لاهور(عوامي آواز نيوز) ملڪ جي تاريخ جي سڀ کان مهانگي ايل پي جي وڪرو، ايل پي جي مافيا عوام کان 60 کان 70 ارب رپيا اضافي وصول ڪري ورتاملڪ جي تاريخ جي سڀ کان مهانگي ايل پي جي وڪرو ڪندي ايل پي جي مافيا مهانگائي ۾ پيل عوام جي کيسن مان 60 کان 70 ارب رپيا ڪڍي ورتا. عوام، جيڪا ايل پي جي سرڪاري طور 309 رپيا في ڪلوگرام مقرر هئي، سا 600 رپين کان به وڌيڪ اگهه تي خريد ڪرڻ تي مجبور رهيو.ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب پيدا ٿيل توانائي بحران جو فائدو وٺندي ايل پي جي مافيا پنهنجي مرضي موجب اگهه مقرر ڪري ايل پي جي وڪڻي، ۽ اڄ به اها سرعام وڌيڪ اگهه تي وڪرو ٿي رهي آهي. پاڪستان ايل پي جي ڊسٽريبيوٽرز ايسوسيئيشن جي انگن اکرن موجب، پاڪستان ۾ روزانو 60 لک ڪلوگرام کان وڌيڪ ايل پي جي وڪرو ٿئي ٿي. اوگرا جون مهيني لاءِ ان جي سرڪاري قيمت 309 رپيا في ڪلوگرام مقرر ڪئي هئي، پر ملڪ جي ڪنهن به هنڌ تي ان اگهه تي ايل پي جي موجود ناهي. هر پلانٽ، هر ڪمپني ۽ هر دڪاندار پنهنجو الڳ اگهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب عوام ملڪ جي تاريخ جي سڀ کان مهانگي ايل پي جي خريد ڪرڻ تي مجبور آهي.دڪاندار ڪاشف چيو ته جڏهن کين پلانٽ تان ساڍا پنج سئو رپيا في ڪلوگرام تي ايل پي جي ملي ٿي ته پوءِ هو 309 رپين ۾ ڪيئن وڪرو ڪري سگهن ٿا؟هن چيو ته ايل پي جي مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ پلانٽن کان تمام مهانگي ايل پي جي ملي ٿي، تنهنڪري سستي وڪڻڻ ممڪن ناهي. رپورٽ موجب، پاڪستان ۾ روزانو 60 لک ڪلوگرام کان وڌيڪ ايل پي جي استعمال ٿئي ٿي. جيڪڏهن ان کي في ڪلوگرام 300 رپيا اضافي سان ڳڻيو وڃي ته روزانو لڳ ڀڳ هڪ ارب 80 ڪروڙ رپيا اضافي طور عوام کان ورتا وڃن ٿا، جڏهن ته هڪ مهيني ۾ اها رقم 54 ارب 80 ڪروڙ رپين کان به وڌيڪ بڻجي ٿي، جيڪا سڌي ريت عوام جي کيسن مان نڪري رهي آهي.ان حوالي سان اوگرا جي ترجمان، سينيئر ڊائريڪٽر انفورسمنٽ سهيل احمد طارق ۽ سينيئر ڊائريڪٽر سرمد اسلم سان ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪيو ويو، پر سندن طرفان ڪنهن به قسم جو موقف سامهون نه آيو.