ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته اسان اوڀر پاڪستان وڃائي چڪا آهيون. بلوچستان، خيبرپختونخوا، گلگت ۽ ڪشمير ۾ به حالتون خراب آهن، پنجاب ۽ سنڌ ۾ اهڙي قسم جو ڪو به ايڊونچر نه ڪيو وڃي، جنهن سبب اتي جا ماڻهو به روڊن تي نڪري اچن.
ڪراچي ۾ اين سي سي آءِ اَي طرفان طلبي نوٽيس جاري ڪرڻ کانپوءِ اياز لطيف پليجو اين سي سي آءِ آفيس پهتو، جنهن کانپوءِ هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اين سي سي آءِ طرفان چانهه پيئاري چيو ته سوالنامو بعد ۾ موڪلينداسين.
هن چيو ته پهريان مون سوال پڇيا ته ايف آءِ اي ۽ ان جي آفيس جو نئين اداري سان ڇا تعلق آهي؟
نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي بابت به مون سوال ڪيا ته هي نئون ادارو ڇا آهي ۽ ان جو ڪردار ڪهڙو هوندو؟
اسان ڪيترن ئي ٻين معاملن، خاص طور تي آءِ ٽي ۽ سائبر سيڪيورٽي جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
سندس چوڻ هو ته هن نئين اداري جي قيام بابت مون اهو سوال به ڪيو ته پاڪستان ۾ سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ ڪيترا ماڻهو پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آهن ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪيترا ماڻهو ان شعبي ۾ تحقيق ڪري رهيا آهن.
هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ويو ته ڪنهن هڪ ملڪ ۾ سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ ماڻهن جو انگ لڳ ڀڳ 900 آهي، جڏهن ته اسان وٽ رڳو 4 ماڻهو آهن، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سائبر سيڪيورٽي ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ اسان ٻين ملڪن کان ڪيترو پوئتي آهيون. ان تي پڻ ڳالهه ٿي ته هن صورتحال کي ڪيئن بهتر بڻائي سگهجي ٿو.
مون مني لانڊرنگ جي حوالي سان پڻ سوال ڪيو ته پاڪستان ۾ مني لانڊرنگ خلاف ڪم ڪندڙ شعبي کي وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط ڪرڻ گهرجي، ان حوالي سان جواب به سٺو هو.
اياز لطيف پليجي موجب، پر هڪ ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته سنڌ هزارين سالن کان هڪ ڌرتي، هڪ زمين ۽ هڪ وطن آهي، سنڌ پاڪستان ٺاهيو آهي، سنڌ پاڪستان جي باني آهي.
هن چيو ته سنڌ جو ڳاٽ اوچو هوندو، ان جون زمينون آباد ٿينديون، ان جا وسيلا سنڌ جي ماڻهن تي خرچ ٿيندا ۽ ميرٽ قائم ٿيندي، اسان جا ٻار سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سامهون ويٺا آهن. جيڪڏهن سنڌ ۾ ميرٽ هوندي ته ان مان بهتري ڪنهن جي ٿيندي؟ پاڪستان جي ئي ٿيندي.
اياز لطيف چيو ته تنهنڪري ڪو به مونجهارو پيدا نه ڪريو ۽ ڪنهن به قسم جي ايڊونچرزم کان پاسو ڪريو، اهڙو ڪو به قدم نه کنيو وڃي، جنهن سان سنڌ ۾ حالتون خراب ٿين.
هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو تمام گهڻو پريشان آهن. انهن کي ڀت سان لڳائڻ جو عمل پاڪستان جي حق ۾ ناهي.
قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه چيو ته اسان اوڀر پاڪستان وڃائي چڪا آهيون. بلوچستان، خيبرپختونخوا، گلگت ۽ ڪشمير ۾ به حالتون خراب آهن، پنجاب ۽ سنڌ ۾ اهڙي قسم جو ڪو به ايڊونچر نه ڪيو وڃي، جنهن سبب اتي جا ماڻهو به روڊن تي نڪري اچن.
هن وڌيڪ چيو ته ماڻهن کي جيئڻ ڏيو ۽ ماڻهن کي جيئڻ ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته رول آف لا تي هليو وڃي، آئين تي عمل ڪيو وڃي ۽ قانون جي ڪتاب موجب ملڪ هلائجي.
ان کان اڳ ڪراچي پهچڻ سندس چوڻ هو ته ”اٺ ڪروڙ سنڌين جي ڪهڙي ڳالهه، ڪهڙو موقف اوهان کي نٿو وڻي، اهو ٻڌايو.“
اياز لطيف پليجي چيو ته هو قانون ۽ آئين تي يقين رکندڙ وڪيل ۽ سياسي ڪارڪن آهي ۽ عدالتن جي نوٽيسز يا قانوني عمل کان ڪڏهن به ناهي ڀڄندو.
هن چيو ته ”اسان وڪيل آهيون، اسان کي جڏهن به ڪورٽ مان نوٽيس ملندو آهي ته مقرر تاريخ تي پيش ٿيندا آهيون، نمبر اچي يا بورڊ ڊسچارج ٿئي، اسان صفا ۽ صبر سان پنهنجو موقف پيش ڪندا آهيون.“
قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه چيو ته هو پنهنجي قانوني ۽ سياسي جدوجهد جاري رکندو ۽ ڪنهن به قانوني عمل کان پاسو نه ڪندا.