ٽرمپ پنهنجي مقبوليت تي ڌيان ڏئي:جارجيا ميلوني

روم/واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي ردعمل ڏيندي کيس پنهنجي مقبوليت تي ڌيان ڏيڻ جو مشورو ڏنو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب جارجيا ميلوني چيو ته ٽرمپ جا لڳاتار ۽ بنا سبب ڪيل حملا بي معنيٰ آهن. هن چيو ته ٽرمپ جو دوست هجڻ سبب سندس مقبوليت ۾ ڪو به اضافو نه ٿيو آهي.ميلوني وڌيڪ چيو ته هن هميشه اٽلي جي قومي مفادن جو دفاع ڪيو آهي، ۽ آمريڪا فوجي اڏن بابت ٿيل معاهدن جي ڀڃڪڙي  نٿو ڪري سگهي.اطالوي وزيراعظم چيو ته سندس مقبوليت سان ڊونلڊ ٽرمپ جو ڪو به واسطو نه هجڻ گهرجي، ۽ سندس صلاح آهي ته ٽرمپ پنهنجي مقبوليت تي ڌيان ڏئي. هوڏانهن  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني تي طنز ڪندي چيو آهي ته هوءَ پنهنجي گهٽجندڙ مقبوليت کي وڌائڻ لاءِ ٻيهر ساڻس ويجهڙائي پيدا ڪرڻ چاهي ٿي. اٽلي ۾ جارجيا ميلوني جي مقبوليت تيزي سان گهٽجي رهي آهي، ۽ شايد ان جو سبب ايران واري معاملي تي آمريڪا جي موقف جي حمايت نه ڪرڻ آهي.

 

You might also like