اها ڪيڏي نه حيرت ۽ افسوس جي ڳالهه آهي ته سياسي دانشور، ليکڪ ۽ روزاني عوامي آواز ڪراچي جو رپورٽر ذوالفقار راڄپر جيڪو ڪافي عرصي کان جيري جي بيماري ۾ ورتل آهي ۽ جنهن جي علاج لاءِ اخبارن، ٽي وي چينلن، سوشل ميڊيا جي پليٽ فارمن تان وقت به وقت اپيلون به ڪيون ويون آهن پر انهن اپيلن جو ڪو گهربل ۽ فيصلائتو نتيجو ناهي نڪري سگهيو تنهن ڪري اڄ پاڻ سڌو سنئون سنڌ حڪومت يعني سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، اطلاعات کاتي جي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان مخاطب آهيون ته سنڌ جي سينئر صحافي ۽ پريس ڪلب ڪراچي جي ميمبر ذوالفقار راڄپر سان سڌو سنئون رابطو ڪري سندس علاج ۽ دوائن جو بندوبست ڪيو وڃي.
ذوالفقار راڄپر ڪافي عرصي کان جيري جي بيماري ۾ ورتل آهي جنهن جو وقت سر علاج نه ٿيڻ سبب اها بيماري شديد کان شديد ٿيندي پئي وڃي. تازي رپورٽ آهي ته سندس پيٽ ۾ پاڻي به جمع ٿيڻ لڳو آهي، ٻيو ته هاڻي کيس هلڻ گهمڻ ۾ به واضح تڪليف ٿيڻ لڳي آهي، ڪيترائي ڀيرا هلندي زمين تي ڪري به پيو آهي. عوامي آواز ميڊيا گروپ بيماري جي حالت ۾ سندس ڀرجهلو بڻجندو رهيو آهي سندس مالي مدد به ڪندو رهيو آهي ته سندس علاج ۽ دوائن لاءِ به ڪوششون پئي ڪيون آهن. پر مهانگائي جي موجوده ريڪارڊ دور ۾ اهڙين بيمارين کي حڪومتون ئي منهن ڏئي سگهن ٿيون تنهن ڪري سنڌ حڪومت کي پاڻ وينتي ڪنداسين ته اها ان صحافي جي زندگي جي بچائڻ لاءِ اڳتي اچي جنهن ضياءَ الحق جي سخت مارشل لائي دور ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ جيل ڪاٽيو. 1983 کان 1986 تائين جمهوريت جي بحالي لاءِ هليل تحريڪ دوران گهٽ عمر جي جن نوجوانن گرفتاريون ڏنيون هيون انهن ۾ ذوالفقار راڄپر به شامل هو.
اڄ سنڌ ۾ جمهوري ۽ عوام جي چونڊيل حڪومت آهي پر افسوس ته ان جمهوريت جي بحالي واري جدوجهد ۾ حصو وٺندڙن، جيلن ۾ ويندڙن، ڪوڙا کائيندڙ ۽ سزائون ماڻيندڙ سياسي ورڪرن کي هونئن ته ياد نه ڪيو آهي پر بيمارين ۾ به سندن علاج جو ڪو اونو نه ٿي رکي. نه ئي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ اهڙن ڪردارن بابت ڇپيل خبرن، ڪالمن ۽ ايڊيٽوريل جو ڪو نوٽيس ورتو ويو آهي. ان جو سبب ڇا آهي اهو سوچڻ ۽ سمجهڻ اطلاعات کاتي سنڌ جو ڪم آهي ته اهو کاتو پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي خبرن، رپورٽن، ڪالمن ۽ ايڊيٽوريلز تي نظر رکن ۽ انهن جو نوٽيس وٺن.
ذالفقار راڄپر ڪافي عرصي کان بيمار آهي، ڪراچي پريس ڪلب جو سرگرم ميمبر آهي جتي سڀ صحافي ۽ رپورٽر سندس دوست ۽ ساٿي به آهن پر ذوالفقار راڄپر جي علاج لاءِ ڪا غير معمولي ۽ فيصلائتي اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي. ذوالفقار جي جي علاج لاءِ جيڪڏهن ڪو آواز اٿاريو ويو آهي، ڪا اڳڀرائي ٿي آهي ته ان ۾ نمايان ڪردار عوامي آواز ميڊيا گروپ جو رهيو آهي. هاڻي به عوامي آواز ميڊيا گروپ ذوالفقار راڄپر جي ترت علاج جو سوال اٿاري رهيو آهي.
اسان ڪيترائي ڀيرا ايڊيٽوريل ذريعي سنڌ حڪومت کي اها تجويز ڏيندا رهيا آهيون ته اها قلمي ۽ فني، شعبن سان تعلق رکندڙ سينئر قلمڪارن، فن ڪارن اداڪارن توڙي شوبز سان واسطو رکندڙ ٽيڪنيڪل ماڻهن جي بيمارين ۾ علاج واسطي هڪ خاص اسپتال قائم ڪري جتي هر اديب، صحافي ۽ فنڪار وغيره مفت ۾ علاج ڪرائي سگهي يا وري حڪومت قلمي ۽ فني شعبن سان تعلق رکندڙ سينئر شخصيتن جي نالن جي فهرست پنهنجي ريڪارڊ ۾ رکي ۽ انهن لاءِ ضرورت پٽاندڙ اسپتال ۾ ميڊيڪل پينل واري سهولت مهيا ڪري يا ميڊيڪل ڪارڊ ٺاهي رکي ته جيئن اها بيماري جي نوعيت کي ڏسندي صحافين، اديبن، فنڪارن، اداڪارن، مصورن، سنگيت ڪارن، موسيقارن، سازندن وغيره جي علاج جو فوري بندوبست ڪري سگهي پر افسوس ته حڪومت کي اها آئيڊيا سمجهه ۾ نه اچي سگهي آهي جڏهن ته ڏات ڌڻين جو بروقت علاج نه ڪرائڻ يا موثر انتظام نه ڪرڻ سبب اها هر دور ۾ بدنام به ٿي آهي پر حيرت آهي ته حڪومت پاڻ مٿان بدنامي جو اهو ليبل لاهڻ جي ڪڏهن به ڪوشش ناهي ڪئي. جڏهن ته پنهنجي تجويز آهي ته ان کي ”ماءِ آرٽسٽ“ نالي اهڙي قسم جي اسپتال قائم ڪرڻ گهرجي
جيستائين سنڌ حڪومت کي ”ماءِ آرٽسٽ“ نالي اسپتال يا ڪو خاص يونٽ قائم ڪرڻ واري آئيڊيا سمجهه ۾ اچي تيستائين جيڪو هنگامي بنياد تي کيس ڪم ڪرڻ گهرجي سو اهو آهي ته اها سينئر صحافي پريس ڪلب ڪراچي جي ميمبر ۽ عوامي آواز جي رپورٽر ذوالفقار راڄپر سان سڌو رابطو ڪري سندس علاج ۽ دوائن جو فوري انتظام ڪري. حڪومت کي هاڻي به موقعو آهي ۽ اهو قيمتي موقعو ان کي وڃائڻ نه گهرجي ۽ ذوالفقار راڄپر جهڙي نظرياتي، ترقي پسند، جمهوريت پسند ۽ عوام دوست اثاثي کي هر قيمت تي بچائڻ لاءِ قدم کڻي ۽ اهو قدم موجوده جمهوري ۽ عوامي حڪومت ان احساس وچان کڻڻ گهرجي ته جيڪڏهن سڀاڻي هن جمهوري حڪومت کي ڪو راتاهو ڏنو ويو ته ذوالفقار راڄپر جهڙا نظرياتي ۽ جمهوريت پسند صحافي ئي سندس حقن ۽ بحالي لاءِ روڊن رستن تي هوندا
سو پ پ جمهوري حڪومت کي گهرجي ته اها جمهوريت پسند ۽ نظرياتي صحافي ذوالفقار راڄپر کي پنهنجو محسن قرار ڏئي ڪري سندس حياتي بچائڻ جي ايئن ڪوشش ڪري جيئن ذوالفقار راڄپر جمهوريت کي ضياءَ الحق جي دور ۾ بچائڻ لاءِ پنهنجي ضمير تحت جدوجهد ڪئي هئي