حيدرآباد(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ درياھ تي ڌاڙي، زمينن ۽ وسيلن تي قبضن تان ڌيان ھٽائڻ لاء پيپلزپارٽي سنڌ ڪارڊ ۽ ايم ڪيو ايم مھاجر صوبو ڪارڊ کيڏي رھيا آھن. پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ھڪ سڪي جا ٻہ پاسا آهن. پاڻ ئي حڪمران ۽ پاڻ ئي مخالف ڌر جو تاثر ڏئي عوام کي بيوقوف بڻائي رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ اسان جي آھي ملڪ اسان جو آھي اسان ٺاھيو آهي، سنڌ ڪنهن ڏاج ۾ ڪون آندي آهي؟ اٺ ڪروڙ سنڌين جي آهي ۽ سنڌين جي رھندي. ۽ ڪراچي سنڌ جو تخت گاھ آهي،ڪراچي سنڌ جو روح آهي. ڪراچي جي تحفظ لاءِ سنڌ جا ماڻھو ائين وڙھندا جيئن ڀيڻ ۽ ماءُ جي عزت لاءِ وڙھبو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ تي جيڪڏهن ڪو حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تہ ڪھڙي بہ ايجنڊا تحت ڪھڙي بہ مقصد تحت تہ ياد رکو ڪرپٽ حڪمرانو سنڌ تي حملو ٿيندو تہ تڏهن سنڌ ۾ ذاتين، شھرن،جھنڊن، پارٽين فرق ڪونه ھوندو تڏهن سنڌ ھڪڙي مٺ ھوندي، ھڪڙي تسبيح ھوندي، ھڪڙي للڪار ھوندي ھڪڙو مضبوط حوصلو ۽ عزم ھوندي.اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪو بہ سنڌ ورهائڻ جي ڳالھ ڪري ٿو اهو پاڪستان جو خيرخواھ ناهي