پاڪستان وٽ موجوده بحران مان نڪرڻ لاءِ رڳو ٻه ئي رستا موجود آهن. هڪ مڪمل ۽ نمايان معاشي بحالي، جنهن جا اثر عوام جي زندگين ۾ واضح طور محسوس ٿين. ٻيو رستو مڪمل سياسي اعتماد جي بحالي ۽ گڏجي ويهي قومي مسئلن جي حل تي اتفاقِ راءِ پيدا ڪرڻ آهي. بدقسمتي سان موجوده حڪومت يا ان جي سرپرستي ڪندڙ اسٽيبلشمينٽ انهن ٻنهي مان ڪنهن هڪ رستي کي به اختيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي نظر نٿي اچي. ملڪ ۾ هائبرڊ نظام جو گهڻو چرچو آهي. ان بابت نت نيون تشريحون ۽ تجزيا سامهون ايندا رهن ٿا، پر ان حقيقت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته شهباز شريف جي سربراهيءَ ۾ قائم حڪومت کي فوجي قيادت جو مڪمل سهڪار حاصل آهي. ٻنهي پاسن کان ان جو اظهار ٿيندو رهي ٿو. وزيراعظم ته ڪو به اهڙو موقعو هٿان وڃڻ نٿا ڏين، جنهن ۾ هو فيلڊ مارشل عاصم منير جي واکاڻ نه ڪن. هنن قومي سياست ۾ ڊگهو وقت گذارڻ کان پوءِ اهو ئي فن سکيو آهي ته خوشامد ۽ چاپلوسي ذريعي فوجي قيادت کي پاڻ سان گڏ رکجي ۽ ڪنهن به معاملي تي اختلاف پيدا ٿيڻ نه ڏجي.
شهباز شريف هميشه اهو سمجهندا رهيا آهن ۽ هاڻي عملي طور ڏيکاري به رهيا آهن ته فوجي قيادت سان ٽڪراءَ واري پاليسي نه قومي مقصدن لاءِ ۽ نه ئي ذاتي سياسي مفادن لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿي. هو پنهنجي وڏي ڀاءُ نواز شريف کي به اهو سبق سيکارڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، پر نواز شريف جڏهن به اقتدار ۾ آيو ته ڪنهن نه ڪنهن معاملي تي فوجي قيادت سان اختلاف پيدا ٿيا. نتيجي ۾ مسلم ليگ (ن) جون حڪومتون بار بار ختم ٿينديون رهيون. هاڻي جڏهن اقتدار جو تاج شهباز شريف جي مٿي تي آهي ته هو پنهنجي هن صلاحيت جو ڀرپور استعمال ڪري رهيا آهن. هي طريقو شهباز شريف جي اقتدار جي حفاظت تائين ته درست ثابت ٿي رهيو آهي، پر قومي مسئلن جي حل ۾ هن رويي جو ڪو خاص اثر محسوس نٿو ٿئي. انهيءَ ڪري ملڪ جي هڪ مشهور صحافي ڪجهه ڏينهن اڳ موجوده حڪومت جي خاتمي بابت اڳڪٿي ڪندي چيو ته جيڪا حڪومت معاشي مسئلا حل نه ڪري سگهي ۽ ملڪ کي سياسي بحران مان نه ڪڍي سگهي، اها گهڻو وقت برقرار نه رهي سگهندي. بعد ۾ ڪيترن ئي تجزيه نگارن به ان راءِ جي تائيد ڪئي، پر حڪومت ان تي ڪو خاص ردعمل ڏيڻ ضروري نه سمجهيو.
البته انهن سببن جو ذڪر ڪندي، جن جي بنياد تي موجوده حڪومت ختم ٿيڻ گهرجي، اهو واضح نه ڪيو ويو ته ان کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ حڪومت صرف شهباز شريف جو نالو ته ناهي. جيڪڏهن سياسي مجبورن يا اسٽيبلشمينٽ جي دٻاءَ سبب موجوده حڪومت کي تبديل ڪرڻي پوي ته پوءِ صورتحال ڇا هوندي؟ حڪومت جي تبديليءَ جون ڳالهيون ڪندڙ به نون چونڊن جو ذڪر نٿا ڪن. اهڙي طرح بحث رڳو هڪ فرد يا سياسي جماعت جي طرزِ عمل تائين محدود ٿي وڃي ٿو. فرض ڪري وٺجي ته موجوده سيٽ اپ ۾ شهباز شريف جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي وزيراعظم بڻائڻ جي ڪوشش ٿئي، ته يا ته مسلم ليگ (ن) اندر ئي ڪنهن ٻئي اڳواڻ کي هي عهدو ڏنو ويندو يا وري پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي موقعو ملي سگهي ٿو. پر حقيقت ۾ اهي ٻئي تبديليون ممڪن نظر نٿيون اچن. جيڪڏهن طاقتور اسٽيبلشمينٽ موجوده حڪومت جي ڪارڪردگيءَ کان مڪمل طور مايوس ٿي وڃي ته به سوال اهو آهي ته اهڙي تبديليءَ سان ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ڇا ڪو نئون وزيراعظم معاشي بحالي، سياسي استحڪام، قومي ڳالهه ٻولهه ۽ ميڊيا جي آزادي لاءِ بهتر رستو اختيار ڪري سگهندو؟
ملڪي سياست کان واقف هر شخص آسانيءَ سان چئي سگهي ٿو ته اهڙي معجزي جو ڪو امڪان ناهي. پهرين ڳالهه ته جيستائين مسلم ليگ (ن) تي شريف خاندان جو ڪنٽرول آهي، تيستائين خاندان کان ٻاهر ڪنهن شخص کي ملڪ جي وڏي عهدي تائين پهچڻ نه ڏنو ويندو. شهباز شريف کان سواءِ نواز شريف ۽ اسحاق ڊار ئي اهم نالا بچن ٿا. نواز شريف جي ٻيهر وزيراعظم بڻجڻ جا امڪان تقريباً ختم ٿي چڪا آهن، جڏهن ته اسحاق ڊار سياسي طور شايد شهباز شريف جيترو وقت به نه هلي سگهن.
ساڳي طرح بلاول ڀٽو زرداري به ان وقت تائين وزيراعظم نٿو بڻجي سگهي، جيستائين پيپلز پارٽي کي اقتدار ۾ نمايان حصو نه ملي. اهڙي صورت ۾ رڳو چهرا تبديل ٿيندا، مسئلا نه. ٽيون آپشن مريم نواز کي وزيراعظم بڻائڻ جو ٿي سگهي ٿو، پر ان سان به مسئلن جي حل لاءِ ڪو نئون طريقو سامهون نه ايندو. ان کان علاوه مريم نواز جي مزاج کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته هم آهنگيءَ بدران اختلاف ۽ ٽڪراءَ جا امڪان وڌي سگهن ٿا. شايد انهيءَ ڪري اسٽيبلشمينٽ اهڙو انقلابي قدم کڻڻ لاءِ تيار نه ٿيندي.
بنيادي سوال وري به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته هائبرڊ نظام يا فوجي سرپرستيءَ هيٺ قائم ڪا نئين حڪومت آخر شهباز حڪومت کان ڪيئن مختلف ۽ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهندي؟ جيڪڏهن اصل فيصلو ڪندڙ قوت اسٽيبلشمينٽ آهي ته پوءِ صرف هڪ "ڪٺ پتلي وزيراعظم” کي تبديل ڪرڻ سان ڇا حاصل ٿيندو؟ انهيءَ ڪري وزيراعظم بدلائڻ بدران بهتر اهو ٿيندو ته اسٽيبلشمينٽ کان قومي معاملن بابت سنجيدگيءَ جو مطالبو ڪيو وڃي.
هن وقت حڪمران طبقي کي پاڻ تي مڪمل اعتماد آهي. ان کي عالمي سطح تي رسائي حاصل آهي ۽ ڪيترائي اهم ملڪ فوجي قيادت جي ڪردار کي ساراهي رهيا آهن. اهڙي ماحول ۾ انساني حقن ۽ ميڊيا جي آزادي بابت ڪنهن به قسم جو سنجيده دٻاءُ موجود ناهي. تنهن ڪري نه شهباز شريف ۽ نه ئي سندن حمايتي فيلڊ مارشل عاصم منير اهو محسوس ڪن ٿا ته قومي معاملن کي فوري طور درست ڪرڻ جي ضرورت آهي.
جيڪڏهن سياسي بي اعتمادي ختم نٿي ڪري سگهجي ۽ شفاف چونڊن ذريعي عوام جي چونڊيل حڪومت کي قبول نٿو ڪيو وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ موجوده حڪومت کي معاشي ميدان ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي مجبور ڪيو وڃي. نمائشي طور ئي سهي، پارليامينٽ جو اعتماد بحال ڪيو وڃي ۽ اهم قومي معاملن تي بحث مباحثي جي روايت کي ٻيهر زندهه ڪيو وڃي. ساڳي طرح ميڊيا کي ساڻ کڻڻ ۽ گھُٽ واري ماحول کي گهٽائڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن، ته جيئن اميد جي ڪا ڪرڻ ظاهر ٿي سگهي.
موجوده حالتن ۾ سياسي تبديليءَ جا نه ته ڪي خاص امڪان آهن ۽ نه ئي ان مان ڪو وڏو فائدو حاصل ٿيندو. جيڪڏهن فوج کي موجوده نظام جو محافظ سمجهيو وڃي ته اها به ان کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار نظر نٿي اچي. طاقتور حلقن ۾ اهو تاثر مضبوط ٿي چڪو آهي ته بحرانن تي ضابطو آندو ويو آهي ۽ ملڪ جي اڳتي وڌڻ جا امڪان پيدا ٿي چڪا آهن. اهڙي صورتحال ۾ نيون چونڊون يا ڪنهن نئين جماعت جي ڪاميابي هن "استحڪام” کي نقصان پهچائي سگهي ٿي، تنهن ڪري اهڙو خطرو کڻڻ جو رجحان نظر نٿو اچي. تنهن هوندي به اها ڳالهه ياد رکڻ ضروري آهي ته ڪابه حڪومت يا نظام ڀلي ڪيترو به مضبوط هجي، جيستائين عام شهري کي اطمينان، سهولت ۽ بهتر زندگي مهيا نه ٿيندي، تيستائين بي چيني وڌندي رهندي. بدگماني، لاچاري ۽ مايوسي جا اهي عنصر ڪنهن به نظام کي اندر کان ڪمزور ڪرڻ يا تبديل ڪرڻ جي طاقت رکن ٿا. تنهن ڪري اقتدار جي ايوانن ۾ ويٺل ماڻهن کي پنهنجي اختيارن تي مڪمل اعتماد رکندي به هن اهم پهلو تي ضرور غور ڪرڻ گهرجي.