ارسا ۾ سنڌ جي نمائندگي نه هئڻ انتظامي نااهلي آهي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، حسنہ راهوجو، پرهه سومرو ۽ اقبال جروار  پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ارسا ۾ سنڌ جي نمائندگي نه هئڻ سنڌ سرڪار جي انتظامي نااهلي  آهي. ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي غير قانوني طور سنڌ جو پاڻي روڪي ڇڏيو پر سنڌ سرڪار ان خلاف ڪنهن به فورم تي ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته پنجاب سرڪار طرفان سنڌ جو پاڻي روڪڻ سبب سنڌ جا آبادگار، هاري ۽ ساحلي علائقا زرعي پاڻي سان گڏ پيئڻ جي پاڻي جي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن، ان باوجود سنڌ حڪومت جي خاموشي ۽ غيرسنجيدگي شرمناڪ عمل آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو گذريل ٽن مهينن کان بيماري سبب پاڻي بابت اهم گڏجاڻين ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو آهي پر سنڌ حڪومت ان عرصي دوران نئون نمائندو مقرر ڪرڻ جي ڪا به سنجيده ڪوشش ناهي ڪئي. نتيجي طور ارسا ۾ سنڌ جي ڪا به نمائندگي موجود ناهي، جنهن سبب پنجاب کي سنڌ جي پاڻي تي وڌيڪ ڌاڙا هڻڻ جو موقعو ملي ويو آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته ارسا سنڌ جي حصي جو پاڻي روڪي پنجاب جي ٻوڏن وارن ڪئنالن جا منهن کولي ڇڏيا آهن. سنڌ جي نمائندي جي غيرموجودگي سبب ارسا اندر سنڌ جو موقف پيش ڪرڻ، اعتراض داخل ڪرائڻ ۽ پاڻي جي ورڇ بابت سنڌ جي آئيني حقن جو دفاع ڪرڻ وارو ڪو به موجود ناهي، پيپلز پارٽي به پارليامينٽ ۾ اکر به ڪڇڻ لاءِ تيار ناهي جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته پيپلز پارٽي بلاول کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ سنڌو درياهه پنجاب کي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. پر اسين کين ٻڌايون ٿا ته سنڌو درياهه ڪنهن پير، مير ۽ جاگيردار جي ملڪيت ناهي، هي سٽ ڪروڙ سنڌين جو درياهه آهي، سنڌو درياهه جي تحفظ لاءِ سنڌ جي هارين، آبادگارن، شاگردن، مزدورن، سميت سموري قوم کي يڪمشت ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي. هنن مطالبو ڪيو ته  ارسا ۾ سنڌ جي نمائندگي فوري بحال ڪئي وڃي، سنڌ جي حصي جو پاڻي يقيني بڻايو وڃي، پنجاب کي غيرقانوني طور اضافي پاڻي فراهم ڪرڻ بند ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي آبادگارن، هارين ۽ ساحلي پٽي جي رهواسين کي پاڻي جي حق کان محروم ڪرڻ وارو سلسلو ختم ڪيو وڃي.ٻي پاسي ڊگهڙي ۾ پيپلز پارٽي سرڪار جي نمائندن طرفان مظلوم ميگهواڙ برادري جا گهر ڊاهي پٽ ڪرڻ، چادر ۽ چوديواري جي تقدس کي پائمال ڪرڻ ۽ عورتن، ٻارڙن سميت بيگناهه ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ واري غيرانساني، غيرقانوني ۽ ظالماڻي عمل جي سخت مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته هي واقعو انساني حقن، آئين ۽ قانون جي کليل ڀڃڪڙي آهي.

 

هنن چيو ته گهر ڊاهي معصوم ٻارڙن، عورتن ۽ پورهيت خاندانن کي کليل آسمان هيٺ آڻيندڙ سنڌ سرڪار جي نام نهاد چونڊيل نمائندي مير طارق علي ٽالپر جي پيءُ مير منظور علي ٽالپر ۽ ٻين جوابدارن خلاف دهشتگردي، غنڊا گردي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جا ڪيس داخل ڪري کين فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. متاثر خاندانن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ سندن گهر، مال ملڪيت ۽ ٻين نقصانن جو ازالو سرڪاري خرچ تي ڪيو وڃي. اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميواري نڀائيندي متاثر ميگهواڙ برادري کي فوري انصاف فراهم ڪن ۽ جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻين. هنن مطالبو ڪيو ته متاثر ماڻهن لاءِ فوري رهائش، مالي امداد ۽ تحفظ جا انتظام ڪيا وڃن ته جيئن هو پنهنجي زندگي روزمره جو ڪارونهوار  ٻيهر بحال ڪري سگهن.

 

You might also like