محرم وري موٽي آيو آهي. وري ڪارا جهنڊا ڦڙڪن ٿا، وري عزاداري جا جلوس نڪرن ٿا، وري سبيلن تي پاڻي ورهايو وڃي ٿو، وري حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس وفادار ساٿين جي لازوال قرباني کي ياد ڪيو وڃي ٿو. وري ڪربلا جي اُڃ، صبر، وفا ۽ حق جي جنگ جا داستان ورجايا وڃن ٿا. وري ننڍڙا ٻار سبيلن تي بيهي اُڃايلن کي پاڻي پيارين ٿا، وري ماتمي قافلا رستن تان گُذرن ٿا ۽ وري فضائن ۾ ”يا حسين عليه السلام“ جون صَدائون گونجن ٿيون.
پر سنگرار جي هڪ غريب گهر ۾ محرم جو چنڊ خوشي جو پيغام نه پر هڪ پراڻو زخم کولي ڇڏي ٿو. اُتي هڪ ماءُ آهي، جيڪا هر سال محرم جي آمد سان خاموش ٿي وڃي ٿي. سندس اکين ۾ اوچتو ڳوڙها تري اچن ٿا، سندس نظرون ڪنهن اڻڄاتل واٽ ڏانهن کُتل رهجي وڃن ٿيون. ڇو ته هِن کي ياد اچي وڃي ٿي ته سندس معصوم ڌيءَ پريا ڪماري به محرم جي اُنهن ئي ڏِينهَن ۾، ماڻهن کي پاڻي ۽ شربت جي سيبل پياريندي، اوچتو سندس زندگي مان ھٿ ڇڏائي گم ٿي وئي. وري ماتمي جلوس نڪرن ٿا، وري سبيلون لڳن ٿيون، وري پاڻيءَ جا ٿڌا گلاس اُڃايلن تائين پُهچن ٿا، پر پريا جي ماءُ جي سُڪل چپن تائين اطمينان جو هڪ ڍُڪُ به نٿو پُهچي. سندس دل اڄ به ساڳي اُڃ ۾ مبتلا آهي، اُها اُڃ پَنهنجي ڌيءَ جي هڪ جهلڪ ڏسڻ جي، سندس آواز ٻُڌڻ جي، کيس سيني سان لڳائڻ لاءِ پنج سال گُذري ويا آهن. پنج محرم اچي چُڪا آهن. هر سال عاشوري جو ڏِينهُن اچي ٿو ۽ گُذري وڃي ٿو، پر پريا جي گهر ۾ وقت ڄڻ بيهي ويو آهي. اُتي اڄ به هر در جي کڙڪڻ تي اُميد جاڳي ٿي، هر فون جي گهنٽي تي دل ڌڙڪي پوي ٿي، هر ايندڙ ويندڙ ماڻهن ۽ ٻارڙن کي ڏسي اکين ۾ هڪ سوال اُڀري ٿو ته ”شايد مُنھنجي پريا موٽي آئي هجي“ .
پريا جي بازيابي لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪيترائي احتجاجي مظاهرا ٿيا. سياسي، سماجي، ادبي ۽ انساني حقن سان لاڳاپيل تنظيمن بار بار آواز اٿاريو. سول سوسائٽي جا ماڻهو روڊن تي نڪتا. شاگردن، استادن، وڪيلن، صحافين ۽ اديبن پريا جي بازيابي لاءِ مطالبا ڪيا. سوشل ميڊيا کان وٺي پريس ڪلبن تائين، هر هنڌ پريا جو نالو گونجندو رهيو. سنڌ جي شعور به خاموشي اختيار نه ڪئي. ڪيترن ئي قلمڪارن مضمون لکيا، شاعرن نظم چيا، دانشورن تقريرون ڪيون ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن عالمي ادارن تائين آواز پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر افسوس سان چوڻو ٿو ته اڄ تائين اُهو آواز نتيجي ۾ تبديل نه ٿي سگهيو آهي.
سوال اُهو به آهي ته جيڪڏهن هڪ معصوم نياڻي تقريباً پنج سالن تائين بازياب نه ٿي سگهي ته پوءِ رياستي ادارن جي ڪارڪردگي تي سوال نه اُٿندا ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ گڏيل جاچ ٽيمون ٺاهيون ويون، پوليس جون ڪميٽيون جوڙيون ويون، شڪي ماڻهن کان پڇاڳاڇا ڪئي وئي، پر نتيجو اَڃا تائين صفر آهي. هر نئين جاچ کان پوءِ ڪُجهه ڏينهن لاءِ اُميد پيدا ٿيندي رهي ٿي، پر پوءِ اُها اُميد به ٻين اُميدن وانگر دم ٽوڙي ويندي رهي ٿي. پريا جي ڪهاڻي صَرف هڪ ٻارڙي جي گمشدگي جي ڪهاڻي ناهي، پر اُها اسان جي سماج جي بي حسي، انتظامي ناڪامي ۽ انصاف جي دير جي به ڪهاڻي آهي. جڏهن هڪ ٻارڙي جو ڪو پتو نه پوي ته اُن سان گڏ ڪيترائي سوال به گم ٿي ويندا آهن. اُنهن سوالن جا جواب اڄ تائين ڪنهن وٽ به ناهن. پريا جي عمر جا ٻار هاڻي اسڪولن ۾ وَڏين جماعتن ۾ پُهچي چُڪا آهن. ڪيترين نياڻين پَنهنجا خواب جوڙڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. پر پريا جي عمر ڄڻ پنج سال اڳ ئي بيهي رهي آهي. سندس تصوير اڄ به ماڻهن جي ذهنن ۾ ستن سالن جي معصوم نياڻي جي صُورت ۾ محفوظ آهي. اُها ڳالهه به انتهائي ڏُکائيندڙ آهي ته وقت گُذرڻ سان ڪيترائي واقعا ماڻهن جي يادگيرين مان ڌنڌلا ٿي ويندا آهن، پر پريا جو درد اڄ به زندهه آهي. ڇو ته اُهو درد صَرف هڪ خاندان جو نه، پر سَڄي انسانيت جو درد آهي. جڏهن ڪنهن ٻار جو مستقبل گم ٿي وڃي ته سماج جو ضمير به زخمي ٿي پوي ٿو. محرم اسان کي قرباني، صبر، حق ۽ انصاف جو درس ڏئي ٿو. ڪربلا جو پيغام اُهو آهي ته ظُلم خلاف آواز بُلند ڪيو وڃي ۽ مظلوم جو ساٿ ڏنو وڃي. جيڪڏهن اسان واقعي ڪربلا جي فلسفي کي سمجهون ٿا ته پوءِ پريا جهڙن معصوم ٻارن لاءِ به آواز اُٿارڻ گهرجي. ڇو ته خاموشي به ڪڏهن ڪڏهن ظُلم جي مددگار بڻجي ويندي آهي.
محرم ته هر سال موٽي اچي ٿو، پر پريا اَڃا تائين نه موٽي آهي. سنڌ جي ماڻهن جو مطالبو اڄ به ساڳيو آهي، پريا ڪماري کي بازياب ڪيو وڃي. سندس گھرڀاتين جي انتظار کي ختم ڪيو وڃي. انصاف کي صَرف فائيلن ۽ رپورٽن تائين محدود نه رکيو وڃي، پر عملي نتيجا سامهون آندا وڃن. ڇاڪاڻ ته هر گُذرندڙ ڏينهن سان هڪ خاندان جي تڪليف وڌندي وڃي ٿي. پريا جي بازيابي صَرف هڪ نياڻي جي واپسي نه هوندي، پر اُها انسانيت جي فتح، انصاف جي ڪاميابي ۽ اُميد جي بحالي هوندي. اُهو ڏينهن سنڌ جي لکين ماڻهن لاءِ خوشيءَ جو ڏينهن هوندو، جيڪي سالن کان هِن معصوم نياڻي جي واپسي لاءِ راھون نھاري رهيا آهن. اڄ به سنڌ جي هر حساس رکندڙ دلين مان هڪ ئي آواز نڪري ٿو. اي سَڄي ڪائنات جا مالڪ: پريا ڪماري کي محفوظ واپس آڻ. سندس ماءُ جي اکين مان انتظار جا ڳوڙها ختم ڪر. سندس پيءُ جي دل کي سڪون عطا ڪر. ۽ هِن ڌرتيءَ تي اهڙو نظام قائم ڪر، جتي ڪنهن به ماءُ کي پَنهنجي معصوم ٻار جي وڇوڙي جو هي عذاب نه سَهڻو پوي.