پنوعاقل (رپورٽ : ارشاد رستم انڍڙ) پنوعاقل ڀرسان ڳوٺ ڳڙھي ۾ جوابدارن فائرنگ ڪري نوجوان صابر مھر کي ڪارنهن الزام مڙهي قتل ڪري ڇڏيو، منهنجي زال بيگناھ آهي ڪاري ناهي، الزام هيٺ آيل ناري جو مڙس، مقتول نوجوان جي لاش جو پوسٽ مارٽم لاءِ وارثن کان تعلقي اسپتال جي عملي پاران مبينا طور رشوت طلب رشوت نه ڏيڻ سبب 7 ڪلاڪن تائين لاش مرده خاني ۾ پيل رهيو وارثن جي احتجاج بعد پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڳوٺ ڳڙهي ۾ جوابدارن ڪارنهن جو الزام هڻي نوجوان صابر مهر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ وارثن پاران رات جو 2 وڳي نوجوان جي مڙھ کي تعلقي اسپتال پني عاقل منتقل ڪيو ويو جتي مقتول جي وارثن دانهيندي چيو ته رات 2 بجي لاش کڻائي آيا آهيون، پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال وارا پئسا گھرن پيا جيڪي نه ڏيڻ سبب هن مهل (9 بجي) تائين لاش جو پوسٽ مارٽم ناهي ڪيو ويو مقتول جو لاش رات کان وٺي مرده خاني ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ پيل آهي. ڄاڻ موجب معاملو ميڊيا تي اچڻ کان پوءِ اسپتال انتظاميا پاران مقتول جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو جنهن کان پوءِ مقتول نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن موجب نوجوان کي بيگناھ قتل ڪيو ويو آهي پوليس معاملي جي شفاف جاچ ڪري انصاف ڪري، ٻئي پاسي ڪارنهن الزام هيٺ آيل ناري دلشاد خاتون سندس مڙس سان گڏجي پنهنجو بيان ڏيندي چيو آهي ته مقتول صابر منھنجو ڀاءُ آھي منھنجي گواھي منھنجو مڙس ڏي پيو ته مان بي ڏوھي آھيان جڏهن ته سندس مڙس ڪامران مهر چيو ته منھنجي زال بيگناھ آھي ڪاري ناھي ، عمران ۽ انيس مھر بي ڏوھي منھنجي گھر واري تي ڪارنهن جو ڪوڙو الزام ڏيئي رھيا آھن.