برساتن ۽ درياهه ۾ پاڻي جي واڌ کانپوءِ واري صورتحال

غلام حسين لغاري

شڪر الحمدلله! دير آيد درست آيد، درياءَ سنڌ ۾ مستقل طور ئي نه سهي، پر عارضي طور ئي سهي، ان ۾ پاڻي جو چاڙهه ڏسڻ ۾ مليو آهي، جيڪو پنجاب جو ٿورو ناهي پر پروردگار جي رحمت آهي، جنهن ملڪ جي اترين علائقن سميت سنڌ جي جابلو علائقن ۾ مينهن وسايا. سنڌ جو ڪچو، ڪاڇو ۽ ٿر وسا ۽ آباد ٿيڻ لڳا آهن. اتان جي ماڻهن جي چهرن تي مرڪون موٽي آيون آهن، جو ڏڪاري حالتن جو خاتمو ٿيندو، مال متاع لاءِ گاهه ڦٽندو، جنهن سان مال جي پڻ واڌ ٿيندي ۽ خوشحالي ايندي۔

ڪاش! درياءَ ۽ ان جي ڪئنالن، واهن، شاخن ۽ ڍورن ۾ اهو پاڻي معمول مطابق اپريل-مئي ۾ اچڻ گهرجي ها، پر پنجاب پاران ٺاهيل غيرقانوني ڪئنالن ۽ پاڻي جي ٿيل چوري سبب اهو وقت سر ۽ معمول مطابق نه ڇڏڻ ڪري هن سال سنڌ جو وڏو معاشي نقصان ٿيو آهي، جو وونئڻ، ڪمند ۽ سارين جا مک فصل پوکجي نه سگهيا. جيڪڏهن پوکيا به ويا ته اهي سڪي سڙي تباهه ٿي ويا، جنهن جو ننڍن آبادگارن کي ته ڪاپاري نقصان پهتو پر سنڌ جي زرعي معيشت کي هن خريف ۾ نقصان پهچڻ جا چٽا امڪان آهن۔ سائيون ڀاڄيون گهٽ پوکجڻ سبب انهن جا مارڪيٽ ۾ اگهه ان ڪري به وڌيا آهن، جو سائيون ڀاڄيون پنجاب، ايران ۽ ٻين صوبن مان آڻي سنڌ جي مارڪيٽن ۾ وڪرو ڪيون ويون، جيڪي هن وقت به مهانگي اگهه تي وڪرو ٿي رهيون آهن۔ پنهنجو ٽماٽو، بصر، پنهنجو انب ۽ ٻيا ميوا به اڻلڀ رهيا، جڏهن ته سنڌ حڪومت پاڻي جي کوٽ، مهانگائي ۽ پنجاب جي زورآوري کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي۔

درياءِ سنڌ ۾ پاڻي اچڻ ۽ ڍنڍن ڍورن جي ڀرجڻ ڪري هن سال سنڌ جي ماڻهن کي سستي مڇي ۽ مهانگو پلو کائڻ لاءِ ملندو ۽ ملي به رهيو آهي۔ اها چوڻي ته پلو روهڙي واري پير صدر شاهه جي حاضري ڀرڻ لاءِ سمنڊ مان درياءَ رستي ڪشالا ڪري ابتو سفر ڪري اتي ويندو آهي، خدا جو شڪر آهي جو هن ڀيري پلو روهڙي تائين به پهچي چڪو آهي، جو سکر ۾ هڪ ڪلو کان ٽن ڪلو وزن وارو پلو مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيندي ڏسڻ وٽان مليو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي جو پلو ڏسڻ وٽان ته مليو آهي، پر اهو مهاڻن جي هٿان يرغمال بڻيل آهي ۽ ڏهن هزارن کان پنجويهن هزارن تائين وڪرو ٿي رهيو آهي، جيڪو غريبن جي وس کان ٻاهر آهي۔ بهرحال، جيڪڏهن مهاڻا خوشحال ٿين ٿا تڏهن به سنڌ جي خوشحالي ليکبي۔ هن وقت حيدرآباد سميت سنڌ جي مڇي مارڪيٽن ۾ پلو عام جام ڏسڻ وٽان ملي ٿو، جيڪو خدا جي نعمت آهي؛ البته عام ماڻهوءَ جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويو آهي. نه ته ڪو دور هو جو عام ماڻهو يا غريب غربي جي گهر ۾ به هفتي ۾ ٻه ڏينهن پلو پچندو هو، مهمانن کي به سوکڙي طور موڪلبو ۽ کارائبو هو۔ هاڻ ته ڪمزور ڪنڊن واريون پلڙيون به هزار کان گهٽ ناهن، جن کي هٿ لڳائڻ جا به پئسا هوندا آهن۔ اوهان ورتو يا نه، مون 1955ع ۾ ننڍي هوندي ٻن رپين جو پلو ورتو هو ۽ والد صاحب جي بقول هن پاڪستان کان اڳ پائي جو به پلو ورتو هو۔ مون آخري ڀيرو پلو ويهارو سال کن اڳ راجپوتانا اسپتال سامهون ٽن سؤ ۾ ورتو هو، هاڻ ته پلڙيون به مهانگيون ٿي ويون آهن۔

پاڪستان کان اڳ جيتوڻيڪ غربت هوندي هئي، پوءِ به سنڌ جي هر گهر ۾ هفتي ۾ ٻه ڀيرا پلو ضرور پچندو ۽ کائبو هو۔ 1987ع ۾ آءٌ لنڊن ۾ بنگالين جي گهر ۾ رهندو هوس، جتي هر پندرهين ڏينهن بنگلاديش جو پلو ايندو هو، وزن ۾ پنج ڇهه ڪلو جو هوندو هو، اسين به کائيندا هئاسين؛ ٽيسٽ ۾ سنڌي پلي جهڙو هوندو هو ۽ تيار به اسان جيان ڪندا هئا، جيڪو اتي ٽيهن چاليهن پائونڊن جو، يعني پاڪستاني رپين ۾ پنجن ڪلو وارو پلو ڏيڍ کان ٻن هزارن ۾ پوندو هو۔ دنيا جي جن به ملڪن ۾ درياءَ ۽ سمنڊ گڏجن ٿا، اتي پلو پيدا ٿئي ٿو ۽ شوق سان کاڌو وڃي ٿو۔ سمنڊ ۾ به پلو جام آهي، گوادر ۽ پسني وٽان ايراني پلو ملي ٿو، پر ان پلي جي افزائش ۾ درياءَ جو پاڻي نه هجڻ ڪري درياءَ واري پلي جي ٽيسٽ ناهي هوندي، ان ۾ کارپڻ وڌيڪ هوندي آهي، جنهن جي گهڻي کائڻ سان پيٽ خراب ٿي وڃي ٿو۔ اسان جا ميربحر ڪاروباري ڀائر ايراني ۽ سامونڊي پلي کي درياءَ جو پلو ڪري تڏهن وڪرو ڪندا آهن جڏهن درياءَ خشڪ هوندو آهي۔ ڪراچي جا مهاجر ۽ بنگالي سامونڊي پلو شوق سان کائيندا آهن، جتي خاص مارڪيٽن ۾ هر وقت ملي ٿو۔ وري به سنڌ جي ماڻهن لاءِ پلو هڪ نعمت آهي، جو درياءَ ۾ چاڙهه اچڻ بعد گهٽ ۾ گهٽ مهينو ٻه نج درياءي پلو ته کائڻ لاءِ ملي ٿو، پوءِ اهو مهانگو هجي يا سستو۔

پلي مڇيءَ جو ذڪر پنهنجي جاءِ تي، پر ٿر، ڪاڇي، ڪوهستان ۾ پيل ۽ پوندڙ برساتن ۽ ڪچي ۾ درياءي ٻوڏ واري پاڻي جي ان ڪري به اهميت آهي جو اتي قدرتي طور پيدا ٿيندڙ ٻوٽن ۽ وڻن جي افزائش ٿئي ٿو، جنهن سان خوشگوار ماحول ڏسڻ وٽان ملي ٿو۔ جڏهن اتي برساتون پون ٿيون ته ماڻهن ۽ سياحن جو رخ اوڏانهن ٿئي ٿو، اتان جي ٻهراڙين جي ماڻهن کي، خاص ڪري غربت جي ماريل ماڻهن کي روزگار ملي ٿو. نه صرف ماڻهو، پر جانور ۽ جيت جڻيان به پنهنجي پسگردائيءَ ۾ خوش ڏسڻ ۾ اچن ٿا، متارا ۽ توانا ٿيڻ لڳندا آهن. خاص ڪري مالوندن جو ڪاروبار وڌي ٿو، کير، مکڻ، ماکي، ديسي گيهه ۽ کنڀيون کائڻ لاءِ ملن ٿيون، جن جي واپرائڻ سان انسان کي صحت مند زندگي ملي ٿي۔ کنڀي عالمي سطح تي واپرائي وڃي ٿي، جنهن جي مارڪيٽ آهي، پر سنڌ ۾ اسين ديسي قدرتي کنڀين کي کاڌ خوراڪ لاءِ استعمال ڪريون ٿا؛ جڏهن ته ڪاروباري سطح تي به کنڀين جي پوک ۽ پيداوار وڌائڻ لاءِ آبهوا سازگار آهي، جنهن لاءِ سنڌ جي آبادگارن کي سکيا ۽ مالي معاونت فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ الڳ رٿا عمل ۾ آڻڻ گهرجي۔ فشريز کاتي جي ماهرن جو به چوڻ آهي ته درياءي پلي کان هٽي ڪري فارمي پلو پيدا ڪرڻ جا به امڪان موجود آهن، جنهن تي پڻ غور ڪرڻ گهرجي۔

سنڌ جي ڪچي، ڪاڇي، ڪوهستان ۽ ٿر وارن علائقن ۾ جيڪي به سياح وڃن ٿا، تن کي گهرجي ته وڻن ۽ مختلف ڀاڄين جا ٻج پاڻ سان کڻي وڃن ۽ اتي ڇٽيندا اچن، ته جيئن وڻن جي واڌ ٿي سگهي۔ واپسيءَ وقت اتان جي مارو ماڻهن کان ڪيميڪل کان پاڪ پوکيل ڀاڄيون، ميوا ۽ سوغاتون خريد ڪيون وڃن، جنهن سان مارو ماڻهن جي مالي امداد ٿي سگهندي۔ جيڪڏهن ڪو بيوس ۽ غريب نظر اچي ته ان کي ڪپڙن جو ڪو نئون يا پراڻو وڳو ۽ نقدي خرچي به ڏيڻ گهرجي۔ ٿيڻ ته اهو گهرجي ها ته سنڌ سرڪار تازو پيل برساتن ۽ ٻوڏ بابت عوام کي ڪا آگاهي ڏئي ها، پر اها اڃا تائين ائين ناهي ڪري سگهي۔ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ زمين اندر موجود کاري پاڻي کي مٺو بڻائڻ واري سائنس ۽ وسيلا سامهون آندا وڃن، ته جيئن مستقبل ۾ زراعت کي محفوظ رکي منافعي بخش بڻائي سگهجي۔

You might also like