اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)توانائي جي شعبي ۾ خودڪفالتي طرف هڪ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي ڄامشورو پاور پلانٽ کي ٻاهران گهرايل ڪوئلي بدران ٿر جي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان تاريخي قدم سان ايندڙ 26 سالن دوران ملڪ کي 3.239 ارب ڊالرن جي بچت ٿيڻ جو امڪان آهي.ڊورنيئر گروپ ۽ اي وائي پارٿينون پاران بئنڪ ايبل فزيبلٽي اسٽڊي مڪمل ڪري وفاقي وزير اوائس لغاري کي باضابطا طور تي پيش ڪئي وئي آهي.فزيبلٽي اسٽڊي جي رپورٽ موجب، ان منصوبي سان 2.113 ارب ڊالرن جي پرڏيهي مٽاسٽا جي بچت ٿيندي. ڄامشورو يونٽ-1 کي 100 سيڪڙو ٿر لِگنائٽ ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ فني (تڪنيڪي) طور تي مڪمل طور تي ممڪن آهي.پاور ڊويزن جو چوڻ آهي ته هي منصوبو معاشي طور تي انتهائي فائديمند ۽ ماحولياتي حوالي سان قابلِ انتظام هوندو. ان سان پاور سيڪٽر کي مجموعي طور تي 1.720 ارب ڊالرن جو فائدو رسندو، جڏهن ته بجلي جي پيداواري لاڳت ۾ 1.051 ارب ڊالرن جي بچت متوقع آهي. ٿر ڪوئلي جي کاڻين جي توسيع سان 669 ملين ڊالرن جا اضافي فائدا پڻ حاصل ٿيندا.رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته پرڏيهي قرضن تي وياج جي ادائيگي ۾ گهٽتائي اچڻ سان 1.519 ارب ڊالرن جي بچت ٿيندي، جڏهن ته ڄامشورو پلانٽ جي ان تبديليءَ تي 86.2 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري لاڳت ايندي.هي منصوبو وزيراعظم جي پاور سيڪٽر ريفارمز پلان جو هڪ اهم حصو آهي. ٿر جي ڪوئلي جي استعمال سان ٿرپارڪر ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ اتي بنيادي ڍانچي (انفراسٽرڪچر) جي ترقي ٿيندي. ان سان گڏوگڏ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪوئلي جي قيمتن ۽ ڊالر جي لاٿ چاڙهه جا اثر به گهٽ ٿيندا. پاور ڊويزن هن وقت منصوبي تي عملدرآمد جي تياري واري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي.حڪومت مقامي توانائي جي وسيلن کي هٿي ڏيڻ ۽ توانائي جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. توانائي واري وزارت هن منصوبي تي عملدرآمد لاءِ تمام ضروري ريگوليٽري منظوريون حاصل ڪرڻ جو عمل جلد شروع ڪندي.