ڪراچي(پ ر)وومين ايڪشن فورم ڪراچي شاخ پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ميرپورخاص ۾ ابنِ سينا يونيورسٽي/محمد ميڊيڪل ڪاليج سان لاڳاپيل ميڊيڪل جي ٽئين سال جي شاگردياڻي فهميده لغاري خودڪشي ڪري حياتيءَ جو انت آندو. فهميده جي خاندان موجب، کيس هڪ استاد طرفان مبينا طور هراسان ۽ بليڪ ميل ڪيو ويندو هو. خاندان جو چوڻ آهي ته مذڪوره شخص کيس امتحان ۾ پاس ڪرڻ لاءِ 40 هزار رپيا گهريا هئا. ٻئي پاسي محمد ميڊيڪل ڪاليج دعويٰ ڪئي آهي ته هراساني بابت اداري ۾ سرڪاري طريقيڪار تحت ڪا به باقاعده شڪايت داخل نه ڪئي وئي هئي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي گهرجي ته سڀني اعليٰ تعليمي ادارن لاءِ جنسي هراساني خلاف سخت هدايتون جاري ڪري بيان ۾ چيو ويو ته ڪاليج جي اختيارين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته فهميده اڳ ۾ ئي ذهني صحت جي مسئلن جو شڪار هئي، فهميده جو خاندان اداري جي موقف سان قطئي سهمت ناهي ۽ سندن خدشن بابت اداري جي ردعمل کي غيرمناسب قرار ڏئي ٿو خاندان جو چوڻ آهي ته فهميده جي وفات کان پوءِ يونيورسٽي يا ڪاليج جو ڪو به نمائندو تعزيت لاءِ سندن گهر نه آيو. وڌيڪ اهو به چيو ويو آهي ته سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته تقريباً ڏهه شاگردن کيس هڪ ڪمري ۾ لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن تائين گهيري ۾ رکي ڌمڪايو ۽ بُليئنگ ڪئي.خاندان جا فرد جاچ رپورٽ جي نتيجن کي به رد ڪن ٿا. وومينز ايڪشن فورم فهميده لغاري ۽ سندس خاندان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڪيس ۾ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي. تنظيم مطالبو ڪيو آهي ته هراساني، بُلينگ ، بليڪ ميلنگ، اداري جي ناڪامين، انتظاميا جي ردعمل ۽ شاهدن يا شاگردن کي ممڪن طور ڌمڪائڻ بابت سڀني الزامن جي هڪ آزاد، شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي.الزامن جي سنگيني ۽ خاندان ۽ تعليمي اداري طرفان پيش ڪيل مختلف موقفن کي نظر ۾ رکندي، عوامي مفاد جو تقاضو آهي ته هن معاملي جي مڪمل، شفاف ۽ ثبوتن تي ٻڌل جاچ ڪئي وڃي.