ايران-آمريڪا ڳالهين جو اثر، اسرائيلي اسٽاڪ مارڪيٽ ۽ ڪرنسي ڪري پئي

تل ابيب(م ڊ) آمريڪا-ايران ڳالهين کان پوءِ، اسرائيلي اسٽاڪ مارڪيٽ ۽ ڪرنسي سخت دٻاءُ هيٺ اچي وئي.هڪ آمريڪي رسالي جي رپورٽ موجب، جون ۾ تل ابيب 35 انڊيڪس 12 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽجي ويو.ساڳئي طرح، اسرائيلي ڪرنسي ڊالر جي مقابلي ۾ تقريبن 5 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اسلام  آباد مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) کان پوءِ خطي ۾ جاري جنگ بند ٿي وئي.

 

You might also like