لنڊن (م ڊ) عالمي منڊي ۾ ڪچي جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جتي برينٽ ڪروڊ جي قيمت لڳ ڀڳ چئن مهينن جي گهٽ ترين سطح تي پهچي وئي، عالمي اقتصادي انگن اکرن موجب برينٽ ڪروڊ 74.80 ڊالر في بيرل تي واپار ڪندو رهيو، جيڪو بعد ۾ وڌيڪ گهٽجي تقريبن 73.8 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويو، هي پهريون ڀيرو آهي جو برينٽ ڪروڊ جي قيمت 75 ڊالر في بيرل کان هيٺ آئي آهي، جيڪا آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ کان اڳ واري سطح جي ويجهو سمجهي پئي وڃي،معاشي ماهرن موجب ڪچي تيل جي قيمتن ۾ تيزي سان گهٽتائي جو وڏو سبب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل معاهدي کان پوءِ آبنائي هرمز مان تيل کڻي ويندڙ جهازن جي آمدرفت جو معمول تي اچڻ آهي، ان کان سواءِ آمريڪا پاران ڪجهه پابندين ۾ 60 ڏينهن جي نرمي بعد ايراني ڪچي تيل جي برآمدن ۾ واڌ جو امڪان پڻ پيدا ٿيو آهي، جنهن سان عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي فراهمي وڌڻ جا امڪان آهن.
تيل سستو ٿيڻ تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي تڪليف، احتجاج
اسلام آباد (بيورو) پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي کان پوءِ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته بامعنيٰ مشاورت کان سواءِ پيٽروليم شين جي قيمتن بابت فيصلا نه ڪيا وڃن، آئل ڪمپنين جي نمائنده اداري، آئل ڪمپنين ايڊوائزري ڪائونسل (او سي اي سي)، وفاقي حڪومت کي هنگامي خط لکي ٻارڻ جي فراهمي متاثر ٿيڻ بابت خدشا ظاهر ڪيا آهن، خط ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن بابت هڪ طرفا فيصلا آئل انڊسٽري کي سخت مالي بحران ۾ مبتلا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪمزور ڪمپنيون ڏيوالي جي خطري کي منهن ڏئي سگهن ٿيون، او سي اي سي موجب نئين پرائسنگ فارمولي سبب آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ريفائنريز کي 104 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته حڪومتي پاليسين سبب ڪمپنين جي ورڪنگ ڪيپيٽل ۽ مالي وهڪري تي به منفي اثر پيو آهي، ڪائونسل خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن موجوده پاليسي جاري رهي ته ايندھن جي سپلاءِ چين متاثر ٿي سگهي ٿي. عوام کي رليف ڏيڻ جو سمورو بار آئل ڪمپنين تي وجهڻ غيرمنصفاڻو ۽ ناقابل برداشت آهي، اداري موجب وڌندڙ خرچن باوجود صنعت ملڪ ۾ ايندھن جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي آهي، ريفائنريز قومي مفاد ۾ فوج ۽ حج اڏامن لاءِ به پراڻين قيمتن تي ايندھن فراهم ڪنديون رهيون آهن، او سي اي سي جو چوڻ آهي ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جا مارجن لڳ ڀڳ اڍائي سالن کان نظرثاني جا منتظر آهن.
جڏهن ته 66.7 ارب رپين جي رهتن جي عدم ادائيگي سبب مالي دٻاءُ وڌيڪ وڌي ويو آهي.