيروڪار آهيون ۽ يزيد منڪرِ رسالت ۽ دشمنِ اسلام آهي.  امام حسين عه جي مظلوميت کي به واضح ڪيو ته جن جي ناني يزيد جي ڏاڏن کي آزادي ڏني هئي، اڄ اهي ئي ماڻهو رسول جي نواسي کي قيد ڪري رهيا آهن. جناب قاسم ميدان ۾ ويا ۽ بهادري سان جهاد ڪندي پنهنجي جان دين تي قربان ڪري ڇڏي.

3: حضرت عبدالله بن حسن عه: جناب عبدالله حضرت امام حسن مجتبيٰ عه جا فرزند هئا. ڪربلاءِ معليٰ ۾ سندس عمر يارهن سال هئي. امام حسين جي شفقت و محبت ڪڏهن به يتيمي جو احساس نه ٿيڻ ڏنو. امام حسين عه انهن تي فدا ۽ پاڻ امام حسين عه تي .

عصرِ عاشور جڏهن جناب عبدالله جي نظر امام حسين تي پيئي ته ڇا ڏٺو ته امام قتلگاهه ۾ آهن ۽ ظالم مبارڪ ڳچي تي تلوار هلائڻ چاهي ٿو ته فوراً چاهيندڙ چاچي ڏانهن ڊوڙيو ۽ پنهنجي ٻنهي هٿن کي چاچي جي حفاظت خاطر اڳيان وڌائي ڏنو. تلوار هلي ۽ ٻئي هٿ قلم ٿي ويا. فرياد ڪيائين: چاچا! امام مظلوم ڀائٽي کي گلي سان لڳايو. حرمله تير هنيو ۽ جناب عبدالله امام حسين جي آغوش ۾ شهيد ٿي ويا.

4 حضرت محمد بن ابي سعيد بن عقيل: شهداءِ بني هاشم مان هڪ شهيد حضرت محمد بن ابي سعيد بن عقيل آهن. ڪربلا ۾ سندس عمر ست سال هئي.بچپنيء سبب ميدانِ ڪربلا ۾ تلوار سان جهاد نه ڪيو، جيتوڻيڪ ڪجهه روايتن مطابق راهِ خدا ۾ جهاد ڪندي جامِ شهادت نوش فرمايو پر اڪثر روايتن مطابق جڏهن امام حسين عه شهيد ٿيا ته هو خيمي مان ٻاهر تشريف آندا. پريشاني ۽ بيچيني سان ساڄي کاٻي ڏسي رهيا هئا ته يزيدي فوج خيمه گاهه حسيني کي لٽڻ لاءِ اڳيان وڌي. عمر بن سعد ملعون جي هڪ سپاهي کيس تلوار هڻي شهيد ڪري ڇڏيو. سندس نالو زيارتِ شهداءَ ۾ موجود آهي.

5: حضرت عبدالله بن مسلم بن عقيل: هو سفيرِ حسيني حضرت مسلم بن عقيل جا فرزند هئا. سندس والدہ حضرت اميرالمؤمنين جي ڌيءَ جناب رقيه سلام الله عليها هيون. واقعي ڪربلا ۾ سندس عمر 14 سال هئي.  روزِ عاشورا امام حسين عه کان اجازت وٺي ميدان ڏانهن رخ ڪيو ۽ راهِ خدا ۾ جهاد ڪيو. عمرو بن صبيح صدائي ملعون سندس پيشاني ڏانهن تير هنيو جنهن کي هن پنهنجي هٿ سان روڪڻ چاهيو ته تير سندس مبارڪ هٿ کي زخمي ڪندي پيشاني تي لڳو. ان ملعون فوراً ٻيو تير سيني تي هنيو. جنهن سان هو شهيد ٿي ويو.

6: جناب محمد بن مسلم بن عقيل:پاڻ امام حسين جي سفير حضرت مسلم بن عقيل جا فرزند هئا. سندس والدہ اميرالمؤمنين جي ڌيءَ جناب رقيه سلام الله عليها هيون. روايتن مطابق هو ڪربلا ۾ 12 يا 13 سالن جو هو. پنهنجي ڀاءُ جناب عبدالله سان گڏ جهاد ڪيو ۽ جامِ شهادت نوش فرمايو.

7:حضرت عمرو بن الحسن عليه السلام: ڪربلا جي بهادر ٻارن ۾ هڪ نالو جناب عمرو بن الحسن عليه السلام جو آهي. جن جو شمار اسيرانِ ڪربلا ۾ ٿئي ٿو.

جڏهن قيدين جو قافلو دربارِ يزيد ۾ پهتو، يزيد جي نظر جناب عمرو بن الحسن تي پيئي ته هن کيس چيو ته ڇا تون منهنجي پٽ سان ڪشتي وڙهندين؟ ته هن فرمايو: مان ڪشتي ته نه وڙهي سگهندس پر جيڪڏهن تون هڪ ڇري مون کي ۽ ٻي پنهنجي پٽ کي ڏي ته مان ان سان جنگ ڪندس. جيڪڏهن هن مون کي قتل ڪري ڇڏيو ته مان پنهنجي جد رسول الله صه ۽ اميرالمؤمنين عه سان ملاقات ڪندس ۽ جيڪڏهن مون کيس قتل ڪري ڇڏيو ته هو پنهنجي جد ابو سفيان ۽ معاويه سان ملاقات ڪندو. يزيد چيو ته هيءَ خوبي مون کي خبر آهي. بهادري توهان کي ورثي ۾ ملي آهي.

8: جناب عمرو بن جناده انصاري: ڪربلا جي ننڍڙن شهيدن ۾ هڪ نالو جناب عمرو بن جناده انصاري جو آهي. روزِ عاشور جڏهن سندس والد جناب جناده انصاري شهيد ٿي ويا ته هو ميدان لاءِ نڪتو. امام حسين کيس اهو چئي روڪيو ته توهان جا بابا شهيد ٿي ويا آهن، توهان جي ماءُ لاءِ اهو ئي غم ڪافي آهي ته هن عرض ڪيو ته منهنجي ماءُ ئي مون کي جهاد جو حڪم ڏنو آهي ۽ هن ئي مون کي جنگ جو لباس پهرايو آهي. ڪربلا ۾ سندس عمر 9 يا 11 سال هئي.هن مجاهدن کان سواءِ ٻيا به ننڍڙا مجاهد ۽ شهيد آهن جن ميدانِ ڪربلا، تاراجِ خيمه گاهه ۽ راهِ ڪوفي و شام ۾ پنهنجي جان قربان ڪري اسلام کي احياءَ ڪيو ۽ انسانيت کي آزادي جو سبق ڏنو.انهن ننڍڙن شهيدن ۽ مجاهدن جون قربانيون سرڪار سيد الشهداء عه جي حقانيت ۽ مظلوميت جي دليل آهي ۽ بغير مذهب و ملت جي فرق جي ڪو به انسان جڏهن انهن معصوم، بيگناهه ننڍڙن ٻارڙن جي مظلوميت ۽ شهادت جي خبر ٻڌي ٿو ته سندس دل ملول ۽ اکيون اشڪبار ٿين ٿيون ۽ سندس لاءِ هدايت جا دروازا کلي وڃن ٿا.انهن ننڍڙن مجاهدن ۾ هڪ امام حسين عه جي سيني تي سمهڻ واري ڌيء حضرت سڪينه سلام الله عليها آهي. ٻيو امام محمد باقر عه آهي.ڪربلا ۾ امام محمد باقر عه ساڍن ٽن سالن جا هئا. اهلِ حرم سان گڏ قيد ٿي دربارِ يزيد ۾ پهتا ته يزيد امام زين العابدين عه کي شهيد ڪرڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي درٻارين کان صلاح ورتي ته دربارين امام سجاد عه کي شهيد ڪرڻ جو مشورو ڏنو ته امام محمد باقر عه فرمايو: اي يزيد! تنهنجا درباري فرعون جي دربارين کان به بدتر آهن جڏهن فرعون پنهنجي دربارين کان جناب موسيٰ ۽ جناب هارون عليهما السلام جي قتل جي صلاح ورتي ته دربارين منع ڪري ڇڏيو هو ڇاڪاڻ ته اهي عاقل هئا، نبي ۽ اولادِ نبي کي ڪنهن حرامزادي کان سواءِ ڪو به قتل نٿو ڪري.

 

You might also like