اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن اپوزيشن چونڊ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ ايتري ئي تيار آهي ته پوءِ ان کي 2018 جي عام چونڊن کان شروعات ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اها حڪومت جائز هئي ته پوءِ هي به جائز آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته مخالف ڌر چوي ٿي ته هي هڪ ناجائز حڪومت آهي، پوءِ اچو ته 2018 جي چونڊن جي جاچ ڪريون. ڇا انهن ۾ جادو نه هو؟ ڇا دٻا نه ڀرجي ويا هئا؟ ڇا ماڻهن کي بيلٽ پائي اسلام آباد نه آندو ويو هو؟ جيڪڏهن اها حڪومت جائز هئي ته پوءِ هي به هڪ جائز حڪومت آهي. جيڪڏهن جاچ ڪرائي وڃي ته پهريان 2018 جي چونڊن جي جاچ ڪئي ويندي، پوءِ اسان 2024 ۾ به اينداسين . جيڪڏهن معاملو سامهون آيو ته اهو تمام گهڻو اڳتي وڌندو. پرڏيهي پاليسي تي ڳالهائيندي شهباز شريف ايوان کي ٻڌايو ته پاڪستان تازو ايران-آمريڪا مفاهمت جي عمل ۾ تاريخي ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو. سوئزرلينڊ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ پاڪستان ثالث جي حيثيت سان ‘اسلام آباد مفاهمت جي ياداشت’ تي صحيحون ڪيون. پاڪستان جي ڀرپور سفارتي ڪوششن جي ڪري، اڄ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ بندي ٿي وئي آهي ۽ ٽيڪنيڪل سطح جون ڳالهيون ايندڙ 60 ڏينهن تائين جاري رهنديون، جيڪي بعد ۾ مستقل امن معاهدي جي صورت اختيار ڪنديون. سٺ ڏينهن کان پوءِ آمريڪا ۽ ايران هڪ مستقل عالمي امن معاهدي تي پهچندا، ڪالهه دنيا جون سڀئي اخبارون پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري جي تعريف ڪري رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته اڄ ايران جو صدر پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، اڄ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ساڻس ڳالهيون ٿينديون، اڄ تڪراري مسئلا اٿارڻ جو ڏينهن نه هو، مخالف ڌر جي اڳواڻ جيڪو چيو اهو حقيقتن جي خلاف آهي، ته هي هڪ غير قانوني حڪومت آهي.هن فخر جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي هن مثبت ڪردار کي دنيا جي سڀني وڏن بين الاقوامي رسالن ۽ اخبارن جي پهرين صفحن تي ساراهيو پيو وڃي. ايراني صدر اڄ پاڪستان پهچي رهيو آهي. هي دورو پاڪستان جي خاص دعوت تي ٿي رهيو آهي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، اقتصادي تعاون ۽ علائقائي استحڪام تي اهم صلاح مشورا ڪيا ويندا. گذريل ٽن مهينن ۾ پاڪ ايران ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن.