ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي زراعت، اينٽي ڪرپشن، راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر، سنڌ سيمبلي جي بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي ارسا جي رويي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سنڌ جي حصي جو مڪمل پاڻي جاري نه ڪري صوبي جي هارين سان سنگين ناانصافي ڪئي وئي آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. هن مطالبو ڪيو ته ارسا ۾ سنڌ جي آئيني ۽ قانوني حيثيت مطابق ٻن ميمبرن جي نمائندگي کي يقيني بڻايو وڃي. سردار محمد بخش مهر چيو ته هن وقت گهوٽڪي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب فصلن جي پوک متاثر ٿي رهي آهي، جنهن ڪري هاري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ هميشه پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍيو آهي، زراعت کي مجموعي طور بهتر بڻائڻو پوندو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته زراعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي، سائنسي تحقيق ۽ اثرائتين پاليسين کي هٿي ڏني وڃي، جڏهن ته زرعي زمينن کي ڪمرشل زمينن ۾ تبديل ٿيڻ کان به روڪڻو پوندو