سون اگهه ۾ وڏي لاٿ، هزارين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ في تولو سون جي اگهه ۾ 10 هزار 400 رپين جي لاٿ آئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ في تولو سون 10 هزار 400 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 4 لک 32 هزار 236 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جي قيمت ۾ به 9 هزار 360 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ 10 گرام سون جو اگهه 3 لک 68 هزار 985 رپيا ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جي قيمت ۾ نمايان لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جتي سون 104 ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 هزار 98 ڊالر في اونس تي پهچي ويو آهي.

You might also like