اسلام آباد(بيورو)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت عالمي سطح تي ته سٺي ساک حاصل ڪري رهي آهي، پر پاڪستان اندر پنهنجي نيڪ نامي وڃائي رهي آهي. هن چيو ته فوج جو ڪم سرحدن جي حفاظت آهي، پر ان کي ملڪ جي اندر استعمال ڪيو پيو وڃي.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان حڪومت، عسڪري قيادت جي سياسي ڪردار ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر تي سخت تنقيد ڪئي. سندس خطاب دوران سرڪاري ٽي وي پي ٽي وي پارليامينٽ ۽ قومي اسيمبلي جي سڌي نشريات اوچتو بند ڪئي وئي.خطاب جي شروعات ۾ هن اسپيڪر کي مخاطب ڪندي چيو ته، جناب اسپيڪر! اوهان ڪالهه ايوان ۾ ضرورت کان وڌيڪ ڳالهايو، اوهان جي جذباتي گفتگو اوهان جي عهدي جي شان مطابق نه هئي ۽ اهڙي گفتگو کان پاسو ڪرڻ گهرجي هاحڪومتي بينچن ڏانهن اشارو ڪندي مولانا فضل الرحمان ماضي جي سياسي جلسن جو حوالو ڏيندي چيو ته جڏهن ميان نواز شريف اسان سان گڏ ڪنٽينر تي هوندو هو، ته ڇا هو جلسن ۾ آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جو نالو نه وٺندو هو؟ ڇا نواز شريف پاڻ فوج کي "زراعت وارو کاتو” نه چوندو هو؟هن وڌيڪ چيو ته حڪومت شايد عالمي سطح تي نيڪ نامي ڪمائي رهي هجي، پر پاڪستان اندر پنهنجي ساک مڪمل طور وڃائي چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي فوج کي سرحدن تي مقرر هئڻ گهرجي، پر افسوس سان ان کي ملڪ جي اندر استعمال ڪيو پيو وڃي.آزاد ڪشمير جي صورتحال بابت ڳالهائيندي هن عوامي ايڪشن ڪاميٽي جي ان فيصلي جي آجيان ڪئي، جنهن تحت مظفرآباد ڏانهن اعلانيل مارچ ملتوي ڪيو ويو. ساڳئي وقت هن حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته اڳ اسين والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي ڳالهه ڪندا هئاسين، پر اڄ پنهنجي ئي ڪشمير ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟مولانا فضل الرحمان چيو ته خواجه آصف ايوان ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون، اهي کيس دفاع واري وزير جي حيثيت ۾ نه ڪرڻ گهرجن ها. هن چيو ته حڪومت جي پاليسي سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇو ته وڙهڻ جو ڪم خواجه آصف کي ۽ ٺاهه ڪرائڻ جو ڪم اسحاق ڊار کي ڏنو ويو آهي.رپورٽن موجب، مولانا فضل الرحمان جو خطاب جاري ئي هو ته اوچتو پي ٽي وي پارليامينٽ تي ان جي سڌي نشريات بند ڪئي وئي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي سرڪاري لائيو اسٽريمنگ پڻ روڪي وئي. ايوان اندر لڳل اسڪرينن ۽ آواز جي نظام تان به سندس تقرير بند ڪئي وئي، جنهن تي مخالف ڌر جي ميمبرن سخت احتجاج ڪيو.هن چيو ته اهي سڀ ڳالهيون اسان جي سياست جو حصو رهيون آهن. ڪڏهن ڪڏهن اسين سڀئي پنهنجي حدن کان اڳتي نڪري ويندا آهيون. سٺي ڳالهه اها آهي ته خواجه آصف پاڻ چيو آهي ته اسان کي پنهنجي غلطين مان سبق سکڻ گهرجي، ۽ يقيناً غلطين مان سبق سکڻ سٺي ڳالهه آهي.مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اڄ ڪشمير جا ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، ته جيئن مان اڳ به عرض ڪيو هو، انهن پنهنجي مطالبن جو باقاعده چارٽر پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ناهي جنهن تي حڪومت غور نه ڪري سگهي.هن چيو ته جيڪڏهن ڪجهه نوجوان تقريرن دوران حد کان وڌي ڳالهائي ويا يا پاڪستان بابت نامناسب لفظ استعمال ڪيا، ته ساڳئي اجتماع ۾ ٻين مقررن پاڪستان جي حمايت ۾ به ڳالهايو.مولانا فضل الرحمان ٻڌايو ته گڏيل عوامي ايڪشن ڪاميٽي کيس باقاعده هڪ خط موڪليو آهي، جنهن تي سندن قيادت جا صحيحون موجود آهن. ان خط ۾ هن کان ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.هن چيو ته يقيناً مان اڪيلو اهو ڪم نٿو ڪري سگهان، پر مون کين هاڪاري جواب ڏنو آهي.،سندس چوڻ هو ته ڪالهه لانگ مارچ جي اعلان جي آخري تاريخ هئي، پر ڪاميٽي اهو اعلان نه ڪيو. شايد هو اڃا به پاڻ ۾ صلاح مشورا ڪري رهيا آهن ۽ منهنجي پيغام تي غور ڪري رهيا آهن.مولانا فضل الرحمان چيو ته هن حڪومت کي به ان بابت آگاهه ڪيو، پر اڃا تائين حڪومت طرفان کيس ڪو جواب نه مليو آهي.هن وڌيڪ چيو ته ڪاميٽي طرفان لانگ مارچ جو اعلان نه ڪرڻ پاڻ ۾ هڪ مثبت قدم آهي، جنهن تي هو انهن جو شڪرگذار آهي.هن زور ڏنو ته حڪومت کي گهرجي ته احتجاج ڪندڙن جي مطالبن جي چارٽر تي سنجيدگي سان غور ڪري، نه ڪي نوجوانن جي تقريرن کي جواز بڻائي طاقت استعمال ڪري، ڇاڪاڻ ته اهو حڪومت جو مناسب رويو ناهي.هن چيو ته سٺو ٿيو جو هن وقت پاڪستان جا وزيراعظم شهباز شريف به ايوان ۾ موجود آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت پڻ موجود آهي، ۽ انهن جي موجودگيءَ ۾ آئون اها گذارش ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته احتجاج ڪندڙ عوام جو وڏو انگ راولاڪوٽ ۾ موجود آهي، تنهنڪري اهو چوڻ درست نه ٿيندو ته اتي عوام موجود ئي ناهي،هن چيو ته منهنجي خيال ۾ جڏهن جنگ جهڙي صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته اوهان جنگ سان لاڳاپيل ذميواريون خواجه آصف حوالي ڪندا آهيو، پر اڄ اوهان پاڻ ئي کين ان معاملي کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو.”هن چيو ته هي رڳو اندروني پاليسي جو معاملو ناهي، پر ان جا اثر پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تي پڻ پئجي رهيا آهن.هن چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال اطمينان بخش ناهي. خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ اڳ ئي امن جا مسئلا موجود آهن، سنڌ جا ماڻهو ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي نظر اچن ٿا، ۽ جيڪڏهن ڪشمير ۾ به اهڙي صورتحال پيدا ٿي ته پوءِ حالتون وڌيڪ ڳنڀير ٿي سگهن ٿيون.هن وڌيڪ چيو ته اسان ادارن جو احترام ڪريون ٿا، فوج جو احترام ڪريون ٿا ۽ رياستي ادارن جو احترام ڪريون ٿا، پر ساڳئي وقت اسان جي سامهون آئين ۽ قانون به موجود آهي، جيڪو هر اداري جي اختيارن جون حدون مقرر ڪري ٿو،هن چيو ته جيڪڏهن ادارا پنهنجي آئيني دائري ۾ رهن ته اهي اسان جي سرن جا تاج آهن، پر جيڪڏهن اهي سياست ۾ مداخلت ڪندا، چونڊن جي نتيجن تي اثرانداز ٿيندا يا بلوچستان ۽ گلگت بلتستان جهڙن هنڌن تي چونڊ نتيجن بابت اعتراض اڀرندا، ته پوءِ سياسي قوتون به سياسي ميدان ۾ انهن تي تنقيد ڪنديون.
هن زور ڏنو ته پارليامينٽ ملڪ جو اعليٰ ادارو آهي، ۽ سڀئي ادارا، فوج، اسٽيبلشمينٽ ۽ بيوروڪريسي به پارليامينٽ آڏو جوابده آهن.هن چيو ته پارليامينٽ کي آزاد، بااختيار ۽ بالادست رهڻ ڏيو. اسان ڪنهن اداري جي توهين نٿا ڪريون، نه ئي ڪنهن جو مذاق اڏايون ٿا، پر جيڪڏهن ڪنهن اداري جي روين، پاليسين يا ڪردار بابت شڪايت آهي ته ان کي پارليامينٽ جي رڪارڊ تي آڻڻ اسان جو آئيني حق آهي. مولانا فضل الرحمان پنهنجي تقرير جي پڄاڻي تي وزيراعظم شهباز شريف کي مخاطب ڪندي چيو ته جڏهن اسين گڏجي هڪ اسٽيج تي هوندا هئاسين، تڏهن به اوهان فوجي قيادت جا نالا وٺندا هئا، جنرل فيض جو ذڪر ڪندا هئا ۽ فوجي اداري بابت سخت لفظ استعمال ڪندا هئا. تنهنڪري اڄ ٻين تي تنقيد ڪرڻ کان اڳ پنهنجي ماضي کي به ياد رکڻ گهرجي.