ملڪي حڪمرانن کي عالمي پذيرائي ملي، هاڻي اڳتي جو سوچڻو آهي

اياز امير

گهڻو ڪجهه اڃا ڪرڻو باقي آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ شروعاتي معاهدو ته ٿي ويو آهي. ان حوالي سان آمريڪي صدر ڪيترائي ڀيرا پاڪستان ۽ ان جي قيادت جو ذڪر ڪري چڪو آهي. پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو رهيو، پر رڳو انهيءَ ڪاميابي تي خوش ٿي ويهي رهڻ مناسب نه هوندو. اسان جا پنهنجا به ڪيترائي مسئلا آهن، جن تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن مسئلن تي ڳالهائڻ کان اڳ هڪ ٻي ڳالهه به ضروري آهي. هتي ڪجهه ماڻهو اهو چوڻ کان نٿا ٿڪجن ته سفارتي محاذ تي پاڪستان جي هي ٻي وڏي ڪاميابي آهي. پهرين ڪاميابي اها هئي جڏهن پاڪستان آمريڪا ۽ چين کي ويجهو آڻڻ لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪيو. پر شايد ان ڪارنامي جو وڌيڪ ذڪر نه ڪرڻ ئي بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته جولاءِ 1971ع ۾ جنرل يحيٰ خان ڊاڪٽر هينري ڪسنجر جي چين جي ڳجهي دوري لاءِ سهولت فراهم ڪئي، پر ساڳئي سال ڊسمبر ۾ ڀارتي فوج اوڀر پاڪستان تي حملو ڪيو ۽ پاڪستان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو.

موجوده معاهدي ۾ به ٻيا ڪيترائي سهولتڪار شامل رهيا آهن، پر پاڪستان جو ڪردار اهم رهيو آهي. مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿي چڪيون آهن، پر اڃا ڪيترن ئي معاملن تي ڳالهيون ٿيڻيون آهن. اسرائيل ۾ هن معاهدي خلاف سخت ناراضگي موجود آهي ۽ آمريڪا ۾ به صهيوني لابي سخت ردعمل ڏيکاري رهي آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اڃا گهڻو ڪجهه طئي ٿيڻ باقي آهي. پاڪستان سهولتڪار طور پنهنجو فرض سٺو نڀايو، پر هاڻي پنهنجي اندروني مسئلن ڏانهن به ڌيان ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن ٻاهرين معاملن ۾ اهڙي سفارتي ڪاميابي حاصل ٿي سگهي ٿي ته ملڪ جي اندر به ڪجهه اهڙا قدم کنيا وڃن جيڪي پاڪستان کي ترقي جي راهه تي وٺي وڃن. صرف سفارتڪاري سان نه ڊالر ايندا ۽ نه ئي معيشت بهتر ٿيندي.

آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيل معاهدو رڳو هڪ بنيادي فريم ورڪ آهي، جنهن جي اندر رهندي اڃا ڪيترائي مرحلا طئي ڪرڻا آهن. اهڙيءَ طرح ملڪ جي اندروني سياسي مسئلن لاءِ به ڪو واضح فريم ورڪ تيار ٿيڻ گهرجي، جيئن خبر پوي ته سياسي اختلافن کي ڪهڙي طريقي سان حل ڪيو ويندو. پاڪستان جي بانين جو تصور اهو هو ته ملڪ جا مسئلا عوام جي مرضي مطابق حل ڪيا ويندا، حڪومتون عوامي ووٽ سان ٺهنديون ۽ چونڊيل نمائندا گڏجي قومي ترجيحن جو تعين ڪندا. آئين اڄ به اهوئي چوي ٿو ته مقرر وقت تي عوام ڏانهن رجوع ڪيو وڃي ۽ حڪومت عوام جي راءِ مطابق قائم ڪئي وڃي.

هاڻي اهو ورجائڻ جي ضرورت ناهي ته گذريل چونڊن ۾ ڇا ٿيو، پر اصل سوال اهو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڇا ٿيندو؟ ڇا وري فارم 45 ۽ فارم 47 جهڙا تڪرار سامهون ايندا يا ملڪ هڪ شفاف ۽ قابل قبول چونڊ نظام ڏانهن وڌندو؟ اسان ڄاڻون ٿا ته سعودي عرب ۾ بادشاهت جو نظام آهي ۽ سڀ معاملا انهيءَ نظام تحت هلن ٿا. قطر، گڏيل عرب امارات، ڪويت، بحرين ۽ عمان ۾ به خانداني بادشاهتون قائم آهن. ايران ۾ هڪ مختلف نظام آهي، جيڪو 1979ع جي اسلامي انقلاب سان پنهنجي قانوني حيثيت جو تعلق جوڙي ٿو. اتي چونڊون ٿين ٿيون، پر آخري اختيار سپريم ليڊر ۽ غير چونڊيل گارڊين ڪائونسل وٽ هوندو آهي.

پاڪستان جو نظام انهن سڀني کان مختلف آهي. هتي قانون ۾ ڪنهن سپريم ليڊر جو تصور موجود ناهي، بلڪه حڪمراني الله جي حڪمن جي روشني ۾ عوام جي چونڊيل نمائندن وسيلي هلائڻ جو تصور ڏنو ويو آهي. پر عملي طور تي آئين ۽ قانون هڪ ڳالهه ڪن ٿا، جڏهن ته حقيقت ۾ ڪجهه ٻيو ئي ٿيندو رهيو آهي. ڪڏهن ايوب خان جهڙو فوجي حڪمران سامهون اچي ٿو ته ڪڏهن ضياءُ الحق جهڙو آمر. تنهن ڪري اهو صرف ادبي بحث نه پر هڪ عملي سوال آهي ته آخر پاڪستان ۾ ڪهڙو نظام هلائڻو آهي؟ جيڪڏهن فوجي حڪمرانن جو نظام ايترو ئي ڪامياب هجي ها ته شايد هتي مستقل بادشاهت قائم ٿي وڃي ها ۽ قوم چونڊن جي تڪليف کان آزاد ٿي وڃي ها. اهڙي قسم جا حڪمران صرف پاڪستان ۾ نه پر اوڀر ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ به رهيا آهن. تائيوان به اهڙين حالتن مان نڪتو، پر اتي ترقي کي اوليت ڏني وئي ۽ اڄ اهي قومون هر شعبي ۾ اڳتي آهن، جڏهن ته پاڪستان اڃا تائين ٻين جي سهاري تي بيٺو نظر اچي ٿو.

ڪڏهن پاڪستان ڪسنجر کي بيجنگ پهچائڻ ۾ مصروف رهيو، ته ڪڏهن افغان جهاد ۾ ٽپو ڏنو، ۽ انهن ڪردارن تي فخر ڪندو رهيو، ڇاڪاڻ⁠تہ عالمي طاقتن کان ساراهه ملي رهي هئي. ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف جا دور ان جا واضح مثال آهن. افغانستان ۾ آمريڪا کي پاڪستان جي ضرورت هئي، پاڪستاني حڪمران اها ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهيا. قوم جا وسيلا انهيءَ حڪمت عملي تي خرچ ٿيا، ڪجهه هٿيار، ڪجهه ڊالر ۽ ڪجهه ريال مليا، ۽ حڪمران مغربي ملڪن ۾ ملندڙ تعريف تي خوش ٿيندا رهيا.

پر ٻنهي موقعن تي آمريڪا پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان کي اڪيلو ڇڏي ڏنو، ۽ پوءِ پاڪستان جا حڪمران بي وفائي جون شڪايتون ڪندا رهيا. اهو منظر بار بار ڏسڻ باوجود به قومي پاليسين ۾ ڪا بنيادي تبديلي نه آئي. هن جنگ دوران پاڪستاني قوم هڪ ٻي ڳالهه به ڏٺي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان ايران ڪيترو اڳتي وڌي چڪو آهي. ايران وٽ موجود ميزائل ۽ ڊرون گهڻو ڪري ملڪ اندر تيار ڪيا ويا آهن. آمريڪا به ايران جي شاهد ڊرون جي ماڊل کي سامهون رکي پنهنجا ڊرون تيار ڪيا. اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ايران ۾ تعليم ۽ سائنسي تحقيق کي ڪيتري اهميت ڏني وئي آهي.

اها ترقي 1979ع جي انقلاب کان پوءِ تعليم کي قومي ترجيح بڻائڻ جو نتيجو آهي. حڪومت پنهنجي ماڻهن کي جهالت مان ڪڍڻ لاءِ تعليم تي وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ڪئي. سوال اهو آهي ته پاڪستان ۾ ائين ڇو نه ٿيو؟ تعليم قومي ترجيح ڇو نه بڻجي سگهي؟ ايران وٽ تيل جي دولت آهي، پر پاڪستان وٽ محدود وسيلا هجڻ باوجود انهن جو بهتر استعمال ٿي سگهي پيو. افسوس جو هتي وسيلا عيش عشرت ۽ غير ضروري خرچن تي لڳندا رهيا، امير وڌيڪ امير ٿيندا رهيا ۽ جتي قومي دولت لڳڻ گهرجي هئي، اتي ڌيان نه ڏنو ويو. جيڪڏهن حڪمران واقعي دور انديش هجن ها ته تعليم، صحت ۽ انساني ترقي کي ترجيح ڏين ها. دفاع مضبوط رهندو، ايٽمي طاقت به برقرار رهندي، پر رياستي معاملن ۾ سادگي ۽ بچت به نظر اچي ها. بدقسمتي سان حڪمراني جو انداز اهو ڏيکاري ٿو ته فضول خرچي ۽ شاه خرچي ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي.

اصل ضرورت اها آهي ته رياست جي نظام ۾ بنيادي سڌارا آندا وڃن. عياشي ۽ غير ضروري خرچ گهٽايا وڃن، موجود وسيلا عوام جي حقيقي ضرورتن تي خرچ ڪيا وڃن، تعليم ۽ صحت کي اوليت ڏني وڃي، اسڪول ۽ يونيورسٽيون معياري بڻايون وڃن، اسپتالن جون سهولتون بهتر ڪيون وڃن ۽ غربت ۾ نمايان گهٽتائي آندي وڃي. ساڳئي وقت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وڌندڙ بيچيني جو به حل ڳولڻو پوندو. خاص طور تي اولهه وارن صوبن ۾ جاري بدامني، شورش ۽ آزاد ڪشمير ۾ ظاهر ٿيندڙ بيچيني تي سنجيده ڌيان ڏيڻ ضروري آهي، جيئن هن بيقرار سرزمين کي سياسي استحڪام ۽ قومي يڪجهتي نصيب ٿي سگهي.

 

You might also like