شاھه جي مختلف رسالن ۾ سُر ڪيڏارو

ياسر قاضي

شاهه جي رسالي جو ”سُر ڪيڏارو“ ڪربلا جي دل ڏاريندڙ واقعي جو بيان آهي. جنھن ۾ اھلِبيتِ رسولﷺ جي ڪربلا جي ميدان ۾ پھچڻ کان وٺي جنگ جي منظرن ۽ ويڙھه جي دؤران واري ڪشمڪش کانپوءِ امامن جي شھادت ۽ ان بعد شامِ غريبان وارن دل سوز منظرن جي ڀرپور عڪاسي ڪئي وئي آهي. ڀٽائيءَ جي ڪن شارحن جو خيال آهي ته سُر ڪيڏارو شاھه سائينءَ جو چيل ڪلام ناهي، بلڪه ڌاريو ڪلام آهي. جن جا هنن دليل به ڏنا آهن. اچو ته مختصر ريت فقط اهو جائزو وٺون ته ڀٽائيءَ جي دستياب مقبول ڇاپي نسخن منجهان ڪھڙي ڪھڙي رسالي ۾ شاھه جي ڪھڙي ڪھڙي شارحَ، ڪيڏاري کي ڪيتري جاءِ ڏني آهي.

¨ ڊاڪٽر هوتچند مُولچند گربخشاڻيءَ جو ٽن جلدن ۾ ترتيب ڏنل شاھه جو رسالو، جيڪو مڪمل نه هئڻ باوجود عالماڻي لحاظ کان انتھائي مستند نسخو مَڃيو ويندو آهي، ان ۾ سُر ڪيڏارو پھرين جلد جي آخري سُر طور ڏنل آهي، جنھن ۾ ڪل 73 بيتَ ۽ 6 وايون شامل آهن. جن جي ترتيبَ هن ريت آهي:

¨ ◙ داستان پھريون: 11 بيتَ ــ هڪ وائي (اڄ ميرَ مومنن جا، مدينو ڇڏي هليا)

¨ ◙ داستان ٻيون: 10 بيتَ ــ هڪ وائي (واويلا! ڪيو مَلڪن رڻ ماتام)

¨ ◙ داستان ٽيون: 14 بيتَ ــ هڪ وائي (يا علي! يا علي! سِر يتيمن جي آئي)

¨ ◙ داستان چوٿون: 11 بيتَ ــ هڪ وائي (سارو ڏينھن رِڻَ ۾ رھيا سي امامَ)

¨ ◙ داستان پنجون: 12 بيتَ ــ هڪ وائي (اڄ نه آيو امام، واويلا، مومنا، ماتام، واويلا!)

¨ ◙ داستان ڇھون: 15 بيتَ ــ هڪ وائي (ماتام امامن جو ڪرئو، ماتام شھيدن جو ڪَرئو)

¨ غلام محمّد، محمّد ابراھيم شاهواڻيءَ جي ترتيب ڏنل شاھه جي رسالي ۾ سُر ڪيڏاري ۾ ڪل 72 بيتَ ۽ 6 وايون شامل آهن. جن جي ترتيبَ هن ريت آهي:

¨ ◙ داستان پھريون: 11 بيتَ ــ هڪ وائي (اڄ ميرَ مومنن جا مدينو ڇڏي هليا)

¨ ◙ داستان ٻيون: 10 بيتَ ــ هڪ وائي (واويلا! ڪيو مَلڪن رڻ ماتام)

¨ ◙ داستان ٽيون: 14 بيتَ ــ هڪ وائي (يا علي! يا علي! سِر يتيمن جي آئي)

¨ ◙ داستان چوٿون: 11 بيتَ ــ هڪ وائي (سارو ڏينھن رڻ ۾ رھيا سي امامَ)

¨ ◙ داستان پنجون: 11 بيتَ ــ هڪ وائي (اڄ نه آيو امام، واويلا، مومنا، ماتام، واويلا!)

¨ ◙ داستان ڇھون: 15 بيتَ ــ هڪ وائي (ماتام امامن جو ڪريو، ماتام شھيدن جو ڪَريو)

¨ مرزا قليچ بيگ، پنھنجي سھيڙيل شاھه جي رسالي ۾ سُر ڪيڏاري جي ترتيب هيءَ رکي آهي:

¨ ◙ فصل پھريون: 10 بيتَ ــ هڪ سرائڪي وائي (ميندي لاوڻ ڏي، جئَين شاھه ميندي لاوڻ ڏي!)

¨ ◙ فصل ٻيون:11 بيتَ ــ هڪ مختصر سرائڪي وائي (داغ سيني پر غم ڪا، هي ماتم ڪا، ياعلي!)

¨ ◙ فصل ٽيون: 12 بيتَ ــ هڪ وائي (اڄ نه آيو امام، واويلا! مومنا! ماتام! واويلا!)

¨ ◙ فصل چوٿون: 9 بيتَ ــ هڪ وائي (واويلا، ڪَيو مَلَڪن رڻ ماتام)

¨ ◙ فصل پنجون: 11 بيتَ ــ هڪ سرائڪي وائي (چلو يارو! مسلمانو! ڪافر ماريا هئي حسين ڪُون)

¨ ◙ فصل ڇھون: 19 بيتَ ــ هڪ وائي (امامن جو ڪَريو ماتام، شھيدن جو ڪريو ماتام)

¨ ان طرح سان قليچَ پنھنجي سھيڙيل شاھه جي رسالي ۾ ڪل 72 بيت ۽ 6 وايُون شامل ڪيون آهن.

¨ عثمان علي انصاريءَ جي ترتيب ڏنل رسالي ۾ ڪيڏاري ۾ 75 بيتَ ۽ 6 وايون هن ترتيب سان شامل آهن:

¨ ◙ داستان پھريون: 11 بيتَ ــ هڪ وائي (اڄ ميرَ مومنن جا مدينو ڇڏي هليا)

¨ ◙ داستان ٻيون: 10 بيتَ ــ هڪ وائي (واويلا! واويلا! ڪيو مَلڪن رڻ ماتام)

¨ ◙ داستان ٽيون: 16 بيتَ ــ هڪ وائي (يا علي! يا علي! سِر يتيمن جي آئِي)

¨ ◙ داستان چوٿون: 11 بيتَ ــ هڪ وائي (سارو ڏيھن رڻ ۾، رھيا سي امامَ)

¨ ◙ داستان پنجون: 12 بيتَ ــ هڪ وائي (اڄ نه آيو امام، واويلا! مومنا! ماتام! واويلا!)

¨ ◙ داستان ڇھون: 15 بيتَ ــ هڪ وائي (ماتام امامن جو ڪريو، ماتام شھيدن جو ڪَريو)

¨ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ترتيب ڏنل شاھه جي رسالي ۾ سُر ڪيڏاري ۾ ڪل 71 بيتَ ۽ 5 وايون شامل آهن. جن جي ترتيبَ هن ريت آهي:

¨ ◙ داستان پھريون: 11 بيتَ ــ هڪ وائي (اڄ ميرَ مومنن جا مدينو ڇڏي هليا)

¨ ◙ داستان ٻيون: 11 بيتَ ــ هڪ وائي (يا علي! يا علي! سِر يتيمن جي آئي)

¨ ◙ داستان ٽيون: 11 بيتَ ــ هڪ وائي (اڄ نه آيو امام، واويلا، مومنا، ماتام، واويلا!)

¨ ◙ داستان چوٿون: 8 بيتَ ــ هڪ وائي (واويلا! ڪيو مَلڪن رڻ ماتام)

¨ ◙ داستان پنجون: 11 بيتَ

¨ ◙ داستان ڇھون: 19 بيتَ ــ هڪ وائي (امامن جو ڪريو ماتام، شھيدن جو ڪَريو ماتام)

 

¨ ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو ترتيب ڏنل ’شاهه جو رسالو‘ ابتدائي قاعدي جي حيثيت رکي ٿو، جيڪو ڀٽائيءَ جي نَون پڙهندڙن لاءِ بيحد ڪارآمد آهي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ به ڏنل آهي ته پُورن پُورن بيتن جي سمجهاڻي به ڏنل آهن، پر هن رسالي جي اها عالماڻي حيثيت ناهي، جيڪا گربخشاڻيءَ ۽ شاھواڻيءَ جي رسالن کي حاصل آهي. ڪلياڻ آڏواڻيءَ واري رسالي ۾ سر ڪيڏارو شامل ته آهي، پر ان ۾ هڪ به وائي شامل ناهي ۽ مختلف داستانن ۾ بيتن جو ڳاڻيٽو به ٻين رسالن کان گهٽ آهي. آڏواڻيءَ جي رسالي ۾ ڪيڏارو ڪل 42 بيتن تي مشتمل هڪ مختصر سُرَ طور شامل آهي، جنھن جي پھرين داستان ۾ 5، ٻئين ۾ 4، ٽئين داستان ۾ 11، چوٿين ۾ 6، پنجين داستان ۾ 10 ۽ ڇھين ۽ آخري داستان ۾ 6 بيت شامل آهن.

¨ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ پنھنجي رسالي ۾ ڪيڏاري کي شامل ته ڪيو آهي، پر ان جي تعارف ۾ پاڻ لکي ٿو: ”هن سُر جا گهڻا بيت احسان فقير جا چيل آهن. حضرت امام حسين عليه السلام جي شھادت جو قصو هر مسلمان ننڍي وڏي کي معلوم آهي. البته قصي ۾ ڪي غلط ۽ اڻپوريون ڳالهيون به ٽُنبيون ويون آهن. اميد ته رسالي جي شرح ۾ قصي جي اصليت تي پُوري روشني وڌي ويندي.“ (ص: 204)

¨ قاسمي صاحب ڪيڏاري جي فصل پھرين ۾ 10 بيت ۽ هڪ سرائڪي وائي (ميندي لاوڻ ڏي، جئَين شاھه ميندي لاوڻ ڏي)، فصل ٻئين ۾ 11 بيت ۽ هڪ سرائڪي وائي (داغ سيني پر غم ڪا، هي ماتم ڪا، ياعلي!)، فصل ٽئين ۾ 12 بيت ۽ هڪ وائي (اڄ نه آيو امام، واويلا، مومنا ماتام، واويلا)، چوٿين فصل ۾ 9 بيت ۽ هڪ وائي (واويلا، ڪَيو مَلڪن، رِڻ ماتامُ)، فصل پنجين ۾ 11 بيت ۽ هڪ سرائڪي وائي (چلو يارو! مسلمانو! ڪافر ماريا هيءِ حسين ڪُون) ۽ فصل ڇھين ۾ 19 بيت ۽ هڪ مختصر وائي (امامن جو ڪريو ماتام، شھيدن جو ڪريو ماتام) شامل آهن. مجموعي طور تي قاسمي صاحب واري شاھه جي رسالي جي ڪيڏاري ۾ 72 بيت ۽ 6 وايون شامل آهن.

¨ ٻانهي خان شيخ جي ترتيب ڏنل شاھه جي رسالي جي پھرين جلد جي آخري سُر طور سُر ڪيڏارو آيل آهي. جنھن ۾ ڪل 88 بيتَ ۽ 6 وايون شامل آهن. جن جي ترتيبَ هن ريت آهي:

¨ ◙ داستان پھريون: 14 بيتَ ــ هڪ سرائڪي وائي (داغ سيني پر غم ڪا، هي ماتم ڪا… يا حسين!)

¨ ◙ داستان ٻئو: 12 بيتَ ــ هڪ سرائڪي وائي (ميندي لاوَڻ ڏي، جيوين شاھه ميندي لاوَڻ ڏي)

¨ ◙ داستان ٽئو: 14 بيتَ ــ هڪ سرائڪي وائي (چلو يارو مسلمانو، شھيدا ڪافر مارئا هي)

¨ ◙ داستان چوٿون: 19 بيتَ ــ هڪ وائي (مومنو! ماتام واويلا! اڄ نه آيو امام، هَي واويلا!)

¨ ◙ داستان پنجون: 16 بيتَ ــ هڪ وائي (هَي! ماتام! ٻَر! ماتام! امامن جو ڪريو ماتام، شھيدن جو ڪَريو ماتام)

¨ ◙ داستان ڇھون: 13 بيتَ ــ هڪ وائي (واويلا! واويلا! ڪيو مَلَڪن رڻ ماتام)

¨ مٿي ذڪر ڪيل سمورن نُسخن منجهان ڪيڏاري ۾ وڌ ۾ وڌ بيتَ ٻانهي خان شيخَ شامل ڪيا آهن. علامه آءِ آءِ قاضيءَ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سر ڪيڏاري کي شاھه جي رسالي ۾ شامل ناهي ڪيو، ڇاڪاڻ ته سندن تحقيق مطابق اهو ڀٽائيءَ جو ڪلام ڪونه ٿو لڳي. بلوچ صاحب شاھه جي رسالي جي مڪمل متن جي جلد ڏھين (شاھه جو رسالو ــ رسالي جو ڪلام) ۾ سر ڪيڏارو ڏنو آهي. هن جلد ۾ اهو ڪلام شامل آهي، جيڪو رسالي جي مختلف نسخن ۾ ته شامل آهي، پر اهو بلوچ صاحب جي نظر ۾ شاھه سائينءَ جو پنھنجو ڪلام ڪونهي. بلوچ صاحب به ڪيڏاري ۾ شامل ڪلام کي احسان فقير جو ڪلام ٿو سمجهي.

¨ هڪ ٻي عجيب ڳالهه اها آهي ته شاھه جي رسالي جو شيخ اياز پاران ڪيل منظوم ترجمو، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري رسالي کي ماخذ بڻائي ڪيو ويو آهي، پر شيخ اياز، سر ڪيڏاري جو اردو ترجمو ڪونهي ڪيو. جيتوڻيڪ گربخشاڻيءَ جي ترتيب ڏنل رسالي ۾ (جيئن مٿي ذڪر ڪري آياسين) ته 73 بيتن ۽ 6 واين سان سُر ڪيڏارو واضح طور تي شامل آهي. ان ڏس ۾ شاهه جي رسالي جي شيخ اياز پاران ڪيل منظوم اردو ترجمي جي پھرين ڇاپي جي پيش لفظ ۾ 1963ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي وائيس چانسلر طور خدمتون انجام ڏيندڙ رضي الدين صديقي، ناشر جي حيثيت ۾ لکي ٿو: ”ڇاڪاڻ ته ترجمي ڪرڻ کان اڳ ’شاھه جي رسالي‘ جو مستند نسخو فراهم ڪرڻ ضروري هو، ان لاءِ پھرين ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي مرتب ڪيل معياري نسخي کي چونڊيو ويو ۽ ان جي آخري حصي لاءِ، جنھن کي گربخشاڻي پورو نه ڪري سگهيو هو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي معياري نسخي مرتب ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي.“

¨ آغا سليم جي ترجمو ڪيل شاھه جي رسالي ۾ سُر ڪيڏاري ۾ ڪل 75 بيتَ ۽ 6 وايون شامل آهن. جن جي ترتيبَ هن ريت آهي:

¨ ◙ داستان پھريون: 11 بيتَ ــ هڪ وائي (’اڄ ميرَ مومنن جا مدينو ڇڏي هليا‘ جو ترجمو)

¨ ◙ داستان ٻيون: 10 بيتَ ــ هڪ وائي (’واويلا! ڪيو مَلڪن رڻ ماتام‘ جو ترجمو)

¨ ◙ داستان ٽيون: 16 بيتَ ــ هڪ وائي (’يا علي! يا علي! سِر يتيمن جي آئي‘ جو ترجمو)

¨ ◙ داستان چوٿون: 11 بيتَ ــ هڪ وائي (’سارو ڏينھن رڻ ۾ رھيا سي امامَ‘ جو ترجمو)

¨ ◙ داستان پنجون: 12 بيتَ ــ هڪ وائي (’اڄ نه آيو امام، واويلا، مومنا، ماتام، واويلا! ‘ جو ترجمو)

¨ ◙ داستان ڇھون:  15 بيتَ ــ هڪ وائي (’ماتام امامن جو ڪريو، ماتام شھيدن جو ڪَريو‘ جو ترجمو)

¨ آغا صاحب ڪي ٻه ٻه بيت ملائي گڏ به ترجمو ڪيا آهن. اهڙن بيتن تي هن ٻه ٻه شمار نمبر لڳايا آهن. انهن سمورن نسخن ۾ هڪ ڳالهه سڀني ۾ ساڳئي آهي ته جن جن شارحن پنھنجن ترتيب ڏنل نسخن ۾ سُر ڪيڏارو شامل ڪيو آهي، ان ۾ 6 داستان ئي شامل ڪيا آهن. داستانن جو ڳاڻيٽو گهٽ وڌ ناهي.

 

You might also like