جماعت اسلامي پاران سڄي سنڌ ۾”شهادتِ حسين ڪانفرنسون“ منعقد ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر)  جماعت اسلامي سنڌ جي سري هيٺ يومِ عاشور جي موقعي تي 9 ۽ 10 محرم الحرام تي ڪراچي کان ڪشمور تائين  سڄي سنڌ ۾ ”شهادتِ حسين ڪانفرنسون“، تربيتي اجتماع ۽ ”شهداءِ ڪربلا ڪانفرنسون“ منعقد ڪيون وينديون، جن ۾ جماعت اسلامي جا مرڪزي، صوبائي، ضلعي ۽ مقامي اڳواڻ، ممتاز علماءِ ڪرام ۽ دانشور خطاب ڪندا. صوبائي سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا موجب انهن اجتماعن جو مقصد واقعه ڪربلا جي تاريخي اهميت، حضرت امام حسين ۽ اهلِ بيت جي عظيم قربانين، حق ۽ باطل جي ڪشمڪش ۽ اسلامي تعليمات جي روشني ۾ شهادتِ امام حسين جي آفاقي پيغام کي عام ڪرڻ آهي.ان سلسلي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نواب شاهه، سانگهڙ، لاڙڪاڻو، شهدادڪوٽ، شڪارپور، بدين، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان، ڄامشورو، ٽنڊو آدم، ڪنڊيارو، عمرڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ منعقد ٿيندڙ ڪانفرنسن ۽ ميڙاڪن ۾ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪندو. مقرر پنهنجي تقريرن ۾ واقعه ڪربلا جي مختلف گوشن، اسلامي تاريخ ۾ ان جي اهميت، ظلم ۽ جبر خلاف مزاحمت، عدل ۽ انصاف جي قيام ۽ امت مسلمه کي درپيش چئلينجن جي پسمنظر ۾ امام حسين جي جدوجهد تي روشني وجهندا.انهن ميڙاڪن کي جماعت اسلامي پاڪستان جا مرڪزي نائب امير لياقت بلوچ، ڊاڪٽر اسامه رضي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالحق هاشمي، ممتاز حسين سهتو، راشد نسيم، جماعت اسلامي سنڌ جو امير ڪاشف سعيد شيخ، جنرل سيڪريٽري محمد يوسف، نائب امير پروفيسر نظام الدين ميمڻ، حافظ نصرالله چنا، محمد افضل، سيد شاهد هاشمي سميت ٻيا ممتاز علماءِ ڪرام ۽ دانشور خطاب ڪندا.جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري محمد يوسف چيو آهي ته حضرت امام حسين جي قرباني رڳو هڪ تاريخي واقعو نه، پر انسانيت لاءِ حق، انصاف، حريت ۽ ثابت قدمي جو لازوال سبق آهي. محرم الحرام جي ميڙاڪن ۾ نوجوان نسل کي واقعه ڪربلا جي حقيقي پيغام کان آگاهه ڪرڻ ۽ اسلامي قدرن جي فروغ تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويندو.هن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو محرم الحرام جي انهن پروگرامن ۾ ڀرپور شرڪت ڪري شهداءِ ڪربلا جي عظيم قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪن ۽ امام حسين جي حق ۽ سچائي واري پيغام کي پنهنجي عملي زندگيءَ جو حصو بڻائين.

 

You might also like