اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ چيئرمين بئرستر گوهر طرفان پارٽي ميمبرن کي وفاقي بجيٽ جي حمايت جي هدايت ڪئي وئي، اسلام آباد ۾ اهم مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ عامر ڊوگر، جنيد اڪبر سميت قيادت شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ بنون حملي جي مذمت ڪئي وئي، شهيدن لاءِ دعا ۽ اڳواڻن جي سزائن تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو، باني چيئرمين جي آزادي لاءِ مختلف آپشنن تي غور ڪيو ويو ۽ بجيٽ سيشن کان پوءِ اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ٿيو جنهن ۾ اڳتي جي لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي.