اهو دماغ مان ڪڍي ڇڏيو ته سنڌ ڏاڏي آدم کان اڳ هئي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ واري مخالفت تي تَپي باهه ٿي ويو.

ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ هڪ جلسي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي مخالفت ڪندڙن تي ڇوهه ڇنڊيندو رهيو ۽ نئين انتظامي يونٽن جي قيام جي ڳالهه ڪندو رهيو.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته اها جيڪو دماغ ۾ ڀوت اَٿوَ ته سنڌ آدم عليه السلام کان به اڳ ۾ هئي، اهو ڪڍي ڇڏيو.

وفاقي وزير سنڌي قوم تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته توبهه نعوذب الله، آدم عليه السلام کان اڳ سنڌ هئي وارو دماغي وهم نڪرڻ گهرجي.

You might also like