سنڌ جي مايوس ڪندڙ بجيٽ

پروفيسر توصيف احمد

صوبائي خودمختياري جي دعويدار سنڌ حڪومت گذريل ٽن سالن دوران وفاق کي 104 ٽريلين رپيا ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ۽ هلندڙ سال به 263.67 ارب رپيا وفاق کي ادا ڪيا، جنهن کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جو بجيٽ پيش ڪيو. هن وقت سنڌ ۾ 32.6 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي، جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اها شرح 37 سيڪڙو آهي ۽ ڪجهه علائقن ۾ ته 50 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.

سنڌ ۾ 5 کان 16 سالن جي عمر جا لڳ ڀڳ 70 لک ٻار اسڪول وڃڻ کان محروم آهن. سوال اهو آهي ته ڇا هن بجيٽ جي منصفاڻي استعمال سان غربت ۾ گهٽتائي ايندي ۽ اسڪول ويندڙ ٻارن جو انگ وڌندو؟ سنڌ جي وڏي وزير کي اسيمبلي ۾ انهن سوالن جا جواب ڏيڻ گهرجن ها. سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ۾ 297.41 ارب رپين جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن جو سڌو سنئون اثر تعليم ۽ صحت جي شعبن تي پوندو.

حڪومت امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ 241 ارب 78 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا آهن، پر ڏوهن بابت رپورٽنگ ڪندڙ هڪ صحافي لکي ٿو ته حڪومت هر سال امن امان لاءِ وڏيون رقمون رکي ٿي، پر روايتي ٿاڻي وارو نظام اڃا تائين تبديل نه ٿيو آهي ۽ نه ئي بنيادي پوليسنگ ۾ ڪا نمايان بهتري آئي آهي. ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيمز ۾ به ڪا خاص گهٽتائي نه آئي آهي. سنڌ حڪومت گذريل 18 سالن کان سيف سٽي پروجيڪٽ جا نعرا هڻي رهي آهي، پر شاهراهه فيصل ۽ ڪجهه مخصوص رستن کان سواءِ ڪلوز سرڪٽ ڪئميرائن جو ڄار نه وڇايو ويو آهي.

گذريل سال حڪومت ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي ڳرا ڏنڊ لاڳو ڪرڻ ۽ ڪلوز سرڪٽ ڪئميرائن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ موٽر سائيڪلن ۽ گاڏين جون نمبر پليٽون تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن سبب لکين ماڻهن کي في گاڏي 2 هزار 600 رپيا جمع ڪرائڻا پيا. ايڪسائيز کاتو گذريل ڇهن مهينن دوران ان مد ۾ اربين رپيا گڏ ڪري چڪو آهي، پر نئين نمبر پليٽن جي جاري ٿيڻ وارو معاملو اڃا تائين التوا جو شڪار آهي. پوليس ذريعن موجب هن نئين نظام سبب ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙين ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، ۽ جيڪڏهن اهو نظام هن مالي سال دوران مڪمل طور فعال ٿي وڃي ته ڪيترين ئي قيمتي جانين کي بچائي سگهجي ٿو.

 

سنڌ حڪومت سنڌو درياهه جي ڪچي واري علائقي ۾ پنجاب ۽ بلوچستان سان لڳندڙ حدن تي موجود ڌاڙيلن جي خاتمي جا اعلان ڪندي رهي ٿي. هر چار کان ڇهن مهينن بعد آپريشن لاءِ خاص گرانٽون جاري ٿين ٿيون. انهن ڪارروائين دوران پوليس جا سپاهي ۽ ڪجهه آفيسر شهيد به ٿين ٿا، پر نه سنڌ پوليس ۽ نه ئي پنجاب پوليس ڪچي جي ڌاڙيلن جو مڪمل خاتمو ڪري سگهي آهي. هاڻي ته اهي ڌاڙيل ڪراچي جي واپارين کي اغوا ڪري به کڻي وڃن ٿا.

حڪومت تعليم لاءِ 583 ارب رپيا مختص ڪيا آهن. سنڌ ۾ خواندگي جي شرح 58 کان 61 سيڪڙو جي وچ ۾ آهي، جڏهن ته ٻهراڙي ۾ اها صرف 39 سيڪڙو آهي ۽ ڳوٺاڻين عورتن ۾ صرف 30 سيڪڙو آهي. اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو انگ لڳ ڀڳ 70 لک آهي، جڏهن ته 2026ع ۾ به سنڌ ۾ 7 هزار کان 11 هزار تائين گوسٽ اسڪول موجود آهن. هڪ سروي موجب انهن مان ڪيترن ئي اسڪولن جون عمارتون به موجود ناهن، پر اتي عملي ۽ شاگردن جا رڪارڊ موجود آهن. ڪجهه اسڪولن جون عمارتون اڌوريون آهن، پر انهن ۾ مقرر استادن ۽ غير تدريسي عملي بابت حڪومت ڪا واضح پاليسي پيش نٿي ڪري. انهن استادن مان گهڻا ٻيون يا ٽيون نوڪريون به ڪن ٿا، جڏهن ته ڪجهه چونڊيل نمائندن ۽ وزيرن جي آفيسن يا اوطاقن تي نظر اچن ٿا. اندرون سنڌ جي هڪ صحافي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن گوسٽ اسڪولن جي استادن ۽ عملي سان ملاقات ڪرڻي هجي ته اها چونڊن دوران اليڪشن ڪميشن، ريٽرننگ آفيسرن جي آفيسن يا پولنگ اسٽيشنن تي ئي ممڪن هوندي آهي.

سنڌ حڪومت سرڪاري ڪاليجن جي ترقي لاءِ به سنجيده نظر نٿي اچي. انٽر سائنس، ڪامرس ۽ آرٽس جي ڪلاسن ۾ عام طور پڙهائي نه ٿيندي آهي، جڏهن ته سائنس ۽ ڪامرس جا استاد پنهنجو گهڻو وقت ڪوچنگ سينٽرن ۾ گذارين ٿا. پيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيئيٽ جا امتحاني بورڊ به بدانتظامي جو شڪار رهيا آهن. ڪراچي ۾ ڪجهه مهينا اڳ ميٽرڪ جا امتحان اوچتو ملتوي ڪيا ويا، ڇاڪاڻ ته ٻئي بورڊ جي هڪ جونيئر آفيسر کي امتحانن دوران ڪنٽرولر امتحانات مقرر ڪيو ويو هو، جنهن سبب سمورو نظام متاثر ٿيو.

هزارين شاگرد پنهنجا امتحاني مرڪز ڳوليندي پريشان رهيا. امتحانن ۾ ميرٽ جي ڀڃڪڙي عام ڳالهه بڻجي وئي آهي. بورڊن ۽ يونيورسٽين واري وزير هميشه وانگر جاچ جو حڪم ته ڏنو، پر عملي طور ڪجهه به نه ٿيو. جديد آءِ ٽي ٽيڪنالاجي ذريعي نقل روڪڻ ۽ امتحاني پرچا اڳواٽ ليڪ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ سمارٽ ايگزامينيشن روم ٺاهڻ ۾ ڪنهن به بورڊ دلچسپي نه ڏيکاري آهي، جنهن جو سڄو بار غريب شاگردن تي پوي ٿو.

سنڌ حڪومت سرڪاري ڪاليجن ۾ نوان مضمون شروع ڪرڻ بابت به ڪڏهن سنجيدگي سان نه سوچيو آهي، جيتوڻيڪ امتحانن کي شفاف بڻائڻ بابت بحث هر سال ٿيندو رهي ٿو. خيرپور يونيورسٽي انتظامي ۽ مالي بحرانن جو شڪار آهي، جڏهن ته ڪراچي يونيورسٽي جي استادن به پنهنجن حقن لاءِ هڪ مهيني تائين تحريڪ هلائي. سنڌ جي ٻين يونيورسٽين جي حالت به لڳ ڀڳ ساڳي آهي. البته سنڌ حڪومت جو هڪ مثبت پهلو اهو آهي ته ملڪ ۾ صرف سنڌ حڪومت ئي سرڪاري يونيورسٽين کي مناسب مالي گرانٽ فراهم ڪري ٿي.حڪومت صحت لاءِ 393 ارب رپيا مختص ڪيا آهن، پر پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پي ايم اي) صحت جي بجيٽ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ بيمارين جو خاتمو غير سرڪاري تنظيمن کي گرانٽ ڏيڻ سان نه، پر بنيادي صحت جي نظام ۽ بيمارين جي روڪٿام تي خرچ ڪرڻ سان ئي ممڪن آهي. ڪيترن صحافين جو چوڻ آهي ته ڪراچي سميت اندرون سنڌ جي اڪثر اسپتالن ۾ دوائون موجود ناهن ۽ ڪراچي کان سواءِ ڪنهن به وڏي اسپتال ۾ برنس وارڊ قائم ناهي.

بلدياتي نظام جي ڪمزوري سبب سڄي صوبي ۾ آوارا ڪتن جو وڏو مسئلو پيدا ٿي ويو آهي. گذريل هڪ سال دوران ڪتن جي چڪ سبب لڳ ڀڳ 100 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته اندرون سنڌ ۾ ريبيز جي ويڪسين به آساني سان موجود ناهي. هڪ سال دوران ايڇ آءِ وي وائرس سبب ڪيترائي ٻار به فوت ٿيا آهن، جڏهن ته لاڙڪاڻو، رتوديرو ۽ نواب شاهه ۾ ايڇ آءِ وي جي بيماري تيزي سان پکڙجي رهي آهي. ڪچري جا ڍير ۽ گندو پاڻي صاف پاڻي سان ملڻ سبب مختلف بيماريون وڌي رهيون آهن. جيتوڻيڪ صحت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي نسبتاً بهتر سمجهي وڃي ٿي، پر جيستائين سڄي صوبي ۾ صفائي ۽ صحت بخش ماحول بهتر نه ٿيندو، تيستائين بيماريون وڌنديون رهنديون. هن بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ انڊر گرائونڊ ٽرين ۽ اليڪٽرڪ ٽرام بابت ڪو به منصوبو شامل ناهي، جڏهن ته حڪومت سرڪلر ريلوي جي بحالي لاءِ وفاق کان مدد جي اميد رکي ٿي.حڪومت مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار 43 هزار رپيا مقرر ڪئي آهي، پر سرڪاري ادارن ۾ عارضي ملازمن کي اها پگهار نٿي ملي ۽ خانگي شعبي به ان تي مڪمل عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.سنڌ جي محنت واري وزير سعيد غني جا بيان ته مضبوط هوندا آهن، پر عملي صورتحال اڃا به اطمينان بخش ناهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي هن بجيٽ تي بنا ڪرپشن جي عملدرآمد ڪيو وڃي، ڇو ته جيڪڏهن مختص ڪيل وسيلا صحيح نموني استعمال ڪيا وڃن ته صوبي جي حالتن ۾ نمايان ۽ مثبت تبديلي آڻي سگهجي ٿي.

 

You might also like