وڏي وزير پاڻي جو ڪيس زبردست نموني وڙهيو آهي:محمد علي ملڪاڻي

ڪراچي(رپورٽر)فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي سنڌ اسمبلي ۾ بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي عوام جي سياسي شعور کي زبردست لفظن ۾ ساراهيو آهي. هن چيو ته  سنڌ جا ماڻهو انتهائي باشعور آهن ۽ اهي چڱي طرح سمجھن ٿا ته سندن لاءِ عملي طور تي ڪير ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته  جيڪڏهن هن بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي لاءِ وڌيڪ وڏو پيڪيج هجڻ گهرجي ها ۽ ترقياتي ڪمن تي وڌيڪ فوڪس جي ضرورت هئي پر پاڪستان جون دفاعي مجبورين ۽ سيڪيورٽي بجٽ هن وقت ملڪي بقا لاءِ ناگزير آهن. هن جو چوڻ هو ته سڀ کان پهريان پاڪستان آهي، جيڪڏهن پاڪستان قائم آهي ته اسين سڀ قائم آهيون. هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ملڪي دفاع ۽ مسلح افواج کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اسان جا روڊ گهٽ بڻجن ٿا، ترقياتي ڪم متاثر ٿين ٿا يا اسين پگهاردار طبقي جي ان طريقي سان مدد نٿا ڪري سگهون جيڪا ڪرڻ گهرجي ها، ته هي پاڪستان لاءِ تمام ننڍڙي قرباني آهي. ملڪ کي ضرورت پئي ته اسين ان کان به وڏي قرباني ڏيڻ کان پٺتي نه هٽنداسين. هن  سنڌ جي پاڻي جي حقن، ساحلي پٽي (ڪوسٽل بيلٽ) جي ترقي ۽ ضلعي سجاول جي بنيادي ڍانچي (انفراسٽرڪچر) تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صوبائي وزير اسپيڪر جي توسط سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وزير آبپاشي (اريگيشن) کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته هنن وفاق جي سامهون ارسا ۽ سنڌ جي پاڻي جي ڪيس جو جنهن مضبوطي سان دفاع ڪيو آهي، اهو قابلِ ستائش آهي.

 

You might also like