تهران(عوامي آواز نيوز) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ايران جي لاڳاپن سان گڏ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي واري معاهدي کانپوءِ علائقي جي موجوده صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.گهرو وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي تهران پهچڻ تي ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني هوائي اڏي تي سندس گرمجوشي سان استقبال ڪيو.تهران ۾ ٻنهي ملڪن جي گهرو وزيرن وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل معاهدي کي خطي ۾ پائيدار امن لاءِ هڪ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي پڻ چيو آهي ته پاڪستاني گهرو وزير جو ايران جو دورو آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي سلسلي ۾ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جو تسلسل آهي.