ساڍا 8 ارب رپيا ڪرپشن ڪيس:ضمير عباسي 5 ڏينهن جي رمانڊ تي اينٽي ڪرپشن حوالي

ڪراچي (رپورٽر)ايڊيشنل سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ بي آر ٽي ييلو لائين منصوبي ۾ مبينا 8.5 ارب رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي کي رمانڊ لاءِ عدالت ۾  پيش ڪري ڇڏيو آهي . عدالت جوابدار ضمير عباسي کي پنجن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي اينٽي ڪرپشن جي حوالي ڪري ڇڏيوآهي .عدالت جوابدار کي آزاد ڪرڻ جي درخواست تي سرڪاري وڪيل ۽ جاچ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪيا.سنڌ اينٽي ڪرپشن کاتي پاران لاهور مان گرفتار ڪيل ضمير عباسي کي ڪراچي منتقل ڪرڻ بعد سٽي ڪورٽ ۾ لنڪ جج ايڊيشنل سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. اينٽي ڪرپشن جج موڪل تي هئڻ سبب جوابدار کي لنڪ جج آڏو پيش ڪيو ويو. اينٽي ڪرپشن جي  آفيسرعدالت کي ٻڌايو ته اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جوابدار ضمير عباسي ۽ ٻين تي ٺيڪيدار کي ايڊوانس پئسا جاري ڪرڻ جو الزام آهي، ييلو لائين بي آر ٽي منصوبي ۾ 8.5 ارب رپين جي غير محفوظ مالي مدد جو انڪشاف ٿيو، اينٽي ڪرپشن جي آفيسر چيو ته انڪوائري ڪميٽي منصوبي ۾ سنگين مالي بي ضابطگين جي نشاندهي ڪئي آهي، اڳوڻو پي ڊي ضمير عباسي ۽ اڳوڻو ڊائريڪٽر پروڪيورمينٽ جهامن داس نامزد جوابدار آهن، اينٽي ڪرپشن جي آفيسر وڌيڪ چيو ته ٺيڪيدارن ۽ لاڳاپيل آفيسرن جي مبينا ملي ڀڳت سبب قومي ناڻي کي نقصان پهتو آهي، حڪومت کي هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جو اڻ سڌي طرح نقصان پهتو ۽ ٺيڪيدار کي فائدو پهتو، جوابدارجي  خلاف فراڊ، جعلسازي ۽ اختيارن جي غلط استعمال جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، منصوبو سنگين بدانتظامي ۽ مالي بي ضابطگين جي تابع هو، جاچ آفيسرشير زمان چيو ته جوابدار ضمير عباسي کان جاچ ڪرڻيس آهي ان ڪري 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي.عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته جوابدار خلاف ڪهڙو الزام آهي؟ جوابدار کي ڪٿي گرفتار ڪيو ويو؟جاچ آفيسر چيو ته جوابدار کي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو، ٽرانزٽ رمانڊ ورتو ويو، جاچ آفيسر چيو ته چئن ڏينهن جو ٽرانزٽ رمانڊ حاصل ڪيو ويو، عدالت چيو ته ايف آءِ آر ۾ جوابدار جو ڪردار ڇا آهي؟ جاچ آفيسر چيو ته جوابدارضمير عباسي ييلو لائن جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر هو، ڪيس ۾ ٻيو جوابدارجهامن  داس آهي، ان کي به گرفتار ڪرڻ جي ضرورت آهي،جوابدار کان جاچ ڪرڻ جي ضرورت آهي، سي ايم آءِ ٽي هن ڪيس ۾ پڻ جاچ ڪري رهيو آهي، عدالت چيو ته انڪوائري ۾ جوابدار خلاف ڪهڙا ثبوت مليا؟، جاچ آفيسر چيو ته جوابدارٺيڪيدار کي اڳواٽ ادائيگي ڪئي آهي،عدالت ۾ رپورٽ به پيش ڪئي وئي،جنهن جي موجب  ييلو لائين بي آر ٽي جي ٽن وڏن تعميراتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو، منصوبن ۾ نئين جام صادق پل جي تعمير، دائود چورنگي تي ڊيپو ون ۽ انڊس اسپتال جي ويجهو ڊيپو ٽو شامل آهن، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار جي ڪري منصوبن ۾ مالي نظم و ضبط کي سخت نظرانداز ڪيو ويو، اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي ٺيڪيدارن کي فائدو پهچايو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي ۽ ڊائريڪٽر پروڪيورمينٽ جهامنداس پنهنجن اختيارن جو غلط استعمال ڪيو، منصوبي جي معاهدن ۾ ٺيڪيدارن کي پيشگي ادائيگي يا مالي مدد جو ڪو به بندوبست نه هو، آفيسرن ٺيڪيدارن کي اربين رپيا فراهم ڪيا، رپورٽ جي موجب ته بغير ڪنهن بينڪ گارنٽي جي 8.5 ارب رپين جي مالي مدد فراهم ڪئي وئي، جوابدارن جي سرگرمين جي ڪري سرڪاري خزاني کي نقصان پهتو، عدالت جوابدارکان پچاڻو ڪيو ته توهان جو پورو نالو ڇا آهي؟ ڇا توهان تي  تشدد ته نه ڪيو ويو آهي ؟ ضمير عباسي چيو ته مون کي 11 جون کان لاهور مان گرفتار ڪيو ويو آهي،عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته توهان جي گرفتاري جي ياداشت ۾ ڇا چيو ويو آهي، جاچ آفيسر چيو ته اسان ڪالهه 22 جون تي لاهور مان جوابدار کي گرفتار ڪيو، جوابدار کي 23 تاريخ تي ڪراچي آندو ويو، عدالت چيو ته سرڪاري خزاني کي ڪيترو نقصان پهچايو ويو آهي؟، راج علي واحد ايڊووڪيٽ جوابدار ضمير عباسي جي طرفان پاور آف اٽارني جمع ڪرايو.ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ جي سيڪشن 63 تحت جوابدار ضمير عباسي کي آزاد ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.عدالت سرڪاري وڪيل کي درخواست جي ڪاپي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿي.جوابدارجي وڪيل چيو ته  8.5 ارب جي غلط استعمال جو الزام آهي، وڪيل چيو ته ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته هڪ اڪائونٽ ۾ ساڍا اٺ ارب رپيا رکيا ويا ۽ هڪ ارب کان وڌيڪ جو منافعو ورتو ويو، جوابدارجي  وڪيل چيو ته 11 جون تي ضمير عباسي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سندس درخواست چيئرمين اينٽي ڪرپشن کي موڪلي وئي هئي، جوابدارجي وڪيل چيو ته ضمير عباسي 11 ڏينهن کان غير قانوني حراست ۾ آهي، جوابدارجي گرفتاري لاءِ لاهور مان ڪو به شاهد ناهي، جوابدار تي ڪو به الزام ناهي، جوابدار تي اڳواٽ ادائيگي جو الزام آهي، ڪهڙي منصوبي ۾ اڳواٽ ادائيگي ناهي ڪئي ويندي؟ جوابدارجي وڪيل چيو ته منهنجي اصيل جي  خلاف ڪو به ثبوت ناهي، ڪو به رڪارڊ ناهي، جوابدارجي  خلاف ڪا به اينٽي ڪرپشن انڪوائري ناهي، صرف سي ايم آءِ ٽي انڪوائري آهي جنهن جي ڪا به حيثيت ناهي، جوابدارجي وڪيل چيو ته جوابدارکي عدالت کي سڄي ڪهاڻي پاڻ ٻڌائڻ جي اجازت ڏني وڃي، ٺيڪيدار تي ڪو به الزام ناهي، هو اتي ڪم ڪري رهيو آهي، هي هڪ جعلي ۽ ڪوڙو ڪيس آهي، جوابدارجي گمشدگي جي ايف آءِ آر به داخل ڪئي وئي آهي عدالت چيو ته جوابدار خلاف جاچ ڪرڻي پوندي، سرڪاري وڪيل چيو ته جاچ آفيسر آزاد جاچ ڪندو، جيڪڏهن جوابدار جاچ دوران پاڻ کي بيگناهه ثابت ڪري ٿو ته ان کي آزاد ڪري سگهجي ٿوضمير عباسي چيو ته مون تي ٽيمپرنگ ۽ جعلسازي جو الزام آهي، جيڪو بلڪل غلط آهي، 2025ع جو الزام آهي ته هي هڪ پيشگي ادائيگي هئي ته جيئن مواد خريد ڪري سگهجي، مان فاسٽ ٽريڪ تي وڃڻ جي ڪري ڦاسي پيو آهيان، ضمير عباسي چيو ته ريڊ لائين پروجيڪٽ کي ڏسو، گڊو بئراج، ڏسو شهر ۾ ڪيترا منصوبا دير سان هلي رهيا آهن، منهنجي گهر تي ڇاپو هنيو ويو آهي، جاچ آفيسر کي خبر به ناهي ته مون کي ڪٿان گرفتار ڪيو ويو.

ضمير عباسي کي هٿڪڙين کان سواءِ پيش ڪيو ويو

ڪراچي(رپورٽر) ضمير عباسي کي هٿڪڙيون لڳائڻ کانسواءِ عدالت ۾ آندو ويو.صحافي جوابدار ضمير عباسي کان سوال پڇيا  ته صحافين جا جواب ڏيڻ بدران، جوابدارصرف پنهنجو موقف پيش ڪيو،صحافين چيو ته توهان سينيئر وزيرن جي ويجهو رهيا آهيو، توهان ڪيئن پڪڙيا ويا؟  ضمير عباسي چيو ته انشا الله، جيڪو به ٿيندو عدالت ۾ ٿيندو، ضمير عباسي چيو ته الزام بي بنياد آهن، هي ڪاوڙ آهي،

 

You might also like