مڪلي ويجهو ڪار جي ٽڪر ۾ ماءُ پٽ سميت 3 ڄڻا فوت

ٺٽو(ڊ ر) مڪلي ويجھو قومي شاھراہ تي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر جي نتيجي ۾  راھ ويندڙ ماءُ ۽ پٽ سميت 3 ڄڻا فوت .مڪلي  ويجھو ٺٽو ڪراچي قومي شاھراہ تي درگاہ محمد علي شاہ ڀرسان تيز رفتار ڪار جي ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳوٺ محمد علي شاہ واسي 50 ورھين جي راھ ويندڙ مسمات شيربانو زال محمد عرس ملاح ۽ ان جو 16 ورھين جو پٽ ضامن علي ملاح سخت زخم رسڻ ڪري ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏھن تہ ھڪ ڄڻو غلام رسول برفت زخمي ٿي پيو اطلاع تي مڪلي پوليس پھڇي فوتڻ ماءُ ۽ ان جي پٽ جي لاشن سان گڏ ھڪ زخمي کي سول اسپتال ٺٽو مڪلي منتقل ڪيو ،جڏھن تہ زخمي شورا موري واسي غلام رسول برفت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو جتي ھو اسپتال ويندي رستي ۾ زخمن جا سور نہ سھندي فوت ٿي ويو ھوڏانھن فوتي عورت ۽ ان جي پٽ جي وارثن اسپتال پھچي ٻنھي جي لاشن کي ضروري ڪاروائي بعد ڳوٺ کڻائي ويا ، ھڪ ئي وقت ماءُ ۽ پٽ جي مڙھن جي گهر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو . ھوڏانھن مڪلي پوليس پڻ حادثي واري ھنڌ پھچي ڪار ڊرائيور عامر قريشي کي گرفتار ڪري ڪار کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي

 

You might also like