مظفرآباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف کي آزاد ڪشمير هاءِ ڪورٽ 2026ع جي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي عبوري اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت ۾ داخل آئيني درخواست ۾ پي ٽي آءِ آزاد ڪشمير، اليڪشن ڪميشن جي 16 مئي 2026ع واري ان فيصلي کي چيلينج ڪيو هو، جنهن تحت پارٽي جي رجسٽريشن کان انڪار ڪيو ويو هو، آزاد ڪشمير هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس سيد شاهد بهار جي سربراهي ۾ ٻڌڻي بعد جاري ڪيل عبوري حڪم موجب پي ٽي آءِ آزاد ڪشمير کي ايندڙ عام چونڊن ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وئي، عدالت واضح ڪيو آهي ته هي حڪم عارضي نوعيت جو آهي ۽ ان جو دارومدار بنيادي درخواست جي حتمي فيصلي تي هوندو، عدالت وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ ڪيس 2 جولاءِ 2026ع تائين ملتوي ڪري ڇڏيو جتي ڌرين جا تفصيلي دليل ٻڌا ويندا، عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي، رجسٽريشن سان لاڳاپيل قانوني گهرجن، آڊٽ ۽ ٻين معاملن جو تفصيلي جائزو ايندڙ ٻڌڻي دوران ورتو ويندو.