ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ 8 محرم الحرام جو مرڪزي جلوس نشتر پارڪ مان برآمد ٿيو.جلوس روايتي رستن تان گذرندي آخر ۾ حسينيه ايرانيان، کارادر تي پهچڻ بعد اختتام پذير ٿيو.ايڊيشنل آءِ جي آزاد خان جلوس جي رستي جو دورو ڪندي چيو ته جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ 6 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ پڻ جلوس جي رستن جي مسلسل نگراني ڪري رهيو آهي.هن چيو ته رينجرز جا اهلڪار به پوليس سان گڏ سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏئي رهيا آهن.ايڊيشنل آءِ جي موجب، مرڪزي جلوس جي رستن تي اضافي نفري ۽ ريزرو فورس مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته حساس هنڌن تي سنائپرز مقرر ڪيا ويا آهن ۽ سرچ آپريشن ذريعي به نگراني جاري آهي.پوليس شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته ڪنهن به مشڪوڪ سرگرمي بابت فوري طور مددگار 15 تي اطلاع ڏين. پوليس موجب، جلوس جي فضائي نگراني پڻ جاري آهي.