پاڪستان آسمان مان لٿل ڪو ملڪ ناهي،گڏيل وفاق جو نالو آهي:محمود اچڪزئي

اسلام آباد(بيورو)مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي خطاب ڪندي چيو ته اوهان جي حڪومت جا اڍائي سال پورا ٿيڻ وارا آهن، هاڻي اسان کي پنهنجو لهجو بدلائڻو پوندو. هن چيو ته اسپيڪر طور اوهان ايوان هلائڻ دوران آئين ۽ قانون جو خيال نه رکيو ۽ تيزي سان پنهنجن 14 ساٿين کي اسيمبليءَ مان معطل ڪري ڇڏيو.هن چيو ته لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل جا قيدي ستر سالن کان وڌيڪ عمر جا هئا، خدا جو خوف ڪيو، اوهان پنج ماڻهن کي گڏيل طور 286 سالن جي قيد جي سزا ڏني ۽ ماهه رنگ بلوچ کي به عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي. محمود اچڪزئي چيو ته پاڪستان رڳو نالي جو ملڪ ناهي، پر بلوچستان، سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب تي ٻڌل وفاق آهي. هن سوال ڪيو ته خيبرپختونخوا کي پاڪستان جو حصو ڇو نٿو سمجهيو وڃي؟ هن چيو ته سڀني ميمبرن آئين جي تحفظ جو حلف کنيو آهي، پر حڪومت پنهنجي ووٽن ذريعي عدليه جا اختيار محدود ڪيا آهن.ان دوران وزيراعظم شهباز شريف ايوان ۾ پهتو، جتي  حڪومتي ميمبرن ڊيسڪ وڄائي سندس آجيان ڪئي. وزيراعظم مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي، بئريسٽر گوهر ۽ ٻين مخالف ڌر جي ميمبرن وٽ وڃي هٿ ملايا.هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير ڏانهن هڪ وفد موڪلي ماڻهن سان ڳالهائي، پارليامينٽ کي مضبوط بڻائي ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو.قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران جڏهن مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي اظهارِ خيال لاءِ اٿيو ته سرڪاري ٽيليويزن سندس تقرير سڌي ريت نشر نه ڪئي، جڏهن ته ويب اسٽريمنگ پڻ سندس تقرير شروع ٿيندي ئي بند ڪئي وئي.ايوان ۾ خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته ڪشمير ۾ هميشه پاڪستان سان وفاداري جا نعرا لڳندا رهيا آهن، پر ڪشمير جي ماڻهن سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو، اهو افسوسناڪ هو.هن وزيراعظم شهباز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان چيو ته ٻه رستا ٺاهيا، پر حقيقت اها آهي ته بلوچستان جا وسيلا ورتا ويا، سوئي گئس بلوچستان مان ورتي وئي، جنهن جي بدلي ۾ جيڪڏهن سڄي بلوچستان ۾ رستا به ٺاهيا وڃن ته اهو به گهٽ ٿيندوهن چيو ته اسان پاڪستان جي آئين جي تحفظ جو حلف کنيو آهي. اسان کي نه پئسا گهرجن ۽ نه ئي ڪا ٻي سهولت، رڳو پارليامينٽ کي مضبوط بڻايو وڃي.سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن شهباز شريف پارليامينٽ کي مضبوط بڻائيندو ته هو پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو، ۽ اهڙي قدم تي مخالف ڌر کيس مڪمل حمايت ۽ ساٿ ڏيندي.هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ کي ئي رياستي طاقت جو اصل سرچشمو بڻجڻ گهرجي، جتان ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جوڙڻ جا فيصلا ٿيڻ گهرجن.هن چيو ته انگريزن جي دور کان وٺي بزرگ قيدين کي رعايت ڏيڻ جي روايت رهي آهي، پر هتي ستر ستر ورهين جي عمر وارن ماڻهن کي ٻه سئو ستر سالن تائين قيد جون سزائون ڏنيون پيون وڃن.هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ جي سڀني قوميتن کي سندن آئيني ۽ قانوني اختيار ڏنا ويندا ته پاڪستان ترقي ڪندو ۽ وڌيڪ مضبوط ٿيندو. هن چيو  ته موجوده حڪومت جا اڍائي سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن، پر ملڪ جي چوڌاري تباهي واري صورتحال آهي، تنهنڪري حڪمرانن کي پنهنجو رويو تبديل ڪرڻو پوندو.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي خطاب کان پوءِ اظهارِ خيال ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته حڪومت جا اڍائي سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن، پر وزيراعظم اڄ جنهن انداز ۾ ڳالهه ڪئي، اها کيس هرگز پسند نه آئي.هن چيو ته سندس هڪ بزرگ چيو هو ته، "پاڪستان آهي ته اسين آهيون”، پر هاڻي حڪمرانن وٽ وقت تمام گهٽ بچيو آهي ۽ ملڪ جي چوڌاري وڏي تباهي پکڙيل آهي، تنهنڪري هاڻي سڀني کي پنهنجو لهجو ۽ رويو تبديل ڪرڻو پوندو. هن  چيو ته پاڪستان آسمان ۾ موجود ڪو ملڪ ناهي، پر بلوچستان، سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي گڏيل وفاق جو نالو آهي.هن سوال ڪيو ته خيبرپختونخوا کي برابر جو پاڪستان ڇو نٿو سمجهيو وڃي؟هن چيو ته آزاد ڪشمير جا ماڻهو اٽي ۽ ٻين بنيادي ضرورتن لاءِ دانهن ڪري رهيا آهن، پر وزيراعظم جو رويو مايوس ڪندڙ هو.سندس چوڻ هو ته بلوچ اڳواڻن کي گهرائي کين واضح لفظن ۾ ٻڌايو وڃي ته بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق اتي جي ٻارن جو آهي، ۽ اهڙي ئي خاطري سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جي عوام کي پڻ ڪرائي وڃي.پنهنجي خطاب جي آخر ۾ محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان سڀني پاڪستان جي آئين جي حفاظت جو حلف کنيو آهي، تنهنڪري پارليامينٽ کي مضبوط بڻائڻ ضروري آهي.هن چيو ته پاڪستان دنيا جو هڪ اهم ملڪ آهي ۽ وٽس هڪ بهترين فوج موجود آهي.آخر ۾ هن افسوس جو اظهار ڪندي ايوان کي ياد ڏياريو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو باني عمران خان اڃا تائين جيل ۾ قيد آهي.

 

You might also like