اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي طرفان پارليامينٽ ۾ حڪومت سان سهڪار نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان پيپلزپارٽي ايندڙ حڪم تائين پارليامينٽ ۾ حڪومت سان سهڪار نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پيپلزپارٽي قانونسازي جي عمل ۾ پڻ حڪومت جو ساٿ نه ڏيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ حڪومتي بلن جي حمايت نه ڪندي، جڏهن ته منظوري واري مرحلي ۾ پڻ حڪومتي بلن جي مخالفت ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ حڪومتي بلن بابت ضروري ترميمون پڻ پيش ڪندي.
پيپلز پارٽي جو وفاقي حڪومت سان سهڪار نه ڪرڻ جو فيصلو، قانونسازي ۾ به حصو نه وٺندي:ذريعا
You might also like