علي صفدر سان منهنجي پهرين ملاقات 2018ع ۾ ٿي، جنهن جو وسيلو منهنجي گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب ”روشنيءَ جا رنگ“ بڻيو، جنهن جو مرتب سڪندڙ هڙهو هو. ان ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ لاءِ علي صفدر کان سندس تبصرو ۽ شاعريءَ جو مواد وٺڻو هو. ان وقت هو شهدادڪوٽ جي سبزي منڊي ۾ هڪ واپاري وٽ اڪائونٽنٽ طور ڪم ڪري رهيو هو. ان پهرين ملاقات کانپوءِ اسان جي ٻي ملاقات ننڍڙي پيماني تي لاشاري جي چانهه واري هوٽل تي ٿي، جتي تفصيلي ڪچهري ۽ تعارف ۾ وڌيڪ ويجهڙائي پيدا ٿي. علي صفدر سان مزاج ۽ سوچن جي هڪجهڙائيءَ سبب اها مختصر ملاقات جلد ئي گهري دوستي جي رنگ ۾ تبديل ٿي وئي. اسان جي اڪثر فون ڪالز ۽ ميسيجز تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن فيسبوڪ يا موبائيل ۾ ڪو ٽيڪنيڪل مسئلو ايندو هو ته کليءَ دل سان آواز ڏيندو هو ته، ”اڙي ڀٽي! اچ يار، موبائيل وري عجيب نموني هلي پيو، ان کي سيٽ ڪري ڏي.“
هو ادبي طور انتهائي امير شاعر هو، پر غربت جي غار ۽ مسواڙ نه ڀري سگهڻ جي ڳڻتي سندس روح کي اندر ئي اندر ۾ نستو ڪرڻ شروع ڪيو هو. علي صفدر وٽ جتي ادبي علم جو خزانو هو، اتي غربت به کيس گهيريندي وئي. هو جڏهن ڳالهائيندو هو ته لڳندو هو ڄڻ شاعري ڪري رهيو هجي. کيس قدرتي لفظن جي هڪ وڏي ڊڪشنري ياد هئي، جتان هو ڪائنات جا سڀ رنگ پنهنجي تخليقن ۾ سمائي وٺندو هو. ا
قنبر آرٽ ڪائونسل ۾ جڏهن علي صفدر جي ناول ”ماڻهو هڪ جهنگل آ“ جي مهورتي تقريب ٿي، ته ان ۾ مون هڪ مقالو پڙهيو هو، جنهن تي هو انتهائي خوش ٿيو. هو هميشه وڏي حوصلا افزائي ڪندو هو، ڇو ته ان جي علمي ڇانوَ ۾ اسان کي به گهڻو ڪجهه سکڻ ۽ ادبي آڌار وٺڻ جو موقعو ملندو هو. هو اڪثر مونکي پيار مان ”اڙي ڀٽي“ ڪري سڏيندو هو. اسان ڪيترن ئي ادبي ڪمن ۽ تنظيمي شاخن تي بحث ڪندا هئاسين ۽ عملي قدم کڻڻ جو سوچيندا هئاسين. ان سلسلي ۾ ٽي سال اڳ اسان هڪ ادبي شاخ کولڻ جي ڪوشش به ڪئي، جنهن جي عهديدارن جا نالا اخبارن ۾ شايع به ٿيا. اسان هڪ منفرد ارادي سان ڪم جي شروعات ڪرڻ ٿي چاهي، پر بدقسمتيءَ سان اهو خواب پورو نه ٿي سگهيو. زندگي جي مصروفيتن ۽ ڪمن ڪارن جي ڪري وقت گذرڻ سان گڏ اسان جي ملاقاتن ۾ گهٽتائي ايندي وئي. تنهن کانپوءِ علي صفدر جي بيماريءَ جي خبر پئي، جنهن کيس جسماني طور تي سماج کان ٿورو الڳ ٿلڳ ڪري ڇڏيو هو کيس مسلسل بيماريءَ جي بستري تي ڏسي، مون کي اها ڳالهه شدت سان ياد اچي ٿي ته هن پنهنجي جيئري ان وڏي شهرت کي پنهنجي اکين سان نه ڏٺو، جنهن جو هو حقدار هو. مان اڪثر علي صفدر کي چوندو هئس ته، ”استاد! تون سنڌ جي وڏن مشاعرن ۽ ميلن ۾ ڇو نٿو وڃين؟“ ان تي هو وڏي سنجيدگي سان جواب ڏيندو هو ته، ”منهنجو علم مونکي ان ڳالهه جي اجازت نٿو ڏئي.“ کيس اڪثر دعوتون ملنديون رهنديون هيون، پر تنهن هوندي به هو وڃڻ کان پاسو ڪندو هو. هو هڪ انتهائي سادي طبيعت ۽ فطري طور تي فقير منش انسان هو، جنهن جو سچ اڪثر جذبات ۾ ظاهر ٿيندو هو. هو هڪ کرو ۽ بيباڪ اديب هو.
مان اڄ جڏهن ان ماضيءَ جي وقت کي موجوده وقت سان ڀيٽيان ٿو، ته ان نتيجي تي پهچان ٿو ته هر انسان جي قسمت جو ستارو مختلف وقتن تي چمڪندو آهي. علي صفدر جي نالي، ڪم ۽ نامياريءَ کي اها وڏي شهرت سندس لاڏاڻي کانپوءِ ملي، جيڪا شهرت ۽ موٽ هو پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي اکين سان ڏسي نه سگهيو. اهو ئي اسان جي سماج جو سڀ کان وڏو الميو آهي.