آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اڄ فني سطح تي ڳالهيون رٿيل

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت فني سطح جون اهم ڳالهيون  21 جون تي سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ ٿينديون.پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهن ڳالهين ۾ آمريڪا ۽ ايران جا نمائندا شرڪت ڪندا، جڏهن ته پاڪستان ۽ قطر ثالث طور پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.ترجمان چيو ته پاڪستان ذميوار ثالث طور پنهنجو ڪردار جاري رکندي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت ٿيل اڳڀرائي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سهولتڪاري ڪندو رهندو.پرڏيهي آفيس موجب هي عمل خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ڌرين وچ ۾ سفارتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڪوششن جو حصو آهي.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انهن ڳالهين جو مقصد باهمي سمجهه، اعتماد ۽ سفارتي رابطن ذريعي معاملن کي اڳتي وڌائڻ آهي.

 

You might also like