واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڀائيٽي ميري ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته سندس چاچي جي جسماني ۽ ذهني صحت ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي، جنهن کي هاڻي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ميري ٽرمپ پنهنجي هفتيوار نيوز ليٽر ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي صحت بابت هلندڙ افواهن تي لکندي چيو ته آمريڪي صدر جي ذهني ۽ جسماني صحت مسلسل خراب ٿي رهي آهي.هن ڊونلڊ ٽرمپ جي غيرمعمولي رويي ۽ رات دير تائين سماجي ميڊيا تي ڪيل پوسٽن جو حوالو ڏيندي لکيو ته، "هو اڃا به ظاهري طور منطقي نظر اچي سگهي ٿو، پر نفسياتي طور تي هو تيزي سان زوال ڏانهن وڌي رهيو آهي.”ميري ٽرمپ موجب، ڊونلڊ ٽرمپ هن وقت پنهنجي غرور کي لڳندڙ ڌڪ سبب شديد ذهني دٻاءَ جو شڪار آهي، ۽ کيس سڀ کان وڌيڪ خوف ذلت ۽ خواري جو آهي.واضح رهي ته ان کان اڳ به هڪ سروي ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ذهني ۽ جسماني طور پنهنجون ذميواريون مؤثر نموني نڀائڻ جي قابل نه آهي، جڏهن ته ٻئي طرف سندس طبي رپورٽ جاري ڪندي کيس ذهني ۽ جسماني طور مڪمل طور صحتمند قرار ڏنو ويو هو.ٻئي طرف وائيٽ هائوس ميري ٽرمپ جي انهن دعوائن کي رد ڪندي چيو آهي ته آمريڪي صدر جي صحت بابت ڪيل اهي دعوائون درست ناهن.