ڪراچي واسي اسان کي سنڌي جماعت سمجهي ووٽ نٿا ڏين:راشد شاهه راشدي

 

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)پير پاڳاري جي فرزند ۽ فنڪشنل ليگ اڳواڻ راشد شاهه راشدي چيو آهي  ته ڪراچي جي عوام سان سياسي پارٽين، خاص طور تي پيپلز پارٽي، جيڪي واعدا ۽ دوکا ڪيا آهن، تنهن سبب ماڻهو تمام گهڻا پريشان آهن.هن چيو ته هو ڪراچي جي عوام کي يقين ڏيارڻ چاهيون  ٿا ته پير صاحب پاڳاري ۽ اسان  وڏا عرب مان هجرت ڪري هتي آيا هئا. اسان هن خطي ۾ رهون ٿا، تنهنڪري سنڌي ٻولي ڳالهايون ٿا، پر نسل جي لحاظ کان اسين هاشمي ۽ عرب آهيون. هڪ سوال تي هن  چيو ته پير صاحب پاڳارو ان وقت تائين سياسي نظام کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو، جيستائين عوام پاڻ وٽس اچي اهو مطالبو نه ڪندي ته اسان کي نظام تبديل ڪرڻو آهي. جڏهن عوام پاڻ اهڙي گهر نه ڪندي ته پوءِ ماڻهن جي نظر ۾ هلندڙ نظام کي بنا ڪنهن دعوت جي ڇو تبديل ڪيو وڃي؟ سندس چوڻ هو ته سياسي جماعت ۾ به عام ڪارڪنن ۽ عوام کي اڳتي اچي پير صاحب پاڳاري جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. جيستائين ماڻهو پاڻ اڳتي وڌي ساڻس شامل نه ٿيندا، تيستائين پنهنجي بهتري ڪيئن آڻيندا؟ پير صاحب به تڏهن اڳتي وڌندو، جڏهن ماڻهو وٽس اچي اها گهر ڪندا.هن چيو ته  هن وقت ڪراچي ۾ ڪيترائي ماڻهو دل سان پير پاڳاري سان محبت ۽ عقيدت رکن ٿا، پر انهن ۾ اهو تاثر موجود آهي ته پير صاحب بنيادي طور سنڌي آهي، جڏهن ته ڪراچي جي ماڻهن سان ڪجهه سنڌي پارٽين، خاص ڪري پيپلز پارٽي، دوکا ڪيو آهي.

هن چيو ته پير پاڳاري ۽ اسان جا وڏا عرب مان هجرت ڪري آيا هئا. اسين هتي رهڻ سبب سنڌي ٻولي ڳالهايون ٿا، پر نسل جي لحاظ کان هاشمي ۽ عرب آهيون.هن اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن کي مخاطب ڪندي چيو ته هاڻي "مهاجر” سڏائڻ ڇڏي ڏيو، ڇو ته مهاجر اهو هوندو آهي جيڪو هجرت ڪري اچي. جيڪي پوءِ هتي ئي پيدا ٿيا، اهي اسان جا ڀائر آهن، اسان جا سنڌي ڀائر آهن، اسان جا مسلمان ڀائر آهن.هن چيو ته اسان ۾ هندو دوست به آهن، عيسائي دوست به آهن، سڀني کي گڏجي هلڻو پوندو.

 

You might also like