وفاقي بجيٽ جي قومي اسيمبليءَ منظوري ڏئي ڇڏي،مخالف ڌر جو واڪ آئوٽ

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي مالي بل منظور ڪري ورتو، پهرين جولاءِ کان پگهارن، گاڏين ۽ سوشل ميڊيا جي آمدني تي نوان ٽيڪس لاڳو ٿينداقومي اسيمبلي ايندڙ مالي سال جو مالي بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي، جنهن تحت ٽيڪس نظام، ڪسٽم ضابطن، گاڏين جي درآمد، سوشل ميڊيا جي آمدني ۽ مختلف ڪاروباري شعبن بابت اهم تبديليون متعارف ڪرايون ويون آهن. مخالف ڌر جون سڀئي ترميمون رد ڪيون ويون، جڏهن ته حڪومت جون گهڻيون تجويزون منظور ڪيون ويون.اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس دوران مالي بل جي هر شق جي منظوري مڪمل ڪئي وئي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب مالي بل ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن کي قومي اسيمبلي اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو.اجلاس دوران بجيٽ جي سڀني شقن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو. مخالف ڌر جي  ميمبرن عاليه ڪامران، نعيمه ڪشور ۽ شاهده اختر علي طرفان پيش ڪيل ترميمون رد ڪيون ويون، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ علي قاسم گيلاني پنهنجي ترميم واپس وٺي ڇڏي.نئين ترميمن موجب هاڻي عام واهپيدار پرڏيهه مان ايندڙ موبائل فونن تي لاڳو ٽيڪس هڪ ئي ڀيري ادا ڪرڻ بدران قسطن ۾ به ادا ڪري سگهندا.پهرين جولاءِ کان سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تان آمدني حاصل ڪندڙ ماڻهن تي پنج سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ٿيندو، جڏهن ته ملڪي ۽ پرڏيهي هوائي ڪمپنين کي ڏنل ڪجهه ٽيڪس رعايتون پهرين جولاءِ 2027ع کان لاڳو ٿينديون.مالي بل تحت عاليشان ۽ وڏي انجڻ واري گاڏين تي ٽيڪس وڌايو ويو آهي. 2000 کان 3000 سي سي درآمدي گاڏين تي ايڪسائيز ڊيوٽي 86 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 3000 سي سي کان وڌيڪ انجڻ واري گاڏين تي اها شرح 92 سيڪڙو هوندي.ٻئي طرف برقي گاڏين جي واڌاري لاءِ 75 هزار آمريڪي ڊالر تائين ماليت رکندڙ برقي گاڏين تي ٽيڪس مڪمل طور ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان کان وڌيڪ قيمت وارين برقي گاڏين تي 30 کان 40 سيڪڙو تائين ٽيڪس لاڳو ٿيندو.نئين بجيٽ ۾ پيٽروليم ۽ موسمياتي سهائتا ليوي بابت هڪ اهم شق ختم ڪئي وئي آهي.ان کان علاوه ڪسٽم عملدارن کي پابند بڻايو ويو آهي ته ڪنهن به شهري يا واپاري جا اثاثا ضبط ڪرڻ کان اڳ کيس پنهنجو موقف پيش ڪرڻ ۽ صفائي ڏيڻ جو مڪمل موقعو ڏنو وڃي.حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ ٽيڪس نظام ۾ به ڪيترين ئي اهم تبديليون ڪيون آهن. اسٽيل جي ڪاروبار تي هاڻي بجلي جي استعمال جي بنياد تي سيلز ٽيڪس وصول ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪمپيوٽرائيزڊ نظام سان ڳنڍيل جوتن جي واپارين کي خاص رعايت ڏني وئي آهي.اهي واپاري جن جي سالياني آمدني 20 ڪروڙ رپين تائين آهي، تن کي فائنل ٽيڪس نظام مان نڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي.ٻئي طرف نان فائلرن لاءِ ڏنڊن ۽ سرچارج جي شرحن ۾ نمايان واڌ ڪئي وئي آهي.مالي بل تحت اسٽيٽ بينڪ کي ملڪ جي سڀني بينڪن جي انگن اکرن تي ٻڌل هڪ مرڪزي ڪمپيوٽرائيزڊ نظام قائم ڪرڻ جا اختيار پڻ ڏنا ويا آهن.ان کان علاوه دوائن، ڀاڻ، کنڊ ۽ اليڪٽرانڪس جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ وڏن ورهائيندڙن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪس جي شرح اڌ سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي.قانون ۾ ٽيڪس ڏيندڙن جي حقن بابت به هڪ اهم شق شامل ڪئي وئي آهي، جنهن موجب جيڪڏهن ڪنهن ٽيڪس ڏيندڙ لاءِ آڊيٽر مقرر ڪيو وڃي ته کيس 15 ڏينهن اندر ان مقرري تي قانوني اعتراض داخل ڪرڻ جو حق حاصل هوندو.ناڻي واري وزير قومي اسيمبليءَ جي ميمبر عاليه ڪامران جي ترميمن جي مخالفت ڪئي، پر اسپيڪر مخالف ڌر کي مختصر بحث جي اجازت ڏئي ڇڏي. بل موجب نئين مالي سال لاءِ مختلف شعبن ۾ ٽيڪس سڌارا تجويز ڪيا ويا آهن. آمدني ٽيڪس جي درجن ۾ سالياني 6 لک رپين تائين آمدني رکندڙ ماڻهن کي ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته مختلف آمدني وارن درجن تي هڪ سيڪڙو کان 35 سيڪڙو تائين ٽيڪس جون شرحون مقرر ڪيون ويون آهن. سماجي ميڊيا ۽ آن لائن آمدني، جنهن ۾ يوٽيوب تان حاصل ٿيندڙ آمدني پڻ شامل آهي، تي پنج سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز پڻ شامل آهي.مالي بل ۾ ملڪيت جي خريد ۽ وڪري، بينڪنگ، ڀاڻ جي صنعت ۽ ڪارپوريٽ شعبي تي مختلف شرحن سان اڳواٽ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون ويون آهن.درآمدي گاڏين تي ڊيوٽي ۽ ٽيڪسن جي شرحن ۾ تبديليون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪجهه درجن ۾ گهٽتائي ۽ ڪجهه ۾ واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي. برقي گاڏين تي پڻ مخصوص ڊيوٽي جون شرحون لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.ان کان علاوه، پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن جي جهازن جي پرزن تي 15 سالن تائين سيلز ٽيڪس ۾ ڇوٽ، ۽ ڪجهه فلاحي ۽ سرڪاري ادارن کي ٽيڪس استثنا ڏيڻ جون تجويزون پڻ شامل آهن. ننڍڙن شاگردن جي اسٽيشنري تي به رعايتي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.مالي بل ۾ فائلرن ۽ نان فائلرن بابت قانون وڌيڪ سخت ڪرڻ، وفاقي روينيو اداري جي نوٽيسن جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ لاڳو ڪرڻ، ۽ برقي ٽيڪس نگراني واري نظام کي لازمي بڻائڻ جون تجويزون پڻ شامل آهن. ٽيڪس رٽرن صرف برقي طريقي سان جمع ڪرائڻ جي شرط پڻ لاڳو ڪئي وئي آهي.اجلاس دوران مخالف ڌر جي ميمبرن مختلف ترميمون پيش ڪيون ۽ ڪجهه معاشي فيصلن تي اعتراض پڻ اٿاريا، تنهن هوندي به بل جي منظوري جو عمل جاري رهيو.بجيٽ اجلاس دوران مالي بل تي حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ سخت لفظي ڏي وٺ ٿي. بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف آزاد بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنين (آءِ پي پيز) سان ٿيل معاهدن ۽ بجلي جي شعبي ۾ سڌارن بابت حڪومت جو موقف پيش ڪيو، جڏهن ته بئريسٽر گوهر علي خان بجيٽ کي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار دشمن قرار ڏنو. ٻئي پاسي اسپيڪر سردار اياز صادق آئين جي ڀڃڪڙي بابت لڳايل الزامن جو جواب ڏنو، جڏهن ته مخالف ڌر جي ڪجهه ميمبرن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ جي منظوري دوران حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن هڪ ٻئي تي سخت تنقيد ڪئي.بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف ايوان ۾ خطاب ڪندي چيو ته حڪومت آءِ پي پيز جي مد ۾ 3 هزار 500 ارب رپين جو مالي بار گهٽايو آهي، جڏهن ته بجلي گهرن جي معاهدن جي مدي ۾ به گهٽتائي آندي پئي وڃي.هن چيو ته اهي معاهدا گذريل 35 سالن دوران مختلف حڪومتن ڪيا هئا، تنهنڪري ان معاملي جي ذميواري سڀني تي لاڳو ٿئي ٿي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اهو گناهه آهي ته سڀئي حڪومتون ان ۾ برابر جون شريڪ رهيون آهن، تنهنڪري ٻين تي تنقيد ڪرڻ کان اڳ هر ڪنهن کي پنهنجي ڪردار جو به جائزو وٺڻ گهرجي.پي ٽي آءِ  جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو ته بجيٽ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ ڪو به اثرائتو قدم شامل نه ڪيو ويو آهي.بئريسٽر گوهر چيو ته امير طبقي کي ٽيڪس ۾ رليف ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته غريب عوام تي وڌيڪ ٽيڪسن جو بار وڌو ويو آهي. سندس خيال موجب، هي مالي بل ملڪ ۾ بچيل ڪاروباري سرگرمين ۽ سيڙپڪاري کي به متاثر ڪندو.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق آئين جي ڀڃڪڙي بابت الزامن تي ردعمل ڏيندي چيو ته کيس ٻڌايو وڃي ته هن ڪهڙو آئين ٽوڙيو آهي؟هن چيو ته جيڪڏهن ڪو پاڪستان جي مقابلي ۾ افغانستان جي حمايت ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو ته کيس ايوان اندر اهڙي ڳالهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن واضح ڪيو ته فوج ۽ عدليه خلاف غيرضروري تقريرن جي به اجازت نٿي ڏئي سگهجي .اسپيڪر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن آئين تي عمل ڪرائڻ کي آئين جي ڀڃڪڙي چيو وڃي ٿو ته پوءِ هو اهڙو قدم بار بار کڻندو.قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت يافته ميمبرن ۽ سندن اتحادي جماعتن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، جڏهن ته جمعيت علماءِ اسلام جا ميمبر ايوان ۾ موجود رهيا.مخالف ڌر طرفان مالي بل تي ترميمون پيش نه ڪرڻ تي اسپيڪر ڪيترن ئي ميمبرن جا نالا پڻ سڏيا. جمعيت علماءِ اسلام جي ميمبر عاليه ڪامران ڪجهه ترميمون پيش ڪيون، جڏهن ته ايوان ۾ بجيٽ تي بحث جو سلسلو جاري رهيو.

 

You might also like